Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_mcnmt6t61hb4c6ckvp5afvi077, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
نواز ليگ ۽ پ پ ڊگهو انتظار نه ٿيون ڪري سگهن - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar نواز ليگ ۽ پ پ ڊگهو انتظار نه ٿيون ڪري سگهن - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

نواز ليگ ۽ پ پ ڊگهو انتظار نه ٿيون ڪري سگهن

اي پي سي لنڊن مان ويهي نوازشريف جيڪا تقرير ڪئي هئي، ان تي ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ هم خيال ماڻهو خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن ته سندن خيال ۾ ڪنهن ته اسٽيبلشمينٽ کي للڪاريو آهي. نوازشريف جي سياست ۾ شروعات کان وٺي ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ تائين اسٽيبلشمينت جي ئي مدد حاصل هئي. جڏهن کيس سپريم ڪورٽ سڄي عمر جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ته ان کي مختلف ڪيسن سان منهن ڏيڻو پيو ته هو علاج لاءِ لنڊن هليو ويو. لنڊن ۾ ويهي اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪرڻ جنهن جي ڪلهن تي ئي ويهي سياست ٿيندي رهي آهي. سياسي پارٽين جي اتحاد جي اجلاس ۾ گرمي اڃان ختم نه هئي ٿي ته انهن خبرن ته سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جي هڪ ملاقات فوج جي سربراهه سان ٿي آهي انهن خبرن ته ن ليگ کي لوڏي ڇڏيو آهي ته هڪ اڳواڻ محمد زبير به وڏي جنرل سان ملاقات ڪئي آهي. زبير ن ليگ ۾ گھٽ حيثيت وارو اڳواڻ آهي کيس چيو ويو هوندو تڏهن ئي هو ملاقات لاءِ پهتو. زبير چوي ٿو ته هن ملاقات جي شروعات ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته هو نواز شريف يا مريم نواز لاءِ ڪو رليف وٺڻ لاءِ ناهي آيو. زبير کي اهو چوڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. سبب ظاهر آهي ته نواز شريف تاڙيون وڄرائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجھه چئي ڇڏيو جيڪو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ سياسي اڳواڻ کي سرعام نه چوڻ گھرجي ها. ان خلاف ڪيسن ۾ رليف جي ضرورت آهي جيئن سياست ۾ انهن جو ڪردار رهي. سليڪٽيڊ حڪومت خلاف مهم هلائڻ جي تحريڪ جي اڃان ته شروعات به ناهي ٿي. اجلاسن ۾ تنقيد ڪرڻ ان لاءِ سولو آهي ته جڏهن عام راءِ کي هموار ڪرڻ هجي ته سياسي اڳواڻ پنهنجو پاڻ کي گھڻو ئي طاقتور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.. هن ملڪ ۾ سمورا سياستدان اهو ئي ڪندا آيا آهن. انهن جو ٽارگيٽ پنهنجي لاءِ مقام ٺاهڻو هوندو آهي جيئن اقتدار ۾ شريڪ ٿي سگھن. جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته پوءِ اهو اعتراض ڇو آهي ته فوج جي سربراهه سان ملاقات نه ڪندو. هدايت جاري ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن، هن ملڪ ۾ سياست ڪندڙ ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪو ملاقاتون ڪرڻ نه چاهيندو هوندو. سياست ۾ اهڙي قسم جون ملاقاتون هڪ ٻئي جو ذهن پڙهڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو ڏينديون آهن. جيڪڏهن زبردستي ڪئي وئي ته ن ليگ کي ئي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. پارلياماني اڳواڻن سان ملاقات دوران جنرل باجوه مولانا فضل الرحمان جي پٽ جيڪو جي يو آءِ جو پارلياماني اڳواڻ آهي چيو ته جڏهن صدارتي چونڊ جي لاءِ ووٽ وٺڻو هجي ته اسيمبليون ٺيڪ هونديون آهن نه ته خراب آهن. ان هڪ ئي جملي ۾ سموري ڪهاڻي سمايل آهي ۽ سياستدانن جي ذاتي مفادن ۽ خواهشن جي عڪاسي به ڪري ٿو.
نوازشريف جي تقرير جي تپش کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان قسم جون ملاقاتون ڪيون وينديون آهن. تقرير کان پوءِ ئي اندازو لڳايو ويو ته ان تقرير سان فائدو گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿيو آهي. نوازشريف ته يقينن فيصلو ڪري چڪو آهي ته کيس پاڪستان واپس ناهي وڃڻو نه ته تقرير جو متن نرم هجي ها. ادائيگيءَ جو انداز صلح واروهجي ها پوءِ ملاقاتون ڪرڻ تي بظاهر پابندي لاڳو ڪرڻ ناهي هوندو. جن سياستدانن کي ملاقاتون ڪرڻيون هونديون آهن اهي ڳجھيون به ڪندا آهن. جيتوڻيڪ ان جي ضرورت نه هجڻ گھرجي. سليڪٽيڊ ۽ انجنيئرڊ چونڊن جي حقيقتن کان ڪير سياستدان واقف ناهي، گوڙ ان وقت ٿيندو آهي جڏهن تارازي جو هڪ پاسو هڪ طرف ڪنهن ڏانهن ناهي لڙندو، اها رڳو اڄ جي ڳالهه نه آهي. جنرل ضياءَ الحق جا ٽي جنرل، فضل الحق، فيض علي چشتي ۽ جهانزيب ارباب رڪارڊ تي آهن ته ڀٽو خلاف ملڪ گير تحريڪ دوران سياسي اڳواڻ ملاقاتون ڪندا هئا. پاڻ سياستدان به اهڙين ملاقاتن کان آجا نه آهن، ڀٽو دور ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي جنرل سيڪريٽري ان وقت جي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي ته ٻين سياسي پارٽين آسمان مٿي تي کنيو هو. جميعت علماءِ پاڪستان جي رفيق باجوه کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏيڻي پئي هئي. هو گمناميءَ جو شڪار ٿي ويو. فوج سان رابطو رکڻ، ملاقاتون ڪرڻ تي ٻنهي وڏين پارٽين اڄ ڏينهن تائين ان قسم جي ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ اڳتي به اميد آهي ته نه ڪئي ويندي. اسٽيبلشمينٽ جي هن ملڪ جي سياست تي پڪڙ مضبوط آهي جنهن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سياسي اڳواڻن کي ئي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پر ان جي اميد گھٽ آهي. هتي ته اقتدار جي لاءِ ڪو به ٺاهه ٿي سگھي ٿو ۽ اهي ٺاهه ٿيندا رهيا آهن. سياست ۾ فوج جي ڪردار کي همٿائڻ ۾ به سياستدانن جو هٿ آهي. هڪ طرف موروثي سياست ڪندا آهن، لنڊن ۽ آمريڪا ۾ ته وڌ ۾ وڌ ۾ ٻه ڀيرا صدر چونڊجندڙ سياستدان سياسي سرگرمين کان پاسائتا ٿي ويندا آهن، هتي معاملو ان جي بلڪل به ابتڙ آهي ڀلي ڪجھه به ڇونه ڪرڻو پوي. پاڪستان جي سياست ۾ موجود غير سياسي اٽڪلن کي ختم ڪيو ۽ گندگي جي صفائي ڪيو سڀ ڪجھه پنهنجو پاڻ ٺيڪ ٿي ويندو.
هڪ طرف ته ملاقاتن جي خبرن جو طوفان هو ته ٻئي طرف تازو تازو جوڙيل پي ڊي ايم جي رهبر ڪاميٽيءَ پي ڊي ايم جي سربراهيءَ جي لاءِ مولانا فضل الرحمان جو نالو پيش ڪيو آهي. بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف ته اميد ڪري رهيا هئا ته کين سربراهيءَ جو موقعو ڏنو ويندو پر مولانا جي حامين پنهنجو ڪم ڏيکاري ڇڏيو. ان مرحلي تي ڀلا ڪيرٿو مولانا کي ٻاهر ڪڍي. هونئن به پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي قيادتن تي مالي بدعنوانين ۽ مني لانڊرنگ جا جيڪي الزام آهن انهن جي روشنيءَ ۾ انهن پارٽين کي پي ڊي ايم جي سربراهي نه وٺڻ گھرجي. مولانا پنهنجي ڌرڻي ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ هاڻي اها طاقت ناهي رهي جنهن جو ان کي ڏڍ آهي. رهجي وئي ن ليگ ته پنجاب ۾ ان جي سياسي حيثيت کي پاڻ نواز شريف سواليه نشان بڻائي ڇڏيو آهي. دانشورن ۽ لبرل ۽ ليفٽ جي سياستدانن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ خلاف پنجاب مان طاقتور آواز ڀريو آهي ۽ هو ان کي سٺو ٿا سمجھن پر حقيقت ان جي ابتڙ ئي نڪتي. ذهنن کي ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو آهي ۽ تبديل ٿيڻ جي لاءِ گھڻو وقت گھربل هوندو آهي. راتو واهه ته ذهن تبديل ناهن ٿيندا ۽ هڪ اڌ تقرير سان ڪو فرق ناهي پوندو. ذهن سازي جي لاءِ هڪ مدو گھربل هوندو آهي. ان مدي تائين انتظار ن ليگ يا پيپلز پارٽي جي وس جي ڳالهه نه آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *