تازا ترين
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

نئين مزاحمتي تحريڪ جو آغاز

سرڪش سنڌو سرڪش روحن جي آبياري ڪالهه به ڪئي هئي ، اڄ به ڪري رهي آهي ۽ سڀاڻي به ڪندي رهندي، سنڌو سرڪش روحن جي جنم داتا آهي، سنڌو سرڪش روحن جي جنم جنم جي جيون ساٿي آهي، ۽ نه وساريو ته سرڪش روح ڪڏهن به مرندا ناهن، ها، وقتي طرح منظر تان غائب ضرور ٿي ويندا آهن. جولس فوچڪ چواڻي: زير زمين هليا ويندا آهن، ڄڻ تي مري کپي ويا هجن، پر هو ته ٻج جيان زمين دوز ٿي ويندا آهن، ٻج جنهن مان نئون سلو ڦٽندو آهي ۽ بنجر زمين کي زرخيز ڪندو آهي، ايئن سنڌو هر جڳهه ۾ سرڪش روحن کي نئون جيون نئين سگهه بخشيندي آهي ۽ سنڌو هينئر به سنڌ کي نئين مزاحمتي سگهه بخشي رهي آهي، لکين سالن کان سنڌو تبت جي هماليائي پهاڙن مان هڪ سدا وهندڙ جهرڻي جي صورت ۾ وهندي، انيڪ پهاڙي چشمن ۽ ندين جو پاڻي پاڻ ۾ سموئيندي جڏهن سنڌ ۾ سنڌي سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪندي آهي ته پنهنجي بي بها لٽ سان سنڌو ڊيلٽا ۽ سنڌي سمنڊ ڪيئي ٻيٽن کي جنم ڏيندي آهي، جن جي مالڪي ۽ وارثي قدرتي طور انهن وٽ ئي هوندي آهي، جيڪي سمنڊ سيويندا آهن، سمنڊ جي سير ڪندڙن تي جڏهن دولت جي حوس جا پوڄاري حاوي ٿيندا آهن ته انيڪ الميا جنم وٺندا آهن.
اهڙي ئي هڪ المئي جنم ورتو آهي، ڏنگي ٻيٽ تي جتي وفاقي فورسز قبضو ڪري مشين گنن سان هٿياربند گن بوٽس تي پهري ۾ ابراهيم حيدري جي ماهيگيرن ۽ ڌرتي ڌڻين جي داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، فورسز ڪهڙي قانون تحت سنڌ جي سمنڊ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي، يا سنڌ سرڪار ڪڏهن ۽ ڪهڙي قانون تحت پنهنجو اختيار وفاقي فورسز جي حوالي ڪيو آهي، تنهن متعلق قابض وفاقي سرڪار ۽ سندس سهولتڪار سنڌ سرڪار ٻئي بلڪل خاموش آهن ۽ بظاهر نورا ڪشتي جاري آهي، اها نورا ڪشتي به تڏهن شروع ٿي جڏهن وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جا ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيل معاهدا منظر عام تي اچڻ لڳا، اهو نتيجو هيو سنڌ جي نئين مزاحمتي تحريڪ جي اسرڻ ۽ اڀرڻ جو.
پيپلز پارٽي کي پنهنجي مفاهمتي سياست جي ڪاميابي تي ايترو ته ناز هيو جو هن ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌ جي سرحدن ۾ شامل 12 ناٽيڪل ميلن تي مشتمل سنڌ جي سمنڊ ۽ ان جي ٻيٽن جي اختياري وفاق جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ اهڙي ضمانت رئيس وڏي چيني سفير کي به ڪرائي، ته اوهان بنا کٽڪي اچي اتي سرمائيڪاري ڪريو باقي سنڌي قوم جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ منهنجو ڪم آهي، منهنجي طرفان سودو پڪو،
وفاق ان پڪي سودي کي قانوني شڪل ڏيارڻ لاءِ پهرين سنڌ سرڪار کان ٻيٽن تي قبضي جي اختياري لکت ۾ ورتي ۽ پوءِ 31 آگسٽ 2020ع تي هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جي سڄي سمنڊ تي قبضو ڪندي پاڪستان آئلينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري سڀني ٻيٽن تي به قبضو ڪري ورتو . انهن صدارتي آرڊيننس کي به هڪ مهيني تائين ڳجهو رکيو ويو پر جڏهن بين الاقوامي سيڙپڪارن سيڙپ جي قانوني تحفظ جي گهر ڪئي ته کين اهو منظر عام تي آڻڻو پيو، هنن ته سمجهيو هو ته پيپلز پارٽي جي مفاهمتي سياست سان سنڌ جي مزاحمتي سگهه جو جن بوتل ۾ بند رهندو، پر هن ڀيري ايئن نه ٿيو، سنڌ جي وحدت تي ان وار پيپلز پارٽي جي بدڪردار مفاهمتي ۽ منافقاڻي سياست جا پردا چاڪ ڪري ڇڏيا، ۽ سنڌ جي مزاحمتي سگهه جو جن بوتل کان ٻاهر اچي ويو تڏهن خوفزده ٿي پيپلز پارٽي به پويان پير ڪيا ۽ وفاقي سرڪار سان ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيل معاهدن جو اقرار ڪرڻ بدران انڪار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جواب ۾ وفاقي سرڪار به کيس آئينو ڏيکارڻ شروع ڪيو، هاڻي پيپلز پارٽي هيڏانهن ڀت هوڏنهن پاڻي ، واري صورتحال ۾ ڦاسي پئي آهي ، هڪ طرف وفاقي فورسز سان به ڦٽائڻ نٿا چاهين جو هر وقت سنڌ سرڪار ڪرڻ جو خطرو سندن سر تي لٽڪيل رهي ٿو ۽ ٻئي طرف ملڪي ۽ بين الاقوامي سيڙپڪارن جي سودن مان ملندڙ ڪميشن تان به هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن، باقي سنڌي قوم کي ڪيئن ماٺ ڪرائجي، تنهن لاءِ نوان گهٽ گهيڙ پيا ڳولين ۽ وفاق سان نورا ڪشتي ڊرامو پيا نچائين، وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جي ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيل معاهدن جي نتيجي ۾ وفاق جڏهن صدارتي آرڊيننس ذريعي پيڊا قائم ڪري ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جي ترقي جي نالي ۾ وفاقي قبضي جو اعلان ڪيو تڏهن سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، هڪ طرف سنڌ جي ساڃاهه وندن محترم نصير ميمڻ ۽ ٻين سڀني ان آرڊيننس جا بخيا اڊيڙيا ته ٻئي طرف مقامي ماهيگيرن فشر فوڪ فورم ۽ ٻين ٻيٽ بچايو تحريڪ جو آغاز ڪندي 15 آڪٽوبر تي هوڙن تي سامونڊي مارچ ذريعي سڀني سياسي ڌرين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي به ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ تي وٺي، سڄي حقيقت تان پردو فاش ڪرائي ڇڏيو، مختلف سياسي ڌرين خاص طور عوامي تحريڪ ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ جيئي سنڌ تڪڙا احتجاجي مظاهرا ڪري به ماحول کي گرمائي وڌو ۽ ايس يو پي وري سڄي مفاهمتي تحريڪ کي هڪ پليٽ فارم تي منظم ڪرڻ لاءِ 10 آڪٽوبر تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس گهرائي اتفاق راءِ سان 17 آڪٽوبر کان نئين مزاحمتي تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو، اڄ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ سنڌ جي 11 قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين ۽ هڪ مذهبي تنظيم جي نمائندگي موجود آهي. جن جي سربراهي اجلاس ۾ پهرين نمبر تي حيدرآباد ۽ 15 نومبر تي ڪراچي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف وڏا مزاحمتي ميڙ منظم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. پهرين نمبر تي حيدرآباد ۾ ٿيل ڪامياب احتجاج ڪراچي ۾ احتجاجي ڪاميابي جون راهون کولي ڇڏيون آهن.
سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف 2013ع ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ڪامياب تحريڪ هلي هئي ۽ اهو مقصد ماڻڻ کانپوءِ اها ڪميٽي اختلافن جي ور چڙهي عملي طور بي اثر ٿي وئي هئي. ڪجهه عرصو اڳ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جڙي هئي، پر ان ۾ به ڪا خاص جان نه هئي، پر جيئن ته سنڌ جي وحدت تي هڪ ڀيرو وري وار ٿيو آهي ته سڀ ترقي پسند ۽ قومپرست قوتون پنهنجا اختلاف پاسيرا رکي نئين سر متحد منظم ۽ متحرڪ ٿي هڪ نئين مزاحمتي تحريڪ جو آغاز ڪري رهيون آهن جيڪا سڀني لاءِ خوش آئند ڳالهه آهي، بلاشڪ پراڻيون عادتون آساني سان ناهن مٽنديون پر تاريخ جي جبر هيٺ جيڪو پاڻ کي نئين دور جي تقاضائن سان آهم آهنگ نه ڪندو ته اهو پاڻ پنهنجي وقعت وڃائي ويهندو ۽ انهن جي جاءِ تي ڪا نئين دور جي نئين قوت اڀري ايندي پراڻي دور کان نئين دور ۾ داخل ٿيڻ جي هن ارتقائي مرحلي ۾ بلا شڪ ڪيتريون پراڻي دور جون بدعتون ۽ انائون به آڏو اينديون، ته پراڻي دور جي مزاحمتي سگهه جون ياديون به تازيون ٿينديون، تحريڪ ۾ جيڪو به شامل ٿئي ٿو، اهو پنهنجي سمورين چڱائين ۽ مدائين سميت شامل ٿئي ٿو، ان ڪري ڪنهن مان اها اميد رکڻ ته هو پنهنجي مداين ۽ عيبن کي گهر رکي چڱايون گود کڻي تحريڪ ۾ شامل ٿيندو ته اهڙيون اميد رکڻ به ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي، جدوجهد جي ميدان ۾ ۽ اجتماعن جي تنظيم ڪاري ۾ اجتماعي ضابطو ۽ خود احتسابي مداين ۽ اوڻاين کي گهٽائڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪي اوڻايون حيدرآباد جي مزاحمتي ميڙ ۾ نظر آيون انهن تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهي اجلاس ۽ انتظامي ڪميٽي ۾ جائزو وٺي اجتماعي ضابطا اخلاق جوڙبو ۽ ان تي عمل ڪرائبو ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته انهن غلطين جو ورجاءُ ڪراچي ۾ نه ٿيندو، انهن ننڍين وڏين اوڻاين باوجود ان تي ڪي به ٻه رايا ڪونهن ته مجموعي طور سنڌ جون قومپرست ۽ ترقي پسند قوتون پنهنجي پهرين آزمائش تي پوريون لٿيون آهن ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل مک پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پهرين نومبر تي حيدرآباد جي پهرين مزاحمتي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڪاميابي طرف پهرين وک وڌائي آهي.
اسان کي سمجهڻ گهرجي ته معاملو ايترو آسان ڪونهي ۽ معاملو فقط صدارتي آرڊيننس جي رد ٿيڻ جو به ناهي صدارتي آرڊيننس فقط هڪ ذريعو آهي سنڌ ي سمنڊ ۽ سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضن کي قانوني شڪل ڏيڻ جو، پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار اڄ به ڳجهه ڳوهه ۾ ان قبضي کي قانوني شڪل ڏيڻ جا ٻيا رستا به تلاش ڪري رهيون آهن . ان معاملي ۾ وفاق جو ۽ پي ٽي آءِ جو ڪردار ته بلڪل چٽو آهي ته اهي هر صورت ۾ اهو قبضو ڪري پهرين مرحلي ۾ ڀنڊاڙ ٻيٽ تين وال ڪرڻ چاهين ٿا جنهن لاءِ ٽينڊر ۽ نقشا به هنن مئرين ڊويزن اسلام آباد معرفت جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن لاءِ چيوٿو وڃي ته 8 هزار ايڪڙن تي مشتمل گرين سٽي ٺاهڻ لاءِ 40 ارب ڊالرن جي سرمائيڪاري ٿيندي. اوهان سمجهي سگهون ٿا ته جنهن منصوبي جا نقشا ۽ سيڙپڪاري جا خاڪا تيار ٿيل هجن ته اڳواٽ ڪيترا سال ان تي ڪم ٿيل هوندو ۽ ڪيتري سيڙپڪاري ٿي چڪي هوندي ته هاڻي اها ڇا چند احتجاجن ميڙاڪن سان ختم ٿي ويندي، اسان کي تڪڙي ڪاميابي جي ڪنهن به خوشفهمي جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي بلڪه ڊگهي منظم مزاحمتي جدوجهد جو سانباهو ڪرڻ گهرجي، اسان کي سڀ کان وڌيڪ بچڻو آهي پيپلز پارٽي جي فريبي سياست کان. هن قومي تحريڪ جو تاءُ محسوس ڪندي جولاءِ ۾ جاري ڪيل اجازت نامو ته رد ڪيو آهي ۽ سنڌ اسيمبلي مان صدارتي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ به پاس ڪرايو آهي. پر هينئر به وزير اعليٰ ۽ گورنر هڪٻئي خلاف بيان بازي ڪندي به ٻيٽن جي معاملي ۾ هڪ ئي صفحي تي آهن، ته مقامي ماهيگيرن کي راضي ڪيو ته معاملو قابو ٿي ويندو، وزير اعليٰ نيوي چيف سان ملي کيس منٿون ٿو ڪري ته ماهيگيرن جي ٻارن کي پنهنجي قبضي هيٺ آيل ٻيٽن تي نوڪريون ڏيو ۽ گورنر وري مهاڻن سان ملاقاتون ڪري وزير اعظم کي سفارشون ٿو پيش ڪري ته ايئن مقامي ماهيگيرن کي لٺ ۽ چٺ سان ماٺ ڪرائي قومي تحريڪ کان پاسيرو ڪجي، هو هزار چالون هلندا پر هنن منصوبي کان آساني سان هٿ نه کڻندا، هو سمجهن ٿا ته اسان پنو عاقل ڇانوڻي خلاف احتجاج ڪيا ڪجهه نه ٿيو اسان بحريه ٽائون خلاف احتجاج ڪيا ڪجهه نه ٿيو، ۽ هاڻي اسين ڪجهه ڏينهن ڪجهه هفتا هلڪا زوردار احتجاج ڪري خاموش ٿي وينداسين ۽ هو مزي سان سمنڊ تي جاوا پيا ڪندا.
پر هڪڙي تاريخ اسان جي به آهي ته جڏهن به ڪنهن مسئلي تي سنڌ ۾ قومي اتفاق راءِ جڙيو آهي ۽ اسان مسلسل مزاحمت جو علم بلند رکيو آهي ته اتي اسان کي ڪاميابي ملي آهي اسان جڏهن ڪالا باغ ڊيم خلاف آواز بلند ڪيو ته سنڌي قوم ان آواز ۾ ايترو ته وزن پيدا ڪيو جو بينظير ڀٽو به ڪمون شهيد تي ڌرڻو هنيو ۽سڄي سنڌي قوم يڪ آواز ٿي وئي. ان معاملي تي بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جو ڪردار واضح ۽ چٽو هيو پر ٻٽي مڪاني نظام ۽ ٻيٽن تي قبضي جون فلمون ته اسان جي ڳچي ۾ وڌيون ئي پيپلز پارٽي سرڪار آهن، سنڌ جي قومي تحريڪ ڇڙوڇڙ هوندي به ٻٽي مڪاني نظام خلاف متحد ٿي پيپلز پارٽي سرڪار کي ٻٽو مڪاني نظم رد ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو ۽ هن ڀيري به قومي تحريڪ هڪ ڀيرو وري متحد ٿي ٻيٽن تي قبضي خلاف نئين مزاحمتي تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي ۽ اها هڪ طويل جدوجهد جي ابتدا آهي، جيڪا نه رڳو صدارتي آرڊيننس جي رد ٿيڻ تائين بلڪه ڏنگي ٻيٽ جي آزادي تائين جاري رهندي ڪالا باغ ڊيم جيان سنڌي قوم سنڌ جي سمنڊ ۽ ٻيٽن تي ڪنهنجي به قبضي کي قبول ڪندي ۽ پنهنجي جنگ جاري رکندي فتح جي حاصلات تائين.
مر هيڪاندا هونِ پرين، سانگ م وڃن سيڻ!
رهيا آهن روح ۾، نت جنين جا نيڻ
وماسيا جن ويڻ، ٿو تاريءَ تڳي تن هِنئون

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *