تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

نوان ضلعا سنجيده ڪوشش يا ڌيان هٽائڻ جو حربو ؟

اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن جي اها روايت رهي آهي ته جڏهن به ڪو مسئلو سامهون ايندو آهي ته انهي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش بدران ٻيو معاملو پيدا ڪري پهرين مسئلي تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جنهن سان هو سمجهندا آهن ته ماڻهن جو ڌيان هٽي ويو ته مسئلو به ختم ٿي ويندو پر کين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته ڀلي وقتي طور هو ماڻهن جو ڌيان ٻئي طرف ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن پر ساڳئي وقت هو جيڪو ٻيو معاملو اڳيان آڻيندا آهن اهو ئي مسئلو بڻجي وري سندن ڳچي ۾ پئجي چڪو هوندو آهي ۽ پوءِ مسئلن مٿان مسئلا پيدا ٿيندا رهندا آهن.اها حڪومت وفاقي هجي يا صوبائي سڀئي ساڳئي نموني مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن هونئن به جيڪو به حڪمران ٿيندو آهي انهي جا حڪمراني جا انداز هڪ جهڙا ئي ٿي ويندا آهن .
سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڪراچي مسئلي تي هڪڙو مانڌاڻ متل هو سنڌ حڪومت تي وفاقي حڪومت جو دٻاءُ هو ته هو ان مسئلي تي وفاق طرفان ڪميٽي ٺاهڻ تي راضي ٿئي ته ٻئي طرف آئين ۽ سنڌ جو عوام سنڌ حڪومت کي مجبور ڪري رهيوهو ته اها ڪنهن به ريت غير آئيني قدم کڻي پنهنجي ايگزيڪيوٽو اختيارن ۾وفاق کي ڀائيوار نه ڪري،پر سنڌ حڪومت وفاق جي دٻاءُ ۽ گورنرن راڄ لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين ۾ اچي پنهنجي اختيارن ۾ وفاق کي ڀائيواري ڏئي ڪراچي ڪميٽي کي مڃي ويڄي،جنهن ڪري هر طرف کان سنڌ حڪومت تي تنقيد شروع ٿي وئي ۽ سنڌ حڪومت وٽ انهي ڪراچي ڪميٽي کي قبول ڪرڻ بابت ڪو به دليل نه هو جو هو تنقيد ڪندڙن کي مطمئن ڪري سگهي. بجاءِ انهي جي جو سنڌ حڪومت انهي تي ڳالهائي اوچتو ئي اوچتو سنڌ ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ جي ڳالهه ميدان تي کڻي آئي جنهن سان ڪراچي ڪميٽي بدران بحث جو رخ نون ضلعن ٺهڻ واري ڳالهه طرف هليو ويو،توڙي جو اهو سنڌ حڪومت جو آئيني ۽ ايگزيڪيٽو اختيار آهي ته اها عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ نوان ضلعا ٺاهي پر جڏهن نيت عوام کي سهولت ڏيڻ بدران ٻين معاملن تان ڌيان هٽائڻ هجي ته پوءِ اهڙو قدم فائدو ڏيڻ بدران نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
سنڌ ڪابينا ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ستون ضلعو ڪياماڙي ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته خيرپور ضلعي سميت ٻيا وڏا ضلعا ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهڻ جي تجويز تي اجلاس ۾ غور ڪيو ويو آهي.جنهن تي هن وقت ئي اعتراض اٿڻ شروع ٿي ويا آهن،جيڪڏهن ڏسجي ته نوان ضلعا ٺهڻ عوام جي ئي فائدي جي ڳالهه آهي ڇو ته وڌندڙ آبادي ۽ پري پنڌ هجڻ ڪري عام ماڻهو جا مسئلا اوترو سولائي سان حل نه ٿا ٿي سگهن پر جيڪڏهن ننڍا ننڍا ضلعا ٺاهيا ويندا جن جي آبادي گهٽ هوندي ته ماڻهن کي انتظامي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ آساني هوندي ٻيو ته جيڪڏهن ڪنهن ضلعي جي هڪ ڪنڊ هيڊ ڪوارٽر کان ٻه ٽي سو ڪلوميٽر تائين هجي ته روينيو سميت ڪنهن ڪم سانگي ڊي سي يا ٻي ڪنهن آفيس ۾ ايندي ماڻهو جو سڄو ڏينهن گذري ٿو وڃي مٿان وري اسان وٽ جيڪو ٽرانسپورٽ ۽ روڊ رستن جو حال آهي اهو سڀني کي ساريو پيو آهي پر جيئن اسان مٿي چئي آيا آهيون ته نوان ضلعا ٺاهڻ جو مقصد عوام کي فائدو پهچائڻ هجي تڏهن ئي وڃي اهي ضلعا فائديمند ٿي سگهندا، باقي ارباب رحيم جي دور وانگر نوان ضلعا ڪنهن کي سياسي رشوت طور ڏيڻ لاءِ ٺاهيا ويندا ته هڪ ته اهي عوام لاءِ عذاب بنجي ويندا ته ٻئي طرف سرڪاري ناڻي جو به زيان ٿيندو.ارباب رحيم جي دور ۾ ٺهيل ضلعن جي حالت اها آهي ته شهر مان گذرندڙ ريلوي پٽڙي جو هڪ حصو هڪڙي ضلعي ۾ آهي ته ٻيو پاسو ٻئي ضلعي ۾ جنهن ڪري ماڻهن لاءِ اهي ساڳيا ئي سور آهن باقي ڪجهه سياسي خاندانن کي فائدو ضرور پهتو.
اسان سمجهون ٿا ته نوان ضلعا ٺاهڻ انتهائي ضروري آهن پر اهڙو ڪو فيصلو ڪرڻ کان اڳ روينيو کاتي جي سرڪاري سروي سان گڏ جن ضلعن ۾ الڳ ضلعو ٺاهڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي يا سرڪار ضروري سمجهي ٿي ته ڪنهن ضلعي کي ٽوڙي نئون ضلعو ٺاهيو وڃي ته اتان جي عوام جي سهولتن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته جيئن وڌ ۾ وڌ عوام کي فائدو پهچي، ايئن نه ٿئي ته ضلعا ته ٺهي وڃن ۽ ڪجهه مخصوص ماڻهن کي سياسي ۽ ووٽن جو فائدو به ٿئي پر عوام جي اڪثريت سهولتن کان محروم رهجي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *