Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_l4ai4ttfhg5l6c5dd7c8eevmr9, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ناول ”1984“ ۽ موجوده حالتون - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ناول ”1984“ ۽ موجوده حالتون - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ناول ”1984“ ۽ موجوده حالتون

ناول ڪوروناوائرس سبب لاڪڊائون يا ٻين لفظن ۾ گهرن ۾ واڙيل ماڻهن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو رجحان تيزي سان وڌيو آهي. جن ڪتابن کي آن لائين يا مختلف ويب سائيٽن تان پڙهيو يا خريد ڪيو پيو وڃي، انهن ۾ جارج آرويل جا ٻه ناول “اينيمل فارم” ۽ “1984”شامل آهن. ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ جي سوال جو جواب تمام سادو آهي. اصل ۾ ڪوروناوائرس جي نتيجي ۾ پکڙيل ڪووڊ-19 جي وبا، دنيا جي مختلف ملڪن جي طرز حڪمرانيءَ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ٻين لفظن ۾ ڪووڊ-19، ان ننڍڙي ٻار جيان ٿي پيو آهي، جنهن بازار ۾ بنا ڪپڙن جي گهمندڙ بادشاهه کي ڏسي چيو هو “بادشاه ته اگهاڙو آهي!” پاڻ هتي ڊينش رائيٽر هنس ڪرسٽن اينڊرسن جي لکيل ٽيل ‘The Emperor’s New Clothes’ جو ذڪر ڪريون پيا. دنيا جي هڪ سؤ کان مٿي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ هي مشهور ڳالهه ته توهان يقينن پڙهي يا ٻڌي هوندي.
وبا جي ڏينهن ۾ ٽين دنيا جي ملڪن جي ڪهڙي پچار ڪجي؟اهي ته آهن ئي غريب مسڪين، پر ڪوروناوائرس ته يورپ جي ترقي يافتا ملڪن انگلينڊ، فرانس، اسپين، اٽليءَ کي ئي ڏينهن جا تارا ڏکاري ڇڏيا آهن. آمريڪا ۽ روس جا قصا ڪهاڻيون به سڀني جي سامهون آهن.ناول 1984 لاءِ چيو پيو وڃي ته ان ۾ جيڪا ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي، آمريڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڄڻ ان ڪهاڻيءَ جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي.
ان کان اڳ جو ناول جي خاص نقطن کي بيان ڪجي، مصنف جارج آرويل جي حياتيءَ باري ۾ ڪجهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. شايد ڪجهه ماڻهن کي ئي خبر هجي ته جارج آرويل جي قلمي نالي سان دنيا جي هن وڏي اديب جو اصل نالو ايرڪ آرٿر بلئير هو. جارج آرويل 1903ع ۾ هندستان جي رياست بهار ۾ ڄائو. جتي هن جو والد انڊين سول سروس ۾ ملازم ۽ نسلي لحاظ کان برٽن هو.هن جي ماءُ فرينچ هئي. آرويل جي ماءُ ننڍي لاڪون ئي هن کي برطانيا وٺي وئي، جتي هو تعليم حاصل ڪري پوليس ۾ ڀرتي ٿي برما ۾ پهچي ويو. ڪجهه سالن کانپوءِ موصوف کي خبر ناهي ڇا ٿيو جو پوليس جي نوڪري ڇڏي واپس انگلينڊ هليو آيو. اسپين ۾ سول وار شروع ٿي ته همراهه کي ان جنگ ۾ حصو وٺڻ جو شوق جاڳيو. ڊگهي قد سبب سندس ساٿي سپاهي مورچي ۾ بيهڻ کان منع ڪندا هئا، پر همراهه نه مڙيو. آخر هڪ ڏينهن گولي هن جي ڪنڌ مان آرپار ٿي وئي. ڀاڳ ڀلا جو بچي ويو. ان عرصي ۾ ٻين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ته وري جنگ ۾ حصو وٺڻ جو شوق جاڳيس، پر طبي لحاظ کان ان فٽ ٿيو. جنهن کانپوءِ پڙهائڻ جو خيال دل ۾ آيس، ڪجهه مختلف تعليمي ادارن ۾ استاد جي حيثيت سان پڙهائڻ شروع ڪيائين. ٿوري عرصي ۾ ماستريءَ جو شوق به پورو ٿيس، جنهن کي ڇڏي صحافت جي شعبي ۾ ڪڏي پيو. بي بي سي جي نشريات ۾ باقاعدگي سان حصو وٺندو رهيو.
جارج آرويل، عمر جي آخري حصي ۾ ٻه ناول شاندار لکيا. جن مان هڪ 1984 پڻ آهي. هي ناول 1949ع ۾ لکي مڪمل ڪيائين، 1950ع ۾ پاڻ 47 سالن جي عمر ۾ ٽي بيءَ جي مرض سان وڙهندي هڪ سينيٽوريم ۾ گذاري ويو. مرڻ وقت جارج آرويل کي اندازو ئي نه هو ته ايندڙ وقت هن جو هوندو. هن وقت به جارج جا ناول جنهن شوق سان پڙهيا پيا وڃن، سو هن رائيٽر جو ڪمال آهي. جارج آرويل، جن ناولن جي ڇپائڻ لاءِ مسودو کڻي، لنڊن جي گهٽين ۾ پبلشرز کي منٿون ڪندو هو، پريس وارا هن کي ڇڙٻون ڏيندا هئا، اهي ناول هاڻي دنيا ۾ بيسٽ سيلنگ جي لسٽ ۾ آهن!
1984ع ناول ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ جي جواب ۾ لکي سگهجي ٿو ته جارج آرويل هن ناول ۾ ٽن تصوراتي سلطنتن جو ذڪر ڪيو آهي. پهرين روس جي سلطنت، جنهن برطانيا کانسواءِ باقي سڄي يورپ کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو آهي. برطانيا تي وري آمريڪا قبضو ڪري اوسينيا جي نالي سان هڪ وڏي سلطنت قائم ڪري ورتي آهي. ٽين سلطنت ايشيا ۾ قائم ٿي وئي آهي. ٽنهي وڏن سلطنتن جو مک مسئلو هي آهي ته هر وقت هڪ ٻئي خلاف ويڙهه لاءِ تيار رهن ٿيون!
آمريڪا واري تصوراتي سگهاري رياست ۾ انگلش سوشلزم جي نالي تي آمريت مڙهيل آهي. انر پارٽيءَ جي نالي سان ڪل آباديءَ جو ٻه سيڪڙو سرڪار هلائي پيو. تيرهن سيڪڙو مڊل ڪلاس باقي پنجاسي فيصد ورڪنگ ڪلاس آهي، جنهن تي سرڪار طرفان تمام گهڻيون پابنديون مڙهيل آهن. ورڪنگ ڪلاس تي نظر رکڻ لاءِ هر پاسي ڪئمرا لڳايا ويا آهن. هر جاءِ تي لکيو ويو آهي، “بگ برادر توهان کي ڏسي پيو.” اوسينيا رياست ۾ چار وزارتون قائم آهن. پهرين وزارت جو نالو ته “امن جي وزارت” آهي پر ان جو ڪم جنگ ۽ ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ آهي. ٻين وزارت جو ڪم عوام لاءِ گهڻي مقدار ۾ کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪرڻ آهي، پر ان جي ابتڙ ان وزارت ۾ ماڻهن جي خوراڪ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. ٽين منسٽري جو ڪم رياست ۾ نظم ضبط برقرار رکڻ آهي، جنهن لاءِ ماڻهن جي برين واشنگ ڪئي وڃي ٿي. چوٿين جو نالو ته سچ جي وزارت آهي، پر ان جو حقيقي ڪم گهڻي کان گهڻي پروپئگينڊا ڪري تاريخ کي تبديل ڪرڻ آهي. جيئن ناول جو مرڪزي ڪردار ونسٽن سمٿ، جيڪو اڪثر ڪري تاريخي رڪارڊ کي تبديل ڪندو رهي ٿو. سمٿ جي نظر ۾ اتهاس جي بس ايتري اهميت آهي، جيڪو حال ۾ ڪم اچي. ان ڪري رڪارڊ ۾ ڦير گهير ڪري ان کي پارٽي لائين تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
ناول1984 جي گهرج ۾ اچانڪ اضافي، جو سبب جتي ڪوروناوائرس جي ڪري ماڻهن جو گهرن ۾ واندو ويهڻ ۽ مطالعي لاءِ مناسب مواد جي تلاش آهي، اتي گهڻا ماڻهو سوچن ٿا ته آمريڪا سميت دنيا جا اڪثر ملڪ، پوءِ امير هجن يا غريب. ان ناول جي پوئيواري ڪندي ساڳي پاليسيءَ تي هلن پيا. خاص ڪري آمريڪا جي موجود صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون حڪمت عمليون ان ناول جي پلاٽ سان هڪجهڙايون رکن ٿيون. آمريڪا کي ڇڏيو، ٿورو پنهنجي ملڪ جي پالسين تي ئي غور ڪيون ته توهان کي ناول ۾ لکيل ڳالهيون ۽ اسان جي ملڪ جي پاليسين ۾ حيرت جي حد تائين هڪ جهڙايون نظر اينديون. هن سڄي معاملي ۾ ايرڪ آرٿر بلئير جي دماغ کي جس ڏيڻ تي دل گهري ٿي. ياد ڏيارجي ته جارج آرويل جو اصل نالو ايرڪ آرٿر بلئير هو، جيڪو هن جي قبر جي ڪتبي تي لکيل آهي. اتي جارج آرويل ناهي لکيو ويو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *