Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1d03fvhrgog149huubsp9mvuc3, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
نئين گاج رحمت به، زحمت به! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar نئين گاج رحمت به، زحمت به! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

نئين گاج رحمت به، زحمت به!

مان پهنجي يادگيري ۾ جيڪي وڏيون قدرتون آفتون ڏٺيون آهن ان ۾ 1995ع واري نئين گاج واري مھا ٻوڏ آهي جنھن دوران جوھي جو رابطو ڪيتري وقت تائين ٻي دنيا کان ڪٽجي ويو هو.
اسان جڏھن ننڍا ھونداھياسين ته مينھوڳي جي مند ۾ جيڪو نعرو گھڻو ھڻندا ھياسين اھو ھيوته “گج گج گوڙ ڪاڇا ٻوڙ سنڌ کي جوڙ ”ھوندو ھيو. ڪاڇي جون زمينون بي انتھا زرخيز آھن پر گھڻن ڳوٺن تائين نهري پاڻي جي پهچ نه ھجڻ جي ڪري ماڻهو اڪثر نئين گاج جي برساتي وهڪرن تي ڀاڙيندا آهن. معمول جي حالتن ۾ نئين گاج جا وهڪرا ڪاڇي واسين لاءِ رحمت بڻجي ايندا آهن ۽ ڪاڇي واسي جوئر ٻاجھر گوار ۽ سبزيون پوکيندا آهن. پر ھر ويهين يا پنجويھين سال گاج جا وھڪرا سپر فلڊ آڻيندا آهن . جيڪو جوهي واسين جي جان مال لاءِ نقصاندھه ھوندو آهي ماڻھن جا اجھا ۽ سامان انهي ٻوڏ ۾ لڙهي ويندا آهن.
نئين گاج جو پاڻي پٽ گل محمد ۽ انجي آس پاس جي ڳوٺن ۾ پورو سال فصل کڻڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ اتي بيراجي علائقن وانگيان ئي پوکي ٿيندي آهي . جي گاج به مندائتي لھي اچي ته ڳوٺاڻا ان کي بند ڏئي پوءِ پاڻي ڪڻڪ جي فصل لاءِ به ڪتب آڻيندا آھن.
ميان نصير محمد، ھيروخان ڊرگھه بالا، راڄو ڳنڍو ،ننگر داريو بازمال کوسو، حاجي خان ،واھي پانڌيءَ، ٽنڊو رحيم خان سميت ڪاڇي جي وڏي ايراضي تي نئين گاج جي وھڪرن تي فصل ٿين ٿا.
گاج تي ٿيندڙ فصلن ۾ جوئر ،گوار ،مڱ، تر ،سرنھن۽ ڄانڀو اھم آھن.
سڀ کان اھم ڳالھه ته انھن فصلن جي پوکي لاءِ نه ڀاڻ استعمال ڪيو وينو آهي ۽ نه ئي ٻيون زرعي دوائون استعمال ٿينديون آهن .ستر جي ڏهاڪي ۾، اسي جي ڏهاڪي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ نئين گاج ۾ ھڪ ھڪ ڀيرو مھا ٻوڏ آئي آهي.
1995ع واري مھا ٻوڏ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان وقت هاج جا وھڪرا ٻه لک ڪيوسڪ کان به مٿي ھئا ۽ انجي ڪري ڪاڇي جي ماڻھن جاني ۽ مالي نقصان کي منھن ڏنو.ان ٻوڏ جي ڪري جوھي تعلقو ڪافي عرصي تائين ٻي سڄي ملڪ کان ڪٽيل رھيو.جوھي جا ماڻھو مينھن جي موسم ۾ اڪثر بچاءَ بند تي وڃي موسم جو مزو به وٺندا آهن ته ايندڙ پاڻي جي صورتحال به ڏسندا آهن تازي صورتحال مطابق ھن مھل تائين حاجي خان، واھي پانڌي جي آس پاس جا ننڍا وڏا ڳوٺ شديد متاثر ٿيا آهن. ماڻھن جا گھر مال فصل لڙهي ويا آھن.
نئين گاج اھا ٻوڙان ٻوڙ ڪندي ڇني کان ٿيندي شاھه حسڻ کان منڇر ۾ ڇوڙ ڪندي. منڇر جيڪا سالن کان ايم اين وي ڊرين (ڇنڊڻ) جي زهريلي پاڻي جي ڪري گدلي ٿي چڪي آهي ۽ درياءَ سنڌ کان پاڻي گھٽ ملڻ جي ڪري ان جي گدلاڻ ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي. پر گاج جو موجوده وهڪرو مري ويل منڇر لاءِ گھٽ وقتي ئي سهي پر نئين زندگي عطا ڪندو ۽ منڇر وري مٺي پاڻي جي ڍنڍ ٿي سگهي ٿي جيڪا بهرحال بهتر ڳالهه آهي .
جيڪڏھن اھڙي ٻوڏ جي امڪان کان اڳ سرڪار منڇر جي تري ۾ ڄميل گند کي ننڍي ننڍي پراجيڪٽن جي ذريعي ڪڍي ته نئين گاج يا دريائي سنڌ جون ٻوڏون منڇر کي نئون جيئدان ڏئي سگھن ٿيون.
ھڪ اندازي مطابق نئين گاج جا موجوده وھڪرا ٻه کان اڍائي لک ڪيوسڪ جي برابر ٿي سگھن ٿا ان جي ڪري نه فقط منڇر جو زھريلو پاڻي ڇڊو ٿيندو بلڪه اهي وهڪرا مڇين جو نئون ٻيجو پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ايندا جيڪا ڳالهه مھاڻن لاءِ رحمت جو سبب بڻبي.

Bookmark the permalink.

One Response to نئين گاج رحمت به، زحمت به!

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *