Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_oar5bl4njjqibonctoainpm7bm, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
نوجوانن جي سياست کان لاتعلقي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar نوجوانن جي سياست کان لاتعلقي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ڪورونا وگهي مريض فوت*80 سالن جي حڪيم الدين پٽ شرف الدين جو مڙهه ايڌي پاران غسل ڪفن بعد وارثن حوالي *فوتي مريض جو تعلق عثمان آباد واري علائقي سان آهي:ايڌي انچارج*

نوجوانن جي سياست کان لاتعلقي

پاڪستان جي آبادي 66 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ جنهن مان 29 سيڪڙو 15 کان 29 سال جي نوجوانن جو آهي. گڏيل قومن جي رپوٽ مطابق آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ آهي، جنهن ۾ نوجوانن جي وڏي کان وڏي آبادي آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جو مستقبل نوجوانن تي دارومدار رکي ٿو. پر افسوس ملڪ جا حڪمران نوجوانن جي مستقبل ۽ انهن جي مسئلن بابت سنجيده ناهن. اسان جي ملڪ جو نوجوان جيڪو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مسئلن ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان جي حڪمرانن وٽ نوجوانن جي مستقبل بابت ڪابه واضع پاليسي، حڪمت عملي يا رٿابندي ناهي.
منهنجي خيال ۾ نوجوان نسل جو جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان جو هڪ بنيادي ۽ وڏو سبب نوجوان نسل کي سياست کان پري ڪرڻ به آهي. جڏهن ملڪ جي آبادي جو تمام وڏو متحرڪ ۽ سرگرم حصو ملڪ جي سياست کان لاتعلق بڻجي وڃي ۽ ملڪ جي سياسي ڪاروهنوار ۾ انهن جو ڪوبه عمل دخل نه هجي ۽ نوجوانن جو سياسي ڪردار ختم ٿي وڃي ته پوءِ يقينن نوجوانن جي اڳتي وڌڻ جا سمورا گس ۽ رستا بند ٿي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ جن به ملڪن ۾ انقلاب ۽ تبديليون آيون آهن، اتي نوجوانن جو وڏي کان وڏو ڪردار ۽ عمل رهيو آهي. نوجوانن جي سياست ۾ شموليت ئي آهي جيڪا سماج ۾ انقلاب ۽ تبديلي آڻي سگهي ٿي. نوجوانن ۾ وڏو حصو شاگردن جو ئي هوندو آهي ۽ شاگرد سياست ئي سماج ۾ وڏا وڏا سياستدان ۽ ليڊر پيدا ڪندي آهي، پوءِ اهي پنهنجي ملڪن جي تقدير تبديل ڪندا آهن ۽ شاگرد سياست ئي سياسي شعور ۽ سگهه جي پهرئين وک آهي پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ ضياءُ جي دور کان وٺي هڪ حڪمت عملي تحت شاگرد يونين تي پابندي لڳل آهي. جنهن کي آئون نه صرف سياسي شعور تي پابندي سمجهان ٿو, پر سياسي نرسري جي خاتمي جو سبب پڻ سمجهان ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي ملڪ جو شاگرد ۽ نوجوان پنهنجي ملڪ جي سياست کان ڪافي حد تائين لاتعلق بڻيل آهي.
ان جي ڪري هاڻي اڻٽر ٿي چڪو آهي ته جيڪڏهن نوجوانن سياسي ميدان کي خالي ڇڏي ڏنو ته سندن مستقبل سنوارڻ لاءِ ٻيو ڪير اڳيان نه ايندو. افسوس ٿو ٿئي ته اسان جي ملڪ جي آبادي جو 66 سيڪڙو آبادي نوجوانن جي آهي پر نوجوانن جو پنهنجي ملڪ جي سياست ۾ عملي طور تي 5 سيڪڙو به سرگرم نظر نٿو اچي. دنيا ۾ ڪٿي به يا ڪنهن به فيلڊ ۾ توهان هليا وڃو، ڪٿي به يڪدم جڳهه نه ملندي، ڇو ته جڳهه هميشه محنت، قابليت ۽ اهليت جي بنياد تي ٺهندي آهي. ان ڪري سياست ۾ به يڪدم جڳهه ٺاهڻ ناممڪن آهي، ان ۾ اهو شخص ئي جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويندو جيڪو محنت، جذبي، ولولي، نظم ضبط ۽ مستقل مزاجي سان ڪم ڪندو آهي ۽ سياست ڪير به ڪري سگهي ٿو. امير به ڪري سگهي ٿو ته پوء پيرين اگهاڙو مسڪين جو پٽ به ڪري سگهي ٿو.ان جي ڪري نوجوانن کي گهرجي ته هو سياسي شعور حاصل ڪرڻ سان گڏ هر سطح تي ٿيندڙ سياست سان ڳندجي وڃن ته جيئن سياسي ميدان ۾ نوجوانن جي عدم شرڪت ختم ٿي سگهي. جيڪڏهن نوجوان پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ مستقبل کي سنوارڻ ٿا چاهين ته پوءِ سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان گڏ سياست ۾ به وڌ کان وڌ حصو وٺي پنهنجو مثبت ۽ جٽادار ڪردار ادا ڪن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *