Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_19q2mblfhe39aje4g67nta04sg, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
نظرياتي ٿيڻ جو دور ۽ عملي سياست جا نوان اصول - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar نظرياتي ٿيڻ جو دور ۽ عملي سياست جا نوان اصول - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

نظرياتي ٿيڻ جو دور ۽ عملي سياست جا نوان اصول

ان ڏينهن شهدادڪوٽ واري سنگت سان ڪوٽو موٽو چوڪ ڀرسان ڪچهري جاري هئي ته اسان جي پراڻي ليفٽسٽ دوست ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جي پراڻي ساٿيءَ اوچتو نواز شريف جي ان تقرير جي تعريف ڪئي جيڪا هن تازو اسلام آباد ۾ ٿيل اي پي سي ۾ ڪئي هئي. نواز شريف جي ان تقرير جي تعريف هونئن ته هر صحافي ۽ سياسي سوچ وارو سياسي ڪارڪن ڪري رهيو آهي پر هن ڪامريڊ جو خيال هو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ خلاف اڳ ۾ ڪنهن به اڳوڻي وزيراعظم اهڙو موقف کلي طرح سان نه رکيو آهي ايتري تائين جو نوازشريف پنهنجي تقرير ۾ ريٽائرڊ جنرل عاصم سليم باجوه جو نالو وٺي مٿس ڪرپشن جا الزام مڙهيا ۽ سي پيڪ جي مالڪ چين تائين اهو نياپو پهچايائين ته توهانجي کربين روپين واري سيڙپڪاري هاڻي محفوظ هٿن ۾ ناهي رهي.ڇو ته هاڻي اهو ساڳيو ئي عاصم سيلم باجوه سي پيڪ اٿارٽي جو سربراهه بڻيل آهي.ڪامريڊ جي ڳالهه کي جيڪڏهن اڳتي وڌائيندي نواز شريف جي تقرير واري ان حصي کي تازو آصف زرداري سان چين جي سفير پاران ڪيل ملاقات جي پسمنظر سان ملائي ڏسجي ته گهڻا ئي نتيجا نڪري سگهن ٿا.ڪامريڊ جي خيال ۾ ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ خلاف سياسي جماعتن جو هڪ مضبوط اتحاد جڙي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ ايم آر ڊي جهڙي سياسي تحرڪ وارا ڏينهن اچڻ وارا آهن جن لاءِ اسان جهڙا ماڻهو سڪي مئا آهن.اها ڳالهه ڪندي ڪامريڊ جي اکين ۾ هڪ اهڙي چمڪ اچي وئي جيڪا کيس اسي واري ڏهاڪي جي ان دور ۾ وٺي وئي جتي جمهوريت جي بحالي لاءِ روزانو ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ نعرا هوندا هئا، جلساهوندا هئا، ريليون هونديون هيون.انهن جلسن ريلين جا احوال شهر ۾ ڏينهن جو سڙيل ٽائرن واري ڌپ ۾ روڊ ڪناري ڪنهن مانڊڻي تي ويهي بي بي سي ريڊيو تان ٻڌبو هيو يا وري ٻئي ڏينهن جي اخبارن ۾ انهن جلسن جا حال احوال پڙهبا هئا ۽ نئون جوش جذبو پيدا ٿيندو هو .ڪامريڊ کي ڪچهري ۾ شامل ڪنهن ٻئي دوست ٻڌايو ته هاڻي دور بدلجي ويو آهي ماڻهو سوشل ميڊيا استعمال ڪن ٿا جنهن ذريعي ان وقت ئي ترت خبر پئجي وڃي ٿي ته نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز پڻ اسلام آباد ۾ پيشي دوران تمام بولڊ موقف رکيو آهي ته سياسي فيصلن تي مشاورت جي ايڇ ڪيو ۾ نه ٿيڻ گهرجي نه ان ۾ سياسي اڳواڻن کي شامل ٿيڻ گهرجي.جنهن بعد ڪامريڊ کي نواز ليگ جي هاڻوڪي موقف سان ايتري محبت ٿي وئي جو هن سنگت ۾ جذباتي نعرو به هڻي ڇڏيو ته جيئي نوازشريف پر کيس ڪنهن درستگي ڪرائيندي اهو موقف پڻ رکيو ته ڪامريڊ اهي سرمائيدار ۽ جاگيردار جڏهن اسٽيبلشمينٽ مان ڏکيا ڏينهن ڏسندا آهن تڏهن پنهنجي مفاد تحت اهڙا نعرا هڻي اسان جي حمايت حاصل ڪن ٿا باقي نواز شريف ڪو رات پيٽ وچ ۾ داس ڪيپيٽال پڙهي انقلابي ڪو نه ٿيو آهي نه ئي مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڪامريڊ لينن جي تصوير کانسواءِ ڪا ٻي تصوير نٿي رکي.هي نظريه ضرورت تحت انقلابي ٿيل نسل آهي جنهن کي توهان اسان ايئن جذباتي ٿي اکين تي رکنداسين جيئن اسي واري ڏهاڪي ۾ اسان جي ترقي پسند تحريڪن جي وڏڙن ڪيو.انهن جنرل ضياءَ جي آمريت جي خاتمي خاطر نه رڳو انهن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو ساٿ ڏنو جن خلاف هو طبقاتي ويڙهه وڙهي رهيا هئا پر ايم آر ڊي ۾ اسان جا ترقي پسند ڪارڪن ايترا جذباتي ٿي ويا جو جڏهن جيل ڀريو تحريڪ هلي ته خود پيپلزپارٽي کان وڌيڪ عوامي تحريڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جا ماڻهو جيلن ۾ هليا ۽ جيل ڀري ڇڏيائون.انهن سوين هزارين ڪارڪنن جي قربانين جي نتيجي ۾ جڏهن آمريت جو طوق ٽٽو ۽ اليڪشن جو اعلان ٿيو ته انهن ئي جاگيردارن جون اکيون ئي ڦري ويون ۽ هنن ايم آر ڊي رهبر ڪميٽي جي ان فيصلي جو به احترام نه ڪيو ته ايم آر ڊي ۾ شامل پارٽين جي سربراهن جي سامهون ڪنهن به تڪ تي ٻي جماعت پنهنجو اميدوار نه بيهاريندي.وڏيرن اليڪشن ڏسي پنهنجي اڳواڻن مٿان ايترو زور ڀريو جو هنن کي ٺٽي ۾ رسول بخش پليجو نظر نه آيو نه ئي ٿر ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي نظر آيو ڇو ته انهن ٻنهي ترقي پسند اڳواڻن جي اسيمبلين ۾ اچڻ سان وڏيرا شاهي کي شديد خطرو ٿئي ها تنهنڪري هنن ايم آر ڊي جي ساٿي رسول بخش پليجي جي اهڙي رستا روڪ ڪئي جو کيس ڪڏهن به اسيمبلي ايوان ۾ پهچڻ نه ڏنائون نه ئي ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد جو احترام ڪندي ڪو تڪ سندس لاءِ خالي ڇڏيائون.کيس صوبائي صلاحڪاري به تڏهن ڏنائون جڏهن هن پنهنجي پارٽي کي الوداع ڪري پيپلزپارٽي جوائن ڪئي پر هاڻي جيڪڏهن نواز شريف مريم نواز سميت اوچتو انقلابي ٿيڻ چاهي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي ۽ حڪمران جماعت کانسواءِ باقي سموريون سياسي جماعتون سندس حمايت ڪنديون.ڇو ته پاڪستان جي پارلياماني سياستدانن ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري هن مرحلي کي جيڪڏهن سياسي تضاد کان وڌيڪ مالي ۽ سرمائيداري تضاد جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته ان ويڙهه لاءِ نوازشريف ئي بهتر پوزيشن ۾ هوندو، شايد تڏهن ئي کيس خطرون ڪي کلاڙي آصف زرداري پڻ اهو موقعو ڏنو آهي ته هن ڀيري اينٽي اسٽيبلشمينٽ جو جهنڊو سنڌ بدران پنجاب جو ڪو اهڙو اڳواڻ کڻي جنهن کي تڪڙو جهڪائڻ اسٽيبلشمينٽ جي وس ۾ نه هجي.
هونئن به ڏٺو وڃي ته پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ اسٽيبلشمينٽ کان ايتري خائف آهي جو هڪ لاهور واسي تجزيه نگار موجب پوري صوبي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ برگيڊيئر سطح جو عملدار ايئن ڪافي آهي جيئن اي پي سي کانپوءِ نواز ليگ جي سموري اينٽي اسٽيبلشمينٽ موقف تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ ڊي جي آئي ايس پي آر جو هڪ بيان ڪافي آهي.اسٽيبلشمينٽ بابت ٻنهي صوبن جي عوام جي راين ۾ پڻ ڪافي فرق آهي پنجاب جي عام ماڻهو ۾ ايترو سياسي اعتماد آهي جو مريم نواز جو مڙس ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر پڻ کلم کلا اسٽيبلشمينٽ خلاف اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي جن جي اڌ جيترا بيان ڏيڻ تي سنڌ جا ڪافي نوجوان سياسي ڪارڪن کنڀجي وڃن ٿا.تنهنڪري سنڌ ته سياسي طرح خائف هجي پر اسٽيبلشمينٽ جي پنهنجي گهر پنجاب مان اگر اهو ماڻهو اينٽي اسٽيبلشمينٽ تحريڪ شروع ڪري ٿو جنهن مٿان ماضي ۾ ضياءَ جو پاليل ٻچو هئڻ جا الزام آهن ته اها سياسي ۽ معاشي مفادن جي جنگ واقعي ڏسڻ جهڙي هوندي.نواز شريف کي يا آصف زرداري کي چين پاران يا اسٽيبلشمينت پاران ڪو گرين سگنل مليو آهي يا نه اها خبر کين هوندي يا ڌڻين کي باقي ٻڌڻ ۾ اهو پيو اچي ته وزيراعظم عمران خان مان کيس اقتدار ۾ آڻيندڙ پاڻ اهڙو اچي ڦاٿا آهن جو هاڻي وتن ٿا کيس هٽائڻ جون ٽلون ڪندا ته ڪنهن بهاني هن همراهه مان هٿ ڪڍون. تنهنڪري ڪجهه سازشي نظريا ڏيندڙ ماڻهن جي هڪ سازشي ٿيوري اها به هلي رهي آهي ته عمران حڪومت خلاف تحريڪ ۾ خود اصل مالڪن جي خاموش رضامندي به شامل هوندي ته جيئن هو پنهنجي مٿان لڳل انهن الزامن کي ڌوئي سگهن جن کي ڪجهه وقت اڳ شيخ رشيد معرفت عام ڪيو ويو هو ته سياست ۾ عسڪري قيادت جو ڪو ڪردار ناهي. نيب به پاڻ سياستدانن ڊاهي ۽ عدالتون به آزاد آهن تنهنڪري اهي آڱر کڻي اشارن اشارن ۾ ميارون ڏيڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.پر هاڻي اقتداري سياستدان به صفا ٻار ناهن جو شيخ رشيد جي وضاحتن تي وتن اعتبار ڪندا تنهنڪري هنن سندرا ته ٻڌا آهن پر اقتدار جي ان راند ۾ وڌ کان وڌ جذباتي ڪردار ان مولانا فضل الرحمان جو هوندو جنهن جي اسٽريٽ پاور کي شهباز شريف ۽ آصف زرداري هڪ تيز نظر واپاري واري اک سان ڏسي رهيا آهن ۽ ڪنهن پراڻي ڪامريڊ چواڻي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ملان ۽ ملٽري اتحاد ٽوڙي هڪ ڀرپور عوامي حمايت وارو ملان پنهنجي پاسي بيهارڻ زرداري يا شهباز جي ڪاميابي آهي.تنهنڪري هاڻوڪي سيٽ اپ ۾ جيڪڏهن ٻنهي مک جماعتن پنهنجي اينٽي اسٽيبلشمينٽ موقف تي ڪا تڪڙي سياسي مفاهمت نه ڪئي ته کين عمران خان جي مقابلي ۾ عوامي برتري ضرور حاصل ٿي سگهي ٿي ڇو ته پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ ٻن سالن بعد حڪمرانن مان عوام سندن معاشي پاليسين سبب هونئن ئي بيزار ٿي ويندو آهي.باقي رهي ڪامريڊ جي ان عوامي سياست واري عروج جي واپسي جن ڏينهن ۾ هو شهدادڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي بيهي ڪا تقرير ڪندو هيو ته هاڻي شايد اهي ڏينهن ايترا جلدي واپس نه اچن ڇو ته هي نواز ۽ زرداري جي اينٽي اسٽيبلشمينٽ اقتداري جدوجهد آهي ڪا لينن يا چي گويرا واري تحريڪ ناهي جيڪو چهرن بدران نظام بدلائي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *