تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

نئين گاج جون تباهيون ۽ ڀاڳن واري بيوروڪريسي

کير ٿر جي جابلو پٽي ۾ پيل برسات کان پوءِ جمعي جي رات نئين گاج 26 فوٽ وهي اچڻ سبب نئين گاج ڊائيورشن بند ۾ 3 هزار فوٽ جو گهارو پئجي ويو.پهاڙن مان ايندڙ پاڻي جو اهو تيز وهڪرو ڪاڇي ۾ تباهي مچائيندو ڪنڊو ٻٻر ، بکر شهيد ، پٽ سليمان ، ننگر داريو ، طالباڻي لنڊ ، غلام محمد لنڊ ، نوشهرو ، عباس لنڊ ، شهڪ رودناڻي سميت ڪيترائي ڪاڇي جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا.قصبو ، حاجي خان ، ساوڙو ، ڇني ، فضل جمالي سميت سوين ڳوٺن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڪاڇي جو سڄو اسٽريڪچر تباھه ڪري ڇڏيو آهي. جوهي کان واهي پانڌي ، حاجي خان ، ڇني کان ٽنڊو رحيم خان ، ڇني کان شاھه حسڻ سميت اڪثر ڪاڇي جي روڊن رستن کي هنڌان هنڌان لوڙهي تباھه ڪري ڇڏيو آهي. قصبو ، ڊرگھه بالا ، ڪنڊو ٻٻر سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ 48 ڪلاڪن کان ماڻهو ڦاٿل آهن جن کي ريسڪيو ناهي ڪيو جتي ماڻهو بي يارو مدد گار بڻيل آهن. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ماڻهن جو چوپايو مال ، اناج ۽ ٻيو سامان لڙهي وڃڻ جون ڳالهيون سامهون اچي رهيونآهن ، گاج نئين جي وهڪري سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل سبزي وونئڻن جو فصل تباھه ٿيڻ سان گڏ بور ، موٽر ۽ سولر پليٽون پڻ لڙهي وڃڻ سبب ڪاڇي واسين کي ڪروڙين روپين جا نقصان رسيو آهي ۽ ڇنڇر ڏينهن اهو پاڻي جوهي ڀرسان ايف پي بند سان اچي لڳو ۽ ايف پي بند کي پائڻ لڳو جوهي ڀرسان ڳوٺ محمد پناھه رودناڻي سامهون ايف پي بند کي لڳل اسڪيپ وٽان روڻيون پوڻ سان گڏ ايف پي بند جي آر ڊي 49، 50 ، 43 وٽان پڻ روڻيون پوڻ ڪري گاج جو پاڻي ڇني شاخ ۾ تيزي سان وهندو رهيو جنهن تي ڀرپاسي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ان وقت آبپاشي کاتي جو ايس اي منصور احمد ميمڻ پڻ موجود هو پر مشينري موجود نه هئڻ ڪري موقعي تي روڻيون بند ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا. ڳوٺاڻن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي آبپاشي عملدارن تي هٿ سان گهارا هڻائي سندن ڳوٺ ٻوڙائڻ جو الزام هڻندا رهيا.جڏهن ته اتي موجود آبپاشي کاتي جا آفيسر چوندا رهيا ته ڪو به خطرو ناهي هي معمولي روڻيون آهن.
آبپاشي آفيسرن جي نظر ۾ معمولي روڻيون گهارن ۾ تبديل ٿي ويون نتيجي ۾ آر ڊي 56 ڀرسان اسڪيپ ڀرسان پيل روڻيون گهاري ۾ تبديل ٿي ويون ۽ آر ڊي 44 ۽ 51 وٽان پڻ گهارا پوڻ ڪري پاڻي جو وڏو وهڪرو ڇني شاخ کي ڪراس ڪري جوهي جي ڏکڻ ۾ پڪي واري علائقي ڏانهن وڌڻ تي جوهي ڇني روڊ سان ڳوٺ ولي محمد رودناڻي ، فيض محمد رودناڻي سميت 10 ڳوٺن مان سوين خاندانن لڏ پلاڻ شروع ڪري پنهنجن ٻچن ٻارن ۽ چوپائي مال سميت محفوظ هنڌن ڏانهن هليا ويا. ان کان اڳ جوهي ڀرسان آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال صحافين آڏو آن رڪارڊ ڳالهائيندي چيو ته پاڻي وڏو آهي پر ايف پي بند کي ڪو به خطرو ناهي مشينري گهرائي آهي جتي بند ڪمزور هوندو يا روڻيون پوڻ جي صورت موقعي تي مرمتي ڪم ڪيو ويندو پر صوبائي وزير جون اهي ڳالهيون به هوائي ثابت ٿيون سندس ڳالھه ٻولھه جي ڪلاڪ کانپوءِ ايف پي بند ۾ لڳل روڻيون گهارن ۾ تبديل ٿي ويون نتيجي ۾ جوهي ڪاڇي واري بيلٽ ۾ تباهي مچائيندڙ گاج جو پاڻي جوهي تعلقي جي پڪي واري علائقي ۾ داخل ٿي ويو .
جوهي جي ڏاکڻي پاسي ڇني جوهي روڊ کي پاڻي اور ٽاپ ڪري يوسي ڪمال خان جي ڳوٺن ڏانهن تيزي سان وڌندي جوهي ڀان روڊ سان لڳو آهي انهي وچ ۾ ايندڙ ولي محمد رودناڻي ، فيض محمد ، محمد پناھه ، خاصخيلي ڳوٺ ، هاشم جمالي ، سعيد خان جمالي ، ٻاجهي مستوئي سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي ۽ 30 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن جوهي ۾ پيدا ٿيل اهڙي صورتحال جو جائزو وٺڻ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه جوهي ۾ ايف پي بند پهتو ۽ ايف پي بند ۾ پيل گهارن بابت جڏهن کيس آبپاشي کاتي جي آفيسرن بريفنگ ڏني ته وڏي وزير مٿن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسڪيپ ۽ مختلف آر ڊيز وٽ پيل روڻيون بند ڇو نه ڪيون ويون جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته مشينري دادو ۾ به موجود نه هئي ان ڪري کين وقت لڳو جنهن تي وڏي وزير آبپاشي آفيسرن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان کي اڳواٽ ئي الرٽ ڪيو هو ته پوءِ توهان سستي ڇو ڪئي هي گهارا توهان جي غفلت جو نتيجو آهن جنهن جي جاچ ڪرائي غفلت ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪندس. جنهن کان پوءِ وڏو وزير ڪاوڙ وچان جوهي ، واهي پانڌي روڊ تي لڳل ڪئمپ ۾ متاثرن ۾ راشن ورهائڻ کان بغير ئي هليو ويو جنهن سبب متاثرن لاءِ آندل راشن جا سوين ڪٽا پوليس موبائيل ۽ ٽرڪ ذريعي واپس نيا ويا. جوهي ۾ پيدا ٿيل اهڙي صورتحال ۾ اهو ئي ثابت ٿيو جيڪي ڳوٺاڻن خدشا ظاهر ڪيا هئا ته هي روڻيون بند نه ٿيون ڪيون وڃن جنهن مان لڳي ٿو ته آبپاشي آفيسر ۽ دادو انتظاميا هٿ وٺي کين ٻوڙائڻ گهري ٿي ته جيئن ايف پي بند ۾ گهارا پون ۽ کين فنڊ ملن ته سندن ڪمائي جو ذريعو پيدا ٿئي. ڳوٺاڻن جا خدشا 100 سيڪڙو سچ ثابت ٿيا آهن وڏي وزير جي وڃڻ کانپوءِ وڏي تعداد ۾ مشينري به پهچي وئي ، مٽي کڻڻ لاءِ ڊمپر ۽ پٿر پهچائڻ لاءِ ٽرڪن جون قطارون لڳي ويون آهن وڏي وزير جي واپس وڃڻ کانپوءِ هڪ ڪلاڪ اندر ايڏي وڏي مقدار ۾ مشنري جو ايف پي بند تي پهچڻ سوين سوالن کي جنم ڏئي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *