تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

نواز ليگ جو جارحاڻو انداز ۽ پريشان حڪومت

20 سيپٽمبر 2020ع تي ٿيل مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت تقرير جڏهن سمورن ٽي وي چينلن تي نشر ٿي وئي تڏهن وفاقي حڪومت ان جو ڪريڊٽ کڻندي چيو هو ته وزيراعظم جي منظوري سان نواز شريف جي تقرير نشر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، پر ان بعد ميان نواز شريف 30 سيپٽمبر تي پارٽي جي سي اي سي ۽ پهرين آڪٽوبر تي پارٽي جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس کي اي پي سي کان وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ ۽ سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو حدف بڻايو ته پهرين آڪٽوبر تي ئي نواز شريف جي پارٽي کي خطاب بعد سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز اهو واضح طور تي چيو ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ادارن کي حدف بڻائڻ جي نواز شريف کي اجازت ڏيڻي آهي يا نه، ان پريس ڪانفرنس جي ٿوري دير بعد پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سرڪيولر جاري ڪندي سمورن ٽي وي چينلن کي مجرم قرار ڏنل ۽ مفرورن جي تقريرن ۽ خطابن کي نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سوال اهو آهي ته اهڙي پابندي جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي، ان سوال جو جواب ڄاڻڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي اي پي سي بعد ڪيل ٻن پارٽي اجلاسن جي خطابن جو سرسري جائزو وٺڻو پوندو، 30 سيپٽمبر تي پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي ميان نواز شريف چيو ته “چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين کي تسليم ڪرڻ کي ضمير نه ٿو مڃي، اسان انگريزن جي غلامي مان نڪري پنهنجن جي غلامي ۾ اچي ويا آهيون، جنهن اسيمبلي ۾ اوهان ويٺا آهيو اها ڪمپرومائيزڊ آهي، جج محمد بشير جي عدالت مان هڪ ڪرنل صاحب ڇو نڪتو، صحافي جي سوال تي ان منهن ڪتاب ۾ ڇو لڪايو، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه ظهير الاسلام مون کي پيغام موڪليو ته وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي گهر هليا وڃو اهو اڌ رات جو پيغام مليو ۽ چيو ويو ايئن نه ڪرڻ تي توهان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ملڪ ۾ مارشل لا به لڳي سگهي ٿي،
موجوده آرمي چيف بابت مولانا غفور حيدري چيو ته مون کي ان گهرايو ۽ چيو ته توهان ڌرڻو بند ڪيو اسان جيڪو ڪجهه نواز شريف خلاف ڪيون پيا ان ۾ مداخلت نه ڪيو، ايئن چوڻ بعد سياست ۾ ڪهڙي مداخلت رهجي وڃي ٿي.” نه رڳو ايترو پر ميان نواز شريف ان خطاب ۾ اهو به چيو ته اڳوڻي جج شوڪت صديقي کي به ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي آزاد ڪيو ويو ته اسان جي ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي، اهي ڳالهيون ڪرڻ جو وقت هوندو آهي، اهو ٽرننگ پوائنٽ اچي چڪو آهي، ايئن نواز شريف ن ليگ جي پهرين آڪٽوبر تي ٿيل سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس کي اڃان به سخت خطاب ڪيو، جنهن جا مک نقطا ڪجهه هن ريت آهن ته “اڍائي سالن ۾ اسان ڪهڙو وقت نه ڏٺو آهي، پاڪستان جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو آهي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بجاءِ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، بجلي بل عوام تي بم بڻجي ڪري رهيا آهن، ماهوار 30 هزار ڪمائيندڙ لاءِ به خرچ پورا ڪرڻ ممڪن نه رهيو آهي، عمران خان کي آڻيندڙ ڪٿي آهن، اهي قوم کي جواب ڏين، اسان عمران خان کي اهميت نٿا ڏيون ان سليڪٽيڊ کي آڻي مسلط ڪيو ويو آهي، ان سوکڙي کي آڻيندڙ ٻڌائين ته عوام جو مينڊيٽ ڇو چوري ڪيو ويو. موجوده حالتن کي ڏسي خاموش نٿو رهي سگهان ۽ مون کي ڪو خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش به نه ڪري، گونگا، انڌا نه آهيون، 3 ڀيرا وزيراعظم رهيو آهيان اوهان کي خطاب لنڊن کان ڪري رهيو آهيان، ڪالهه مون لاءِ عدالت ڪهڙا ارشاد فرمايا آهن، اسان کي ڪهڙو انصاف ملندو، ڪهڙو انصاف مليو آهي،
نواز شريف ان مٽي جو ٺهيل نه آهي جو ٻٽي معيار تي خاموش رهي، ملڪ جن مشڪلاتن ۾ آهي انهن جو ذميوار عمران خان ته آهي پر اصل ذميوار کيس آڻيندڙ آهن، ان جو حساب انهن کي ڏيڻو پوندو، ڪو بک ۾ مري ٿو، موٽروي تي ڪنهن جي عزت لٽي وڃي ٿي ته ان جا ذميوار به عمران خان کي آڻيندڙ آهن، ڊالر 100 کان 170 تي پهچڻ، معيشت جي خراب ٿيڻ، پاڪستان کي ايشيا جو پسمانده ترين ملڪ بڻائڻ جا به ذميوار عمران خان کي آڻيندڙ آهن.” ميان نواز شريف ٻنهي ڏينهن جي خطاب ۾ جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوا جي سامهون آيل ملڪيتن بابت ڪا به ڪارروائي يا جاچ نه ٿيڻ کي به لڳاتار حدف بڻايو ، خير نواز شريف جي ٽن خطابن بعد ان جي تقريرن کي ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. سوال هي آهي ته ڇا هن جديد ۽ ڊجيٽل دور ۾ ان پابندي ذريعي نواز شريف جي خيالن کي عام ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪي سگهجي ٿو؟ توڙي جو ان سوال جو جواب انڪار ۾ آهي پر ان پابندي جو مخالف ڌر جي حڪومت خلاف تحريڪ تي اثر ضرور پوڻ جو امڪان آهي، ڏسجي ته مخالف ڌر خاص طور تي نواز شريف کي ان جو خدشو اڳ ئي هو ان ڪري ن ليگ اي پي سي جي تقرير کي سوشل ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ جا بندوبست ڪيا هئا، هاڻي لڳايل پابندي بعد به اهو ٽول استعمال ڪيو ويندو پر پي ڊي ايم جي تحريڪ کي روڪڻ لاءِ حڪومت به هر ڪوشش ڪندي. محسوس ٿي رهيو آهي ته اي پي سي بعد اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي گرفتاري جو امڪان ڏيکاريو پئي ويو ۽ ان جي گرفتاري به عمل ۾ اچي وئي آهي، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي گرفتاري جو به امڪان ڏيکاريو پيو وڃي،
مولانا فضل الرحمان کي نيب جو نوٽيس جاري ٿي چڪو آهي، اڳوڻو صدر آصف زرداري ته اي پي سي ۾ ئي اهو چئي چڪو آهي ته اي پي سي بعد سڀ کان اڳ گرفتار ٿيندڙ مان هوندس، ايئن مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن جي گرفتاري جا به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن مريم نواز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ گرفتار ٿين ٿا ته اهو درست آهي ته ڪارڪنن کي روڊن تي آڻڻ مشڪل ضرور ٿيندو پر ان سان پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ڪاوڙ به پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڪارڪنن کي رستن تي آڻڻ جو سبب ٿي سگهي ٿي. ن ليگ مان جيڪڏهن مريم نواز کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته ميان نواز شريف ته اهو واضح طور تي اشارو ڏئي چڪو آهي ته في الحال هو ملڪ اچڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي، مطلب ته مريم نواز جي گرفتاري بعد به ڪارڪنن کي رستن تي آڻڻ لاءِ نواز شريف لنڊن مان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ميان نواز شريف پارٽي اڳواڻن کان حلف کڻايو آهي هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت خلاف سچائي سان نڪتاسين ته مهينن يا هفتن ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. معلوم نه آهي ته ميان نواز شريف ايئن ڇو محسوس ڪري رهيو آهي،
اهو به معلوم نه آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مهرباني سان سياست ۾ ايندڙ ۽ مسلسل انهن جي ويجهو رهندڙ نواز شريف ان ئي اسٽيبلشمينٽ خلاف اوچتو سخت موقف ڇو اختيار ڪرڻ لڳو آهي، اهو به معلوم نه آهي ته ان سخت ۽ جارحاڻي انداز کي هو ڪيتري وقت تائين برقرار رکي سگهندوڇو ته “ووٽ کي عزت ڏيو” جو علم کڻي جيڪو سخت لهجو ان اختيار ڪيو هو چونڊن بعد ان ۾ لڳاتار نرمي اچي وئي هئي ان جي گرفتارين ۽ ضمانتن کان وٺي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ۽ خاموشي اختيار ڪرڻ تائين جا مامرا سامهون اچن ٿا ته ميان نواز شريف جو موجوده جارحاڻو انداز مستقل هوندو يا نه بابت سوال ضرور ڪر کڻن ٿا. نه رڳو ايترو پر مخالف ڌر جي حڪومت مخالف تحريڪ جي ڪاميابي مخالف ڌر جي متحد ۽ هڪ آواز ٿي موقف تي قائم رهڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ اي پي سي ۾ پي ڊي ايم به ٺهيو آهي ته ميثاق جمهوريت جهڙو معاهدو ڪرڻ تي به اتفاق ڪرڻ سان گڏ حڪومت خلاف تحريڪ لاءِ گڏيل نقطن تي ٻڌل اي پي سي ۾ قرارداد به منظور ٿي آهي پر اي پي سي کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جيئن سرگرم ۽ جارحاڻو انداز اپنائي رهي آهي تيئن اي پي سي جي ميزبان جماعت پيپلزپارٽي نه سرگرم اچي ٿي نه ئي جارحاڻو انداز اپنائيندي نظر اچي رهي آهي، نه رڳو ايترو پر اي پي سي توڙي ان بعد پارٽي اجلاسن کي ڪيل نواز شريف جي ٻن خطابن ۾ نواز شريف پنهنجي بلوچستان جي حڪومت جي خاتمي جو بار بار ذڪر ڪري رهيو آهي،
ان حڪومت جي خاتمي جي اڳوڻي صدر آصف زردري پاران رڳو ڪريڊٽ ئي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي هئي پر نواز شريف جنهن صادق سنجراڻي کي گمنام ماڻهو قرار ڏئي ان کي سينيٽ چيئرمين جي عهدي تي اچڻ کي پاڻ لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام سمجهي ٿو اهو ان عهدي تي به اڳوڻي صدر آصف زرداري جي مهرباني سان چونڊيو ويو هو. ايئن نواز شريف به پارٽي قيادت سان گڏ ميموگيٽ ڪيس ۾ شامل رهيو جيڪو اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف هو، مطلب چوڻ جو اهو آهي ته جيڪڏهن واقعي به مخالف ڌر ماضي جي غلطين مان سکي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي ته پوءِ سمورين پارٽين کي هڪ آواز ٿي ميدان ۾ بيٺل نظر اچڻ گهرجي، پر ڏسڻ ۾ اهو به اچي رهيو آهي ته نواز شريف وڌيڪ جارحاڻي انداز کي اپنايو آهي ٻيون سموريون پارٽيون ان موڊ ۾ نه آهن. خير پي ڊي ايم جي سينيئر قيادت جو ڪالهه يعني جمعي ڏينهن اجلاس ٿيڻو هو، جيڪو معلوم ناهي ڇو ملتوي ڪري اڄ ڇنڇر ڏينهن تي رکيو ويو آهي، ڏسجي ته 11 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا ۾ مخالف ڌر جون پارٽيون ڪيترو پاور شو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون ۽ وڌيڪ ڪهڙي حڪمت عملي سامهون آڻين ٿيون، پر اي پي سي ۽ نواز شريف جي متحرڪ ٿيڻ بعد حڪومتي قدمن مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر جي تحريڪ سبب کيس پريشاني لاحق آهي، تاريخ گواهه آهي ته مخالف ڌر مٿان ڪا به حڪومت تڏهن پابنديون لڳائيندي آهي جڏهن کيس ان جي موثر ٿيڻ جا خدشا هوندا آهن، ان حوالي سان پرويز مشرف جي دور ۾ عمران خان جي ڪراچي آمد تي پابندي سوڌو ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا پر پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي جيڪا تحريڪ شروع ٿيڻ وڃي رهي آهي
ان بابت اهو واضح ڪيو ويو آهي ته اسان جو مقابلو عمران خان سان نه ان کي آڻيندڙن سان آهي، ظاهر آهي ته ان تحريڪ جو حدف به اهي ئي ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ انهن کي تنقيد جو حدف بنائڻ ملڪ اندر ايترو آسان نه رهيو آهي، جيڪڏهن حڪومت جو خاتمي مخالف ڌر جو حدف آهي ته اهو حدف حاصل ڪرڻ مخالف ڌر لاءِ ممڪن آهي، اهو ممڪن صرف ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن مخالف ڌر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان استعيفائون ڏنيون ته حڪومت ڀلي چوي ته خالي ٿيندڙ سيٽن تي ضمني چونڊ ڪرائي ويندي پر اهو مامرو ان ڪري آسان نه آهي جو سنڌ اسيمبلي مان مخالف ڌر جي استعيفائن سان اڌ کان وڌيڪ سيٽون خالي ٿينديون،ايئن پنجاب صوبي ۾ به اڌ ايوان کان ٿورو گهٽ سيٽون خالي ٿينديون، بلوچستان، ڪي پي اسيمبلي مان به ڪيتريون ئي سيٽون خالي ٿينديون، ايترين سيٽن تي چونڊ ڪرائڻ جنرل اليڪشن جيترو ئي مشڪل هوندو، پر سوال هي آهي ته مخالف ڌر جون پارٽيون اهڙو فيصلو ڪري سگهنديون ۽ جيڪڏهن ضمني چونڊ ٿي به ته ان خلاف ڪا حڪمت عملي ٺاهي سگهنديون؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *