تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

نئين تاريخ پڪاري پئي…..!!

اھا انڊيا جي سپريم ڪورٽ ھئي. جنھن ۾ جسٽس ارون مشرا جي سربراھيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ اھو تاريخي فيصلو ٻڌايو ته “پيءُ جي جائيداد مان ڌيئرن کي به پٽن جي برابر حصو ملڻ گھرجي” اھڙي فيصلي تي نه ڪو جلوس نڪتو ۽ نه سوشل ميڊيا تي ڪو احتجاجي آواز اڀريو. اھو ھڪ اھڙو فيصلو ھو، جنھن کي ڀارت جي ھر خاندان خوشيءَ سان قبول ڪيو. ان فيصلي تي جيڪا پرسڪون سرھائيءَ جي لھر پوري ڀارت مٿان گذري وئي، ان مان اھو اندازو ٿي رھيو آھي ته پوري ڀارت کي اھڙي فيصلي جو انتظار ھو. ڇو ته ھر پيءُ جي خواھش ھئي ته ھن جي پوري زندگيءَ جي پورھئي تي ھن جي ان ڌيءَ جو به حق ھجي، جيڪا ھن سان گھڻو پريم ڪري ٿي. جيڪا سماجي طور تي مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمزور آھي. جنھن کي وڌيڪ سھاري جي ضرورت آھي. خاص طور اھڙي بگھڙ سماج ۾ جتي عورت ھڪ انسان گھٽ ۽ ھڪ شيءَ وڌيڪ سمجهي وڃي ٿي . جتي عورت لذت جي علامت آھي. جتي ھوءَ پورو زندگي پورھيو ڪندي رھي ٿي پر پوءِ به ھن کي برابريءَ جو حق نھ ٿو ملي.
انڊيا جي اھا عورت اڄ مسڪرائي سگھي ٿي، جنھن جي لاءِ امرتا پريتم پنھنجي ناوليٽ “بند دروازو” ۾ لکيو ھو ته “عورت کي سموري زندگي پنھنجو گھر نصيب نه ٿئي. ننڍڙي ھوندي ھوءَ پيءُ جي گھر ۾ رھي ٿي. شادي ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي پتيءَ جي گھر ۾ رھي ٿي. پوڙھي ٿي پٽ جي گھر ۾ رھي ٿي.” سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کان پوءِ ان ڀارتي ناريءَ کي پنھنجو گھر حاصل ڪرڻ جو قانوني حق ملي ويو آھي. اھا ڀارتي ناري جنھن جنم جنم ۾ صرف ڏک ڏٺا آھن. اھا ھڪ افسوسناڪ حقيقت آھي ته اھو ھندو ڌرم جنھن جي ديومالا مان ڪيترائي گيت ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون جنم وٺنديون رھيون آھن پر ان ھندو ڌرم جي اتھاس ۾ عورتن جيترو ڀوڳيو آھي، ايتري ڀوڳنا دنيا جي ٻئي سماج ۾ رھندڙ ناريءَ جي حصي ۾ مشڪل آئي ھجي. سيتا کان وٺي ستيءَ تائين ھندو عورت مظلوميت جي مورت ٿي رھي آھي. ھن مھل ته نئين انڊيا ۾ اھڙا آواز به اڀرن ٿا، جيڪي ھندو ڌرم جي پستڪ “رامائڻ” جي مرڪزي خيال سان سھمت ناھن. انھن جو خيال آھي ته سيتا رامائڻ ۾ به تمام گھڻي مظلوم آھي. ڇو ته جڏھن ھن جو ھرڻ ٿيو، معنيٰ جڏھن ھن کي راوڻ اغوا ڪيو ۽ جڏھن ھوءَ پون پتر ھنومان جي مدد سان واپس وري، تڏھن ھن کي پنھنجو ست ثابت ڪرڻ لاءِ آگ مان گذرڻو پيو. جڏھن ته ھن پنھنجي ور رام کي چيو ته راوڻ ھن کي ڪجھه نه ڪيو آھي. اھو رام جيڪو پاڻ ڀڳوان ھو. جنھن کي ڀڳوانيءَ جي ڪري به معلوم ھجڻ کپي ھا ته سيتا جو ست سلامت آھي. پر جڏھن ھوءَ پاڻ پنھنجي ور کي چئي رھي ھئي ته ھوءَ جھڙي وئي ھئي، تھڙي واپس وري آھي پر رام ھن جي مٿان اعتبار نه ڪيو ۽ ھن کي اگني پرڪشا مان گذاريو ويو. جڏھن ته ھن دور جون ڀارتي ناريون اھو سوال به اٿارن ٿيون ته جيڪڏھن سيتا سان ڪا زيادتي ٿئي به ھا ته ڇا ان ۾ ھن جو ڪوئي قصور ھجي ھا؟ ھوءَ ته مظلوم ھئي. ھن کي ته زوريءَ کنڀي کنيو ويو. ھوءَ ڇا ٿي ڪري سگھي. ھن مٿان ڪروڌ ڪرڻ ۽ ھن کي تڪليف ڏيڻ جو عمل ڪنھن به طور تي جسٽيفاءِ ڪري نه ٿو سگھجي. ھن مھل ڀارت جي فيمينسٽ ماحول ۾ ھيرو رام نه پر اھا سيتا آھي، جنھن جي پيڙا کي ان طرح سان پيش نه ڪيو ويو جھڙي طرح موجودھه دور جو منطق محسوس ڪري ٿو.
ھندو ناريءَ جي پيڙا صرف سيتا جي ڪردار تائين محدود ناھي پر ھڪ صدي اڳ تائين ڀارت ۾ مڙس جي مرڻ کان پوءِ عورتن کي ستي ڪري ساڙيو ويندو ھو. جڏھن ڪنھن عورت جو مڙس مري ويندو ھو، تڏھن ھن جي مٿان موت جو پاڇو وڌي ايندو ھو. ھوءَ جيترو به رڙي روئي ۽ ڀلي ڪيتري به بغاوت ڪري پر ھن کي رسين سان ٻڌي به چکيا تي چاڙھيو ويندو ھو. اياز جي ڪيترن ئي شعرن ۾ اھي منظر آھن، جيڪي مجبور ستين کي پوري احتجاج سان پيش ڪن ٿا. مثال طور اياز جو اھو شعر ته:
“سانت، ڄر جي اڏار، تيز ھوا
چنڊ، چکيا مٿان ستي ستي”
ڇا ھن دور ۾ ڪو ماڻھو تصور به ڪري سگھي ٿو ته ھن جي آڏو ھن جي ڌيءَ يا ڀيڻ کي صرف ان ڪري جيئرو جلايو وڃي جو ھن جو مڙس مري ويو آھي! اھو ڪيترو نه مجبور منظر آھي؟
“ھو ته مون کي چتا تي وٺي ٿي ويا
مينھن برسي پيو ڪالھه شمشان ۾”
ان چتا ۾ ساڙي ويندڙ عورت کي ستي چئي جيڪو مانُ ڏنو ويندو ھو، اھو به مڪمل طور تي بي انصافيءَ مٿان مبني ھو. ڪنھن کي ڪھڙو حق ٿو پھچي جو ڪنھن رسم جي نالي ۾ ڪنھن انسان کي زندگيءَ کان محروم ڪيو وڃي ۽ اھو ايتري سنگين انداز سان!! اھا ته تمام وڏي زيادتي ھئي. ان زيادتيءَ جي خلاف مزاحمت ڪرڻ بدران ھندي ٻوليءَ جي شاعرن ان عمل کي ساراھيو. ھندي شاعريءَ جي تاريخ ۾ اڄ به اھڙا بيھودا ۽ عورت دشمن شعر موجود آھن، جن ۾ عورت جي مٿان ٿيندڙ ظلم کي ساراھه سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. اھو ھندي شعر ڪنھن نه پڙھيو ھوندو؟ جنھن ۾ شاعر چوي ٿو ته:
“پريت ته ايسي ڪيجئو، جيسي ھندو ڪي جوءِ
جيتي جي تو سنگ رھي، مري تو ستي ھوءِ!”
انگريز جڏھن انڊيا ۾ آيا ھئا، تڏھن ھو ھندن جي پراسرار ۽ حيران ڪندڙ ڪلچر ۾ ھڪاٻڪا ٿي ويا ھئا. جڏھن انھن عورت کي ستيءَ واري رسم سبب جيئري سڙندي ڏٺو ته ھو اندر جي گھرائيءَ تائين ڪنبي ويا ھئا. ھندو عورت کي ان وحشي رسم کان آجو ڪرائڻ ۾ بنيادي ڪردار انگريزن جو ھو. جڏھن انگريز ھندستان تي قابض ٿيا، تڏھن انھن ستيءَ جي رسم مٿان سختي ڪئي. انگريزن جي اھڙي عمل جي مزاحمت به ڪئي وئي. ھندو ٻاوا ۽ پنڊت انگريز بھادر جي آڏو ھٿ ادب جا ٻڌي انھن کي اھا وينتي ڪندا ھئا ته “ڪرپا ڪري اسان جو ڌرم ڀرشٽ نه ڪريو” پر انگريزن انھن جي ھڪ نه ٻڌي پر پوءِ به ھو لڪ ڇپ ۾ اھا ستيءَ واري رسم ڪندا رھندا ھئا.
ھندو ڌرم ۾ عورت ڪيتري نه مظلوم آھي؟ ان تي تفصيل سان لکڻ جي ضرروت آھي. ڇو ته اھا عورت ئي ھئي، جنھن مٿان ھر جبر مڙھيو ويو. ڇا اھو ظلم ناھي ته ھن دور ۾ به عورتن جو ڪنيادان ڪيو وڃي ٿو. ڪنيادان جو مطلب آھي، ڌيءَ کي خيرات ۾ ڏيڻ. ڪنيا ھنديءَ ۾ ڇوڪريءَ کي سڏيو ويندو آھي ۽ دان جو مطلب آھي، خيرات! اھا ھندن جي شاديءَ جي رسم آھي. ان رسم جي خلاف به انڊيا ۾ آواز اڀريا آھن. ھاڻي اتان جو ڇوڪريون چون ٿيون ته صرف ڪنيا کي ڇو؟ جيڪڏھن شاديءَ ۾ دان ڪرڻ ضروري آھي ته پتر جو به دان ڪريو. پر پترن جو دان نه ڪيو ويندو. ڌيئرن جو دان ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ اھي پھاڪا به ھندستاني اتھاس ۾ ھندن جي حوالي سان وڌيڪ ڄاتا ويا، جن ۾ “ڏولي وڃي ۽ کٽولي نڪري” مطلب ته ھڪ مثالي ناري اھا آھي، جيڪا ڏوليءَ ۾ پرڻجي جنھن گھر به وڃي، اتان ھن جنازو ئي کٽ تي کڄي. ڀلي ان گھر ۾ ان عورت سان تمام گھڻيون زيادتيون ھجن پر ان کي ڪڏھن به پنھنجي سورن جي ردعمل ۾ بغاوت ته ڇا پر احتجاج ڪرڻ يا فرياد ڪرڻ جو به حق ناھي. اھو ھندو ڌرم جو ڪلچر ھو، جنھن ۾ پتي کي عورت جو مالڪ قرار ڏنو ويو.
ھن مھل ڀارت ۾ ڀلي انتھا پسند ھندو حڪومت آھي. نريندر مودي ايوڌيا ۾ ڪيترا به رام مندر ڇو نه ٺھرائي پر ھن دور جون سيتائون پنھنجي مٿان ظلم ڪندڙ سماج کي ڪنھن به نالي ۽ ڪنھن به حوالي ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. ڀارت ۾ عورت جنھن طاقت سان اڀري رھي آھي، ان جي اھڙي اڏار مان اسان جي پوري خطي کي اتساھه وٺڻ گھرجي. اسان جو اھو خطو جنھن ۾ ھن وقت به بالي ووڊ جي تمام مارڪيٽ موجود آھي. انڊيا جي فلم انڊسٽري ھن مھل “مڌر انڊيا” جھڙا ڪردار پيش نه پئي ڪري. اھا “لو آج ڪل”، “پيڊمين” ۽ “سيڪس اسٽوريز” جھڙيون فلمون ٺاھي رھي آھي. ھن مھل سوشل ميڊيا تي انڊيا جا جيڪي پرينڪس PRANKS پيش ٿي رھيا آھن، انھن ۾ جيڪي موضوع زير ذڪر اچن ٿا، انھن مان ئي اندازو لڳائڻ گھرجي ته انڊيا ۾ عورت ڪيتري آزاد ٿي چڪي آھي! اھا تاريخ جا سمورا نير ٽوڙي ۽ سموريون ڪڙيون ڀڃي ھڪ آزاد انسان جي طور تي اڀري رھيون آھن. جيتوڻيڪ ڀارت ۾ وڌندڙ ڇڙواڳيءَ کي سپورٽ ڪري نه ٿو سگھجي پر جڏھن اسان عورتن کي خاندان جي ملڪيت مان پورو حصو ڏيڻ جو فيصلو ٻڌون ٿا ته اسان کي تاريخ انصاف جي طرف ويندي نظر اچي ٿي.
ھندستان ۾ ھڪ وقت اھڙو ھو، جڏھن عورت کي خانداني ملڪيت مان ڪجھه به نه ملندو ھو. ان کان پوءِ اڌ ملڻ شروع ٿيو. ھن وقت سپريم ڪورٽ اھو فيصلو ڪيو آھي ته عورت کي پيءُ جي خانداني ملڪيت مان پورو حصو ملڻ گھرجي. اھڙي فيصلي جي روشنيءَ ۾ ڇا اھو ممڪن ناھي ته ھتان جا ھندو پنھنجين نياڻين کي پنھنجن پٽن وانگر ملڪيت مان پورو حصو ڏين؟ سنڌ ۾ ھندو ڇوڪرين کي جيڪو ڪجھه به ملندو آھي، اھو صرف ڏاج جي صورت ملندو آھي ۽ اھو ڏاج ھن جو پيءُ ڏيندو آھي ۽ ان ڏاج تي ھن جي پتيءَ جو حق ٺھي ويندو آھي. جيڪڏھن سنڌ جا ھندو اھو فيصلو ڪن ته انھن جون نياڻيون خانداني ملڪيت مان پورو حصو حاصل ڪري سگھنديون ته اھو ھڪ ترقي پسند ۽ عورت دوست فيصلو ھوندو. اھڙي فيصلي جي لاءِ جيستائين اسيمبلين ۾ ويٺل ھندو ميمبر ڪا قانون سازي ڪن، ان کان اڳ ۾ اھڙي خيال کي برداري جي رسم ۾ واري راھه تي به آندو وڃي ته اسان تاريخ جو ھڪ بھترين عمل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي وينداسين. سنڌ جي ھندو دوستن کي ان سلسلي ۾ نئين تاريخ ٺاھڻ جي لاءِ اڳيان اچڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *