تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون

ڪڏھن ڪڏھن ڪجھه سوچيندي الائي ڇو ايتري چڙ ايندي آھي جنهن کي ڏاڍي ڪوشش کانپوءِ به قابو ۾  آڻي نه سگهبو آھي، جذبا ايئن اڀري پوندا آھن ، جيئن گرم چن تي پاڻي وجهڻ سان ڌماڪو ٿيندو آھي ، ان جا ڀلي ٻيا ڪيترائي سبب هجن، ليڪن اهم سبب  معاشي بدحالي ۽ بي چيني آھي. اسان وٽ وقت گذرڻ سان معاشي ۽ معاشرتي بدحالي ۾ ويتر اضافو ٿيندو رهي ٿو. هئڻ ته ايئن نه کپي ڇاڪاڻ ته دنياڏينهون ڏينهن ترقي جون وکون  کڻندي انساني آرائشن ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪندي رهي ٿي ۽ سڌريل ملڪن جا ماڻھو رهائش کان ويندي تعليم ، صحت ۽  سفري سهولتن ۾  ايترو ته جديد ٿي ويا آھن ،جنهن جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي .
ان ڳالھه کان انڪار ڪونهي ته  انساني آبادي جي واڌ  صحت ، زراعت ، تعليم ، کاڌ خوراڪ ۽ ٻين مسئلن ۾  وڌيڪ الجهايو آھي ، پر انساني آبادي نه فقط اسان جي ديس ۾  وڌي آھي ، انساني آبادي جو واڌارو ساري عالم انسان سان لاڳو آھي ، ليڪن سڌريل ملڪن  ۾ حڪومتون  منصوبا بندي سان  چئلينجز کي منهن ڏينديون ترقي جي ميدان ۾ اڳيان نڪرنديون وينديون آھن. افسوس اسان وٽ ھتي پيچيده مسئلا حل ٿيڻ بدران  ڏينهون ڏينهن  وڌندا ئي رهيا آھن جنهن ڪري اسان  اڳيان وڌڻ  بدران  پٺتي ڌڪبا ٿا وڃون، اڳي به پاڻي جي  کوٽ هوندي هئي ، اڳي به آباديون ٿينديون هيون ، اڳي به ماڻھن سان مسئلا هوندا هئا، ليڪن ههڙي حالت نه هئي.
هڪ ڏينهن  نورمحمد لغاري جي ڳوٺ وڃڻ جي ارادي سان بارڻ  اسٽاف تي لهڻ ٿيو ٿورو اڳيان  گلابن جا کيت  نظر آيا ،جن ۾  ڳاڙها ڦلاريل گل  مهڪي رهيا هئا ، نور محمد لغاري جيڪو ان وقت  ڪنهن اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو ، ان ٻڌايو هو ته گلابن جي آبادي وڏي اپت واري آبادي آھي ، لڳ ڀڳ ٽي سال   فصل پيئي ڏيندي آھي ، هن ٻڌايو  هو ته  هي آبادي پوکڻ کانپوءِ  ٺيڪيدار ٽن سالن تائين زميندار  کي پئسا ڏيئي  آبادي خريد ڪري وٺندا آهن ، ۽ پوءِ ان تي مالهي ۽ آرائين لڳايا ويندا آھن ، جيڪي هر باک ڦٽي جو گلن جو چونڊو ڪري بازار ۾ وڪڻڻ ويندا آھن .ٻئي ڏينهن ڀنڀرڪي ويل  نور محمد  کي ساڻ ڪري گلابن جي باغ ۾  وياسين ، اڃان ماڪ جو ڌنڌلو هٽيو ئي مس هو  ته  گل پٽيندڙ  ڇٻيون کڻي پهچي ويا هئا ، اسان کي پهرئين گلابن جي فصل ۾  اندر اچڻ کان روڪيو ويو پر  نور محمد کي  سڃاڻڻ کانپوءِ   اسان کي فصل ۾ اندر ڇڏيو ويو. ڀنڀرڪو  هٽي چڪو هو ساري ويل مهڪي  رهي هئي، گلابن جي خوشبو پري وپري تائين پکڙجي رهي هئي .
پوءِ هڪ ڊگهي وقت تائين   جاڳ جي ڀنڀرڪن ۾  اهو ڀنڀرڪو مهڪندو ٿي رهيو گهڻو پوءِ اتان گذر ٿيو ته گلابن جي  فصل واري زمين تي  سيوري  جو فصل بيٺل هو پاسي کان پوليس چوڪي هئي جنهن  جي در مٿان سڪل گلابي  ڪنٺيون  لڏي رهيون  هيون.
پاڻي جي کوٽ  زمين جي نه فقط  زرخيزي ۽  فطري بيهڪ کي تباهه ڪيو آھي ليڪن  هارين ۽ آبادگارن جي   معاشي ۽ سماجي  زندگي کي به  سخت متاثر ڪيو آھي. هاڻوڪي حڪومت  جيتوڻيڪ  کوکلن نعرن  کانسواءِ  ٻيو ڪجھه نه ڪري سگهي آھي ، جيڪڏھن ڪجھه ڪري سگهي آھي ته فقط  مهانگائي  ۽ بيروزگاري ۾ اضافو.
عثمان علي مسافر هن مهانگائي کان اڳ مري ويو جيڪڏھن زنده هجي ها ته  هن حڪومت ۾ مهانگائي کي ايئن ڳائي ها جيئن ڀٽائي سائين اوڏڻ ڳائي هئي. اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو.
عثمان علي مسافر غالبن ٽنڊي محمد خان جي علائقي لڌان جو رهواسي هو جتان  قديمي درياءَ جو پراڻو ڦاٽ ور وڪڙ کائي اولھه ڏکڻ کان اڳيان نڪري ٿي ويو، عثمان مسافر ڪجھه عرصو  بلڊنگ کاتي ۾ داروغو به رهيو، سندس ڄمار جي آخري سال ۾ ھي مڻيهيار به رهيو، شھر مان اوڌر تي ڪپڙو کڻي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي هوڪا ڏيئي ڪپڙو وڪڻندو هو، في البديح شاعر هو.  هڪ ڀيري منهنجي ڳوٺ به آيو هو سنڌ جي هن گمنام شاعر تي آئون اڳي به سندم ڪتاب “ اڌ صدي جي اتهاس” ۾ لکي چڪو آھيان ان ڪري  يادن جي ڍيري کي اڻ ڪتيو ڇڏي اڳيان  وکون وڌايان ٿو.
 مون کي اوچتو راڌو ياد آيو جيڪو هر هاري هو ، هو اڪثر ڪري اونهاري ۾ پوکائي دوران  زمين تي  سهڪندي نظرايندو هو ، پاڻي ڪونهي ، ابا پاڻي ڪونهي ، پيو چوندو هو هو اڪثر ڪري اهو چوندي    به ٻڌبو هو ته ايندڙ وقت اڃان ڏکيو اچڻو آھي، اسان تي اهڙا حڪمران ايندا جيڪي  عوام جو ڄئور  جيان رت چوسيندا.  راڌو جيڪو  هو بهو فلمي ڪردار جهڙو لڳندو هو ڪڏھن گذاري ويو،ان جي ڪائي خبر ناهي ،ليڪن ان جهور هاري پوڙھي جون ڪيل اڳڪٿيون هاڻي منڊي تي ٽڪ جيان عيان نظر اچي رهيون آھن. دنيا ۾  ڪوڙ ،  لالڇ ، فريب ، دوکو ، مار ڌاڙ ، ايتري ته وڌي ويئي آھي ، جو  انسان ۾ اعتماد ۽ سچائي جو  تصور ئي ختم ٿي رهيو آھي. اسان جي وڏي ۾  وڏي بد قسمتي اها آھي جو اسان جا ليڊر ئي  اسان کي ڪوڙا نعرا ڏيئي  هڪ ٻئي خلاف برغلائي اسان کي الجهائي  ۽ معاشي طرح  پوئتي ڌڪيندا رهيا آھن، جمهوريت جي نالي ۾   جمهوري قدرن کي پائمال ڪيو پيو وڃي.
ھن وقت   سنڌ ۾  پاڻي جي کوٽ  هڪ وڏي ۾ وڏو مسئلو آھي پاڻي جي کوٽ ساري ملڪ ۾ ڀل هجي به ليڪن  پاڻي جي ورڇ صحيح نه هئڻ ڪري  زراعت تباهه ٿي رهي آهي. پاڪستان  شروع کان وٺي زرعي ملڪ رهيو  آھي، هاڻي جڏھن قدرتي ۽ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ سبب زراعت ختم ٿيڻ وڃي رهي آھي   ته اسان  معاشي ۽ معاشرتي طرح پٺتي وڃي رهيا آھيون ، جيڪو هن جديد دنيا ۾  ڪنهن به طرح  تباهي ڏانهن وڃڻ کان گهٽ ڪونهي.
مون کي ياد پيو اچي  گهڻو وقت لوڻيلو جي  مٿانهين علائقن ۾ سڻي جا فصل ڪيا ويندا هئا ، هيٺائون علائقو ڍنڍ ھوندو هو ، جتي پاڻي اچڻ سان مڇي ٿيندي هئي ،  مون سڻي جا اهي فصل اکين سان ڏٺا هئا ، سڻي جا فصل جڏھن گل جهليندا هئا ته جهنگل ۾ منگل لڳو پيو هوندو هو ، پاسن کان سڻي جا هيڊا گل  ڪڙين کان سرن جا نسريل اڇا ٻوه  ، ڍنڍ جي ڪنارن کان ڪنول جا رنگا رنگي گل پيا جهومندا هئا ، ان وقت بنگلاديش ۾ به سڻي جو فصل وڏي مقدار ۾ پوکيو ويندو هو .مون  ٿر ۾ ھڪ دفعي غالبن ڪهڙي جي ڳوٺ ۾ هڪ ڀٽ تي ڀنڀرڪي ويل سڻي جي گلن جهڙا هيڊا گل ڏٺا هئا ، جيڪي ان وقت گهڻي مينهن وسڻ کان پوءِ  اڀري آيا هئا پوءِ معلوم ٿيو  ته اهي ننڊا ٻوٽا آھن جيڪي اڀرڻ جي ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڏينا جهليندا آھن. ڏينا  ڦاٽڻ کان پوءِ ان ۾  گل ٽڙي پوندا آهن خوشبو سان گڏ ان کي ٿري چوپايو مال کائيندو آھي ، ٿري ماڻهو انهن ٻوٽن  سان گڏ  گدرن ۽ ڇانهين جا ٻيجا  به ڇٽي ڇڏيندا آھن ، وري جڏھن ٻن ٽن ڏينهن ۾  بارش پوندي آھي  ته گدرن ۽ ڇانهين  جي ول موري ويندي آھي  مورڻ کان پوءِ  گدرن ۽ ڇانهين جي ول انهن ٻوٽن کي ڳراٽڙيون ڏيندي مٿي چڙھندي پيئي ويندي آھي تان جو پاڻ به گل ڦاڙي فطرت جي سونهن بڻبي آھي.
هن وقت جڏھن ماڻھو مهانگائي جي طوفان ۾ ڪکن پنن وانگر اڏامي رهيا آھن ۽ کاڌي جي هڪ ويلي لاءِ پريشان آھن ، صحت جون ڪي  به سهولتون نه آھن روز روز نيون  بيماريون جنم وٺي رهيون آھن ، پاڻي پيئڻ لاءِ ميسر نه آھي ته اهڙين حالتن ۾ حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ   تعليم ، صحت ، ۽ روزگار ڏيڻ سان گڏوگڏ  پاڻي به مهيا ڪري ڏيڻ گهرجي ته جيئن ماڻھو ٻني ٻارو ڪري  هن مهانگائي جي ڀڙڪندڙ باهه کي وسائي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *