تازا ترين
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

نالي الک جي! ٻيڙو تار منهنجو……..

پهرين نومبر سنڌ جي تاريخ جو اهو منحوس ترين ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي سنڌ جي روح جي شهادت ٿي هئي، اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي وجود تي جيڪا ڪاري قيامت برپا ٿي ان جي نحوست جا اثر اڄ به سنڌ تي طاري آهن. مذهبي نفرتن ۽ وحشتن جي آنڌين ۽ طوفانن ۾ سنڌ جي سهپ، رواداري ۽ باهمي عزت احترام جون سموريون عاليشان روايتون تيزيءَ سان ڌنڌليون ٿينديون رهن ٿيون. هن وقت ڏيوالپڻي جي عمر مان گذرندڙ سنڌ جنهن تي ڪيترائي سال ڏهاڪا صديون لٿيون انهن زمانن مڪانن مان ڪي صديون عميق ٿي ويون ڪي وقت اهڙا به پيا ڄڻ ڪو باهه جو اوڙاهه هو ڪو مصيبتن جو اهڙو ڀنور هو جنهن ۾ روادار سنڌ جو روح ڦاسي پيو هو ۽ اهو سمورو ڀيانڪ منظر سنڌ صوفي درويش صفت انسان ڀگت ڪنور رام ڏسي رهيو هو ۽ شايد تڏهن ئي ته پنهنجي ٻاجهه ڀريي سريلي آواز ۾ صدا بلند ڪندي چيائين “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ان وقت اڃان برصغير جو ورهاڱو ڪونه ٿيو هيو پر ڪنور رام صاحب جي ڏور ڏسندڙ اک وڍ ڏيندڙ ان ورهاڱي جي منظر کي ڏسندي پنهنجي مالڪ کي ايلازن واري انداز ۾ وينتي ڪندي چوي پيو ته
جان ٿيان هندو پوڄان بت خاني، ڪاشي دُواري گنگا آشناني،
جڻيو پايان، ڪين مان تلڪ لڳايان، جان ٿيان ناچو پهريان پيشوازي
ڌڪـڙ ڌمچر ساز آوازي، ڦيرڙيون پايان، ڪين نه ڇيرون ڇمڪايان
جان ٿيان مومن نيڪ نمازي، جنهن ۾ جانب تون ٿئين راضي
جامع جوڙايان، ڪين سِرڙو نمايان!
صدين کان تصوف جي تبليغ ڪندڙ سنڌ جي اصل روح کي سمجهڻ وارا سنڌ جا پٽ ساڳئي طرح پنهنجي عظيم شهيد کي صدائون ڏين ٿا “ ڇو رسي ويو آهين، اي ڀڳت ڪنور رام سائين موٽي آ اڄ سنڌ توکي ساري هنجون هاري پيئي.”
ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان توکي.
ڀڳت ڪنور رام ڪلا جي ڪائنات ۽ سنڌ جو اھو نرالو ۽ بيباڪ ڪردار ھو، جيڪو راڳ کي عبادت سمجھندو ھو سندس آواز ۾ اھڙي ته مٺاس هوندي ھئي ننڍا توڙا وڏا هن جي ٻاجهاري آواز ٻڌي ڇڪجي ايندا هئا هن آواز تي ماڻھن جا ھجوم گڏ ٿي ويندا ھئا. ڀڳت ڪنور رام پنھنجي ڪلام ۽ راڳ ذريعي سنڌ ۾ ھڪ اھم حيثيت رکي ٿو هن جي سخاوت جو مثال ملڻ مشڪل آهي هو جڏهن ڳائيندو هو ته نه صرف پيار جي پالوٽ ٿيندي هئي پر ماڻهو مٿس ڌن دولت به گهور ڪندا هئا هو پنھنجي ڀڳتين ۽ ڪلامن ذريعي ملندڙ سموري ميڙي چونڊي سنڌ جي مسڪين غريب خاندانن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو پوءِ اھو مسڪين ڀلي ڪھڙي به مذھب ۽ مسلڪ جو ڇو نه ھجي ھو ڪنھن ۾ به فرق نه ڪندو ھو. ڀڳت ڪنور رام ھڪ ويدانتي فڪر سان سلھاڙيل صوفي ۽ سيڪيولر يوڳي ھو جنھن جو مذھب انسانيت ھو جنھن جو ڪم انسانيت جي خدمت ڪرڻ ھو. امر انسان، امر راڳي ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنور رام جو جنم 13 اپريل 1885ع ۾ تاراچند ۽ نالو تيرٿ ٻائي جي ڳوٺ جروار شريف ضلعي گھوٽڪي واري گهر ۾ ٿيو ۽ ڀڳت ڪنور رام رھڙڪي درٻار جي گاديءَ تي سنت سترام داس کان پوءِ 1917ع ۾ ويٺو اھا گادي ڪا سياسي گادي يا پير پرستي تي ٻڌل گادي نه ھئي پر اھا گادي محبت ۽ پيار ورھائڻ واري گادي ھئي، جتان ھر مذھب ۽ مڪتبه فڪر جو ماڻھو فيضياب ٿيندو ھو. ڀگت ڪنور رام جيڪو راڳ کي عبادت سمجھندو ھو، سندس آواز جي مٺاس تي ماڻھن جا ھجوم جمع ٿي ويندا ھئا هو جڏهن جڏهن پنهنجي ٻاجهاري آواز ۾ “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ڳائيندو هو ته ٻڌندڙ عورتون سونا زيور لاهي ڀڳت ڪنور جي جهولي ۾ وجهنديون هيون. ڪنور رام جي هر ڀڄن تي هزارين روپين سان گڏوگڏ ڪپڙا، سون توڙي ٻيو سامان گڏ ٿيندا هئا، ڀڳت ڪنور رام مٺ ڀري پنهنجي ضرورت لاءِ رکي باقي سمورو ڌن دولت غريبن ۾ دان ڪري ڇڏيندو هو. جيڪي سوالي وٽن ايندا هئا تن ۾ ستر سيڪڙو مسلمان هوندا هئا انهيءَ مان چٽي طرح ثابت ٿئي ٿو ته سنت ڪنور رام جي منزل مذهب، ذات، رنگ ۽ ٻولي جي ڀيد کان گهڻو مٿي هئي. ڀڳت ڪنور رام ھڪ ويدانتي فڪر سان سلھاڙيل صوفي ۽ سيڪيولر يوڳي ھو، جنھن جو مذھب انسانيت ھو جنھن جو ڪم انسانيت جي خدمت ڪرڻ ھو. 
پهرين نومبر سنڌ جي صدوري پٽ امر شهيد ڀگت ڪنور رام جي شهادت وارو ڏينهن ۽ 81هين ورسي آهي ۽ اهو ڏينهن سنڌ جو روادار روح ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي. ڀگت ڪنوار رام جي نازڪ جسم ۾ گرم گوليون پوکيندڙ قاتل ڪنور رام جهڙي ڪردار کي نه قتل نه ڪيو هو پر تصوف جو تعارف پيش ڪندڙ صوفين جي سنڌ جي مک تي مذهبي ڪٽرپڻيءَ جو تيزاب هاري سيڪيولر سنڌ جي مهانڊا مٽائڻ جو ٻج ڇٽڻ جي شروعات ڪئي هئي. ڪنوار رام سڄي عمر جي عبادت جي طفيل کانپوءِ ڏٺل معصوم خواب هو جيڪو ساڀيا جي قيد ۾ قابو نه ٿيڻ جهڙو انسان جيڪو وچ ميدان تي ڇير ٻڌي نچندو ھيو ۽ راڳ کان پوءِ جھولي ڦھلائيندو ھو ان جھولي ۾ جيڪو ڪجهه پوندو ھيو ته ضرورتمندن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھيو پر جڏهن هن جي جهولي ۾ گولي آئي ته اها هن ڪنهن سان به نه ورهائي شايد ان گولي کي هن ڌرتي جي دين سمجهي پاڻ وٽ رکي هن دنيا مان جسماني طور جدا ٿي ويو. هو هن ڌرتي جو گهاٽو بڙ هو جنهن ڇانوري ۾ هر انسان مذهبي فرق کان آجو ٿي ويهندو هو. سنڌ جي امر شهيد جي اڄ81 هين ورسيءَ آهي پنهنجي ڌرتيءَ جي حقيقي ۽ اصل ڪردار جي سڃاڻپ شهيد ڀڳت ڪنور رام کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ سندس جاءِ شهادت رڪ ريلوي اسٽيشن تي سوين ماڻهو گڏجي رڪ ريلوي اسٽيشن تي ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪندا .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *