Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_k8oh8qerhruuqvpqh7monec6go, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
نئون آمريڪي صدر ۽ مسلم ڪميونٽي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar نئون آمريڪي صدر ۽ مسلم ڪميونٽي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

نئون آمريڪي صدر ۽ مسلم ڪميونٽي

ھن وقت دنيا جون نظرون آمريڪا ۾ نئين چونڊيل صدر ڏانهن آهن ،ڌرتي جي نقشي تي موجود ٢٠٠ ملڪن جي سياست ھڪ پاسي پر آمريڪي سياست تي سموري دنيا جو نظرون کتل هونديون آهن، انهن ملڪن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي. آمريڪي چونڊن جي نتيجن کان اڳ تائين نه صرف پاڪستان بلڪه دنيا جي ھر نيوز چينل کولڻ سان آمريڪي اليڪشن جون خبرون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون . آمريڪا جي پاليسين دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ھن وقت جنگي حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن جنهن ۾ خاص طور تي مسلم دنيا ۾ وڏي بيچيني ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ مسلم ملڪن کي آمريڪا ۾ ڪنهن اھڙي صدر جي ضرورت آهي جنهن جي سوچ لساني گروھي يا نسلي بنياد جي نه پر برابري واري ھجي، ۽ بظاهر اهڙي سوچ رکندڙ جو بائيڊن آمريڪي صدر چونڊجي ويو آهي.
موجوده آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڀارتي جارحيت کي روڪڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ھجڻ ڪري خاص طور تي ڏکڻ ايشا جي ملڪن ۾ ڏاڍو تاءَ رھيو جنهن ۾ پاڪ ڀارت لاڳاپا، چين ڀارت ڇڪتاڻ قابل ذڪر آھن جنهن جي ڪري ھن خطي ۾ جنگي جنون ھميشه تيز ڏسڻ ۾ آيو، اھو ئي سبب آهي ته اھي ترقي پذير ملڪ جيڪي جنگ جي سٽ سھڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن، اھي صدر ٽرمپ کي ٻيھر آمريڪي صدرڏسڻ نه پيا چاهين. جو بائيڊن جي کٽي اچڻ سان ڪجهه مخصوص طبقي ۾ خوشي جي لھر پيدا ٿي وئي آهي پر اھا ڳالھه ياد ھجڻ گھرجي ته آمريڪا جوصدر ڪير به ٿئي پر اتي ھڪ مخصوص پاليسي تي ڪم ڪيو ويندو آهي نه ڪي ڪنهن جي پسند تي.
گذريل مهيني ، هڪ اهم مسلم گروپ (پي اي سي) جيڪا آمريڪا ۾ سڀ کان وڏي مسلم آمريڪي فيڊرل سياسي ايڪشن ڪميٽي تصور ڪئي وڃي ٿي. صدر جو بائيڊن جي تائيد ڪئي هئي . جو بائيڊن چيو هو“صدر جي حيثيت سان مان ملڪ ۾ مسلم برادرين جي لاءِ بيٺو آهيان ، ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلمانن لاءِ پابندين کي فوري طور تي ختم ڪري ڇڏيندس. ان مان مراد آهي ته جو بائيڊن آمريڪي مسلمان تي ھلڪو ھٿ رکڻ چاھي ٿو جڏهن ته صدر ٽرمپ جي مسلم پاليسين جي ڪري آمريڪا ۾ رھندڙ مسلمان ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رھيا آهن.ٽرمپ پاران مسلمانن لاءِ لڳايل پابندين کي ختم ڪرڻ لاءِ
بائيڊن پاران اھڙو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آمريڪا لاءِ سفر ڪرڻ وقت ڪجهه نرمي ڪئي وڃي پر پوءِ به آمريڪا ۾ پڻ اھڙن فيصلن جي ڪٿي نه ڪٿي مخالفت ڪئي وڃي ٿي.تازو ئي بائيڊن هڪ مسلم ووٽر ڪميونٽي (سمٽي) کي خطاب ڪيو ۽ مسلمانن کان حمايت پڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر بائيڊن کي اڃان ڪميونٽي ۾ وڌيڪ ويجها تعلقات پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ رھندڙ مسلمانن جي دل کٽڻ لاءِ صرف اعلان ڪافي نه آهن.
ٽرمپ جي چونڊ کان وٺي ، اڄ تائين مسلمانن ۾ جيڪا بيچيني ڏٺي وئي آھي ھن وقت ھي بھترين وقت آھي ته مسلمان پنهنجي ڳالهه مڃرائين ۽آمريڪا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن “آمريڪي مسلمان سمجهن ٿا ته اسلام فوبيا کي شڪست ڏيڻ جو تمام اثرائتو طريقو آمريڪا ۾ مسلمانن جي سياسي نمائندگي آهي.
ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ مسلم نمائندگي کي اڃان تائين پاليسي ٺاهڻ وارين ڪميٽين کان پري رکيو ويو آهي.ھن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آمريڪا جو نئون چونڊجي آيل صدر وائيٽ هائوس سنڀالڻ کانپوءِ مسلمان ملڪن ۽ آمريڪا ۾ رھندڙ آمريڪي مسلمانن جي خلاف لڳايل سخت پاليسين کي نرم ڪري، ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت جي جارحيت کي ختم ڪري مسلمان ملڪن خلاف پاليسين تي نظرثاني سان گڏ مسلمان ڪميونٽي مان بيچيني ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي ۽ انهن ڳالهين کي پنهنجي پاليسين جو حصو بڻائي جن جو هو چونڊن دوران مختلف مرحلن تي اظهار ڪندو رهيو آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *