تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

مھانگائي جو راڪاس ۽ ماڻهن جي زندگيءَ تي پوندڙ اثر!

مھانگائي يا (انفليشن) شين ۽ خدمتن جي تسلسل سان وڌندڙ قيمتن واري عمل کي چئبو آهي. مھانگائي ڪري پيسن جي خريداري سگھه گھٽجي وڃي ٿي جنهن ڪري، ماڻھن جو روزمره وارو خرچ وڌي ويندو آھي. مطلب خريدارن کي ساڳين شين ۽ خدمتن خريدڻ لاءِ وڌيڪ پئسا ڏيڻا پوندا آهن. ڪنھن به ماڻھوءَ جي رھڻي ڪھڻي جو معيار گھڻي ڀاڱي ان جي آمدني ۽ خرچن سان لاڳاپيل ھوندو آهي. مھانگائي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن روزاني خرچ وڌندا آهن. معاشيات جي ماھرن موجب مھانگائي جا مکيه ڪارڻ، 1- شين جي فراهمي (سپلاءِ) ۽ گھرج (ڊمانڊ) جي اڻبرابري ھجڻ ڪري (جڏهن خريدارن جو وڌندڙ تعداد محدود مقدار ۾ موجود شين خريد ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ مقابلو ڪندو آهي)، 2- ٻيو جڏهن شين ٺاھڻ وارن وسيلن (inputs) جي قيمتن ۾ اضافو اچي ٿو ته مھانگائي ٿئي ٿي، 3- مھانگائي ٿيڻ جو ھڪ سبب ھي به آهي ته جڏهن سرڪار پنھنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ذريعي نوان ڪرنسي نوٽ ڇپرائي (جڏهن ملڪ ۾ پيسا پيداوار کان وڌيڪ ھوندا ته مھانگائي وڌندي. 4- جڏهن ٻاھران گھرايل سامان (امپورٽ ڪيل پيٽرول، ڊيزل، دوائون، اليڪٽرانڪس، مشينري، وغيره) مھانگو ٿي وڃي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ ڪرايا ڀاڙا وڌي وڃڻ ڪري قيمتن ۾ واڌ ٿيندي آهي.
مھانگائي ڪڏهن سست رفتار ته ڪڏهن تڪڙي ۽ ڪڏهن ‏تيزيءَ سان وڌندي آهي، اھڙي قسم جي مھانگائي کي ھائپر انفليشن چيو ويندو آھي، ان دوران قيمتون 100 سيڪڙو کان وڌي وينديون آهن. مھانگائي جو ذڪر معاشيات جي لٽريچر ۾ 1960ع واري ڏهاڪي کان ‏پوءِ عام ٿيڻ لڳو، جڏهن مھانگائي خاص ڪري امير ملڪن ۾ ھڪ وڏو مسئلو بڻجي اڀري‎. مارڪس مھانگائي جا سبب ڄاڻائيندي چيو ته، دولت جي ورھاست وارو تضاد مھانگائي ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آھي، ‏ٻيو وڏو سبب وڏيون وڏيون ھڪ ھٽيون قائم ٿيڻ ۽ سرڪاري مداخلت ذريعي سندن پٺڀرائي ۽ قرض جي ‏ذريعي ھٿراڌو ڊمانڊ ۽ سپلائي جو وڌڻ شامل آهن (سلوا گلياڊ ڊي سوزا‎)
ملٽن فرائيڊمين چواڻي انفليشن بنا قانون جي ھڪڙي قسم جو ڄڻ ‏ٽيڪس آھي. جيمس ڪڪ مطابق اھا امير ماڻهوءَ کي وڌيڪ امير ۽ غريب کي وڌيڪ غريب ڪري ٿي. مارگريٽ ٿيچر جو چوڻ آهي ته ‏مھانگائي اسان سڀني جو قدر گھٽائي ٿي. جارج گوبل چواڻي مھانگائي جيڪڏهن مسلسل وڌندي رھندي ته پوءِ ماڻهن کي پنھنجي ضرورتن جي پورائي لاءِ ھڪڙي جانور وانگر محنت ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن ھو پنھنجي زندگي گذاري سگھي‎.
ڏٺو وڃي ته مھانگائي ڪا نئين مصيبت نه آھي نه وري ڪنهن مخصوص حڪومت جي ڪارستاني آھي. اھا ته صدين کان ھلندڙ آھي. اھا به ھڪ حقيقت آھي ته مھانگائي ڪو ھڪ خطي، علائقي، ملڪ يا پرڳڻي جو مسئلو ناهي، نه وري صرف پاڪستان، يا ڪنھن مخصوص پارٽي يا حڪمران جي ڪري ٿيندي ھجي. بلڪه ايئن چئجي ته انسان جڏھن کان خريداري ڪرڻ شروع ڪئي هوندي تڏهن کان وٺي اھو سلسلو شروع ٿيو ھوندو جيڪو تسلسل سان جاري رھندو اچي ٿو. ليڪن مھانگائيء ۾ اضافي يا گھٽتائيء ۾ حڪومتي پاليسين جو تمام گهڻو ۽ اھم ڪردار ھوندو آھي. اڪثر پنھنجي وڏڙن کان ٻڌو ھوندو ته اسان جي دؤر ۾ شيون سستيون ھونديون ھيون (اسان کي بابا ٻڌائيندو هو ته سندن زماني ۾ ڪجھه ‏رپين ۾ ڍڳو ملندو هو، 3 کان چار رپيا پگھار ھوندي ھئي، زمين جو جريب بلڪل سستو ھوندو ھيو ۽ سون جي قيمت ‏بلڪل به گھٽ ھوندي ھئي)‎.‎ اھڙيون ڳالھيون ٻڌي اوھان جي ذھن ۾ اھو سوال ضرور اڀرندو ھوندو ته آخر پئسن کي ڪھڙي اڏوھي لڳي وئي آهي جو روزانو جي بنياد تي ان جي خريد ڪرڻ واري سگھه گھٽبي رهي ٿي. ان ڪري ئي ڪنھن معاشي ماھر جو چوڻ آهي ته مھانگائي ھڪڙي چور وانگر آھي جيڪا اوهان جي پئسن جي خريداري سگھه چورائي وڃي ٿي. مطلب توھان جو اڄ وارو رپيو ڪالھه جيتري ‏خريداري نه ڪري سگهندو آھي. اڪثر ڪري ڪنھن به خاندان جا ماهوار خرچ ڪجهه ھن ريت ھوندا آھن، گھريلو خرچ، ڪرايو، گروي شين جي ادائگي، بجلي، گيس ۽ پاڻيءَ جا بل، ٻارن جا خرچ (تعليم)، قرض جون ادائيگيون، ‏صحت، ڪرايو ڀاڙو، پاڻ تي خرچ ۽ ٻيا سنھا ٿلھا ماھوار خرچ آهن.
گذريل 20 سالن جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ قيمتن جو لاڙو ڪجھه ھن ريت رھيو آھي، 2000 (3.59)، 2001 (4.41)، 2003 (3.1)، 2004 (4.57)، 2005 (9.82)، 2006 (7.92)، 2007 (7.77)، 2008 (12)، 2009 (19.56)، 2010 (10.1)، 2011 (13.66)، 2012 (11)، 2013 (7.36)، 2014 (8.63)، 2015 (4.53)، 2016 (2.86)، 2017 (4.15)، 2018 (3.93)، 2019 (6.74) ۽ 2020 (11.12). جنهن مان اھو صاف نظر اچي رهيو آھي ته مھانگائي ۾ لاھا چاڙھا ايندا رهيا آهن ليڪن گذريل ڪجهه سالن ۽ خاص ڪري پوين ٻن سالن کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، جنهن دوران اجرتن ۾ ڪو خاطر خواهه اضافو نه ٿيڻ ڪري ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي تي وڌيڪ اثر وڌا آهن. اڃان به چئجي ته ڪورونا وبا ڄڻ ڪا مھانگائي جي وائرس ھجي. ھن ٿوري عرصي دوران شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، خاص ڪري گھريلو سيڌي سامان وارو خرچ ٻيڻ تي پھچي چڪو آهي. جتي مھيني جو سيڌو سامان 12000 ھزارن ۾ ايندو ھو، اھو ھاڻي 20000 ھزار رپين کان به مٿي ملي ٿو. ان جي ابتڙ گذريل ٻن سالن کان سرڪار ڪيترن شعبن ۽ گريڊن جي پگھارن ۾ ڪو خاطر خواهه اضافو نه ڪيو آهي ۽ ڪجھه جون پگھارون بلڪل به نه وڌائيون ويون آهن.
اوھان گھٽ ۾ گھٽ پگھار وارو سرڪاري قانون ته ضرور ٻڌو ھوندو، ‏جنھن مطابق ڪنھن به مزدور کي ڪلاڪ، ڏھاڙي، يا مھيني جي حساب سان گھٽ ۾ گھٽ ڪيتري پگھار/مزدوري/اجرت ڏني ويندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ان قانون موجب ڪنھن به مزدور کي 16000 رپين کان گھٽ پگھار ڏيڻ قانوني ڏوهه آهي. توڙي جو اڄوڪي مھانگائي جي ‏حساب سان اھا رقم تمام ٿوري آھي،
پر ڪيترا سرڪاري يا خانگي ادارا اھا اجرت نٿا ڏين‎. ان لاءِ ضروري ھجي ٿو ته حڪومت، توڙي خانگي ادارا پنھنجي پنھنجي ملازمن جي پگھارن ۾ مھانگائي جي حساب سان ضرور اضافو ڪندا رهن ته جيئن گھٽ ۾گھٽ سندن خريداري واري سگھه کي برقرار رکيو وڃي. بدقسمتيءَ سان اڪثر اھو سمجھيو ويندو آھي ته ماڻھن جي پگھار وڌڻ سان اھي وڌيڪ امير ٿي ويندا آهن. مھانگائيء جي بيماري ھڪ اھڙو ناسور آهي جيڪو محدود ‏ڪمائيءَ وارن يا ھيٺين طبقي جي ماڻهن کي معاشي طور ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. اوھان جيڪڏھن ٿوري نظر مٿي ڏنل ‏مھانگائي جي جائزي تي وجھندا ته اوهان کي اھو اندازو چڱيءَ طرح ٿي ويندو ته اھي ماڻھو جيڪي “آڻين ۽ چاڙھين ڏٿ ‏ڏھاڙي سومرا” ڪيئن زندگي گذاريندا ھوندا، جيڪو ماڻهو 300 کان 500 رپيا ڏھاڙي اجرت تي ڪم ڪري ٿو ۽ ‏جنھن جو ڪٽنب چار کان پنج ڀاتين تي مشتمل آهي، ان کي روزانو اٽو، چانور، گيھه، کنڊ، چانھه پتي، پٽاٽا، بصر، لوڻ، ‏مرچ، ڌاڻا، کير، صابڻ، ڪپڙا، دوا، شاديون، غميون، بجلي، گيس، ڪرايو ڀاڙو، ٻارن جي تعليم سميت ٻيا ڪيترائي خرچ ‏ڪرڻا پوندا آهن.
معاشي اصولن مطابق مھانگائي وڌڻ ڪري بيروزگاري گھٽبي آھي ليڪن ھتي مھانگائي ۽ بيروزگاري ھڪڙي رخ ۾ وڌن ٿا، جنھن کي اسٽيگفليشن سڏجي ٿو. مارڪس مطابق مھانگائي انقلاب جو وڏي ۾ وڏو سبب بڻبي ‏آهي. لوئس ونسينٽ مارڪس سان اختلاف رکڻ جي باوجود چيو ته مارڪس ڪيترين ڳالھين ۾ غلط ھو پر ھن ڳالهه ۾ بلڪل صحيح ھو ته مھانگائي تمام وڏي تباھه ‏ڪندڙ طاقت آھي‎.‎ ان کان علاوه ماھرن جو خيال آهي ته تمام وڏي عالمي بانڊ مارڪيٽ ‏جي ڦوڪڻي کي ڦاڙيندي، يا جنھن جي نتيجي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ باھه ڀڙڪندي؛ ريسرچ مطابق گھٽ ۾ گھٽ اجرت وڌڻ سان خودڪشين ۾ گھٽتائي ٿيندي‎.‎ جيتوڻيڪ حڪمرانن پاران اھو راڳ ھميشه ساڳي ڌن سان آلاپيو ويندو آھي ته مھانگائي بلڪل نه آھي، پر جيڪڏهن اوهان 53 ‏انتھائي ضروري خريد ٿيندڙ شين جون قيمتون چڪاس ڪندا ته انھن جي قيمت ھر سال وڌندڙ معلوم ٿيندي. جيڪڏهن توهان غريب ‏ماڻهن جي لسٽ ۾ آھيو ۽ اوھان اھي شيون خريد ڪندڙ آھيو ته پوءِ اوھان جو خرچ ان حساب سان وڌي رهيو آهي. پر ‏توھان جون پگھارون ناھن وڌيون‎.‎ ان لاءِ ضروري آهي ته سرڪار ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ قيمتن جي وڌندڙ طوفان کي به روڪ لڳائي ته جيئن ماڻهن کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍي سگھجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *