Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_bgd215o459tosvuqi8jdg2dd0g, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
نوري آباد جو افسوسناڪ حادثو ۽ ڄامشورو پوليس جي نا اهلي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar نوري آباد جو افسوسناڪ حادثو ۽ ڄامشورو پوليس جي نا اهلي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

نوري آباد جو افسوسناڪ حادثو ۽ ڄامشورو پوليس جي نا اهلي

ڄامشورو پوليس جي انفارميشن سيل جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته پنج ماڻهن کي زنده بچايو ويو. خدا جي خوف کان عاري آفيسرن کي ڪير سمجهائي ته جنهن وقت پنج ڪلٽيون کائي روڊکان پري وڃي ڪريل بدنصيب وين کي باھه وڪوڙي وئي هئي تڏهن فقط ڪجھه اهي ماڻهو ئي بچي سگهيا هئا جيڪي گاڏي جي ڪلٽيون کائڻ دوران پاڻمرادو در ۽ درين مان اڇلجي پري وڃي ڪريا. حادثي واري هنڌ تي ڪافي دير تائين زنده سڙندڙ ماڻهن جون دانهون ۽ بچي ويل زخمين جون آهون هيون پوءِ جڏهن ڀرسان نوري آباد پوليس جي گشتي گاڏي گذري ته ان موٽروي پوليس کي اطلاع ڪيو. موٽر وي پوليس پهچڻ کان پوءِ وري نوري آباد وٽ بيٺل ايف ڊبليو او جي فائربرگيڊ کي اطلاع ڪيو، ان سموري عرصي دوران گهٽ ۾ گهٽ منو ڪلاڪ لڳي ويو تيستائين زنده انسان باھه ۾ سڙندا رهيا ، جڏهن فائربرگيڊ جي گاڏي باھه وسائي چڪي هئي تڏهن وين ۾ ڦاٿل 13 ڄڻا ڪوئلو بڻجي چڪا هئا. ايڏي افسوسناڪ واقعي تي ڄامشورو انتظاميا خاص طور تي پوليس جي بي حسي انتهائي افسوسناڪ هئي. موٽروي پوليس پاران ڏنل اطلاع تي نوري آباد ۽ ڪراچي مان ايڌي جون ايمبولينسز پهچي ويون جن زخمين کي پهرين نوري آباد ٽراما سينٽر پهچايو پر اتي جيئن ته سڃ واڪا ڪري رهي هئي ان ڪري سمورن زخمين کي وري ڪراچي جي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو جتان پڻ ڪجھه زخمين کي حيدرآباد واسي ۽ گهٽ زخمي هجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته لاش ڪيتري ئي وقت تائين روڊ جي ڀرسان پيل رهيا جن کي پڻ ايڌي ايمبولينسز ڪراچي جي عباسي شهيد اسپتال پهچايو. ان سموري ڪارگذاري دوران ڄامشورو انتظاميا ۽ پوليس فقط اهو ڪم ڪيو ته عباسي شهيد اسپتال ۾ هڪ ٽيبل هٿ ڪري ڀت تي اي فور سائيز جو هڪ پنو چنبڙائي ڇڏيو جنهن تي لکيل هئو “انفارميشن ڊيسڪ” پر ان پني جي هيٺان ڪير به ويٺل نه هيو نه ئي اتي ڪنهن به موجود ماڻهو وٽ ڪا معلومات هئي.سپر هاءِ وي تي نوري آباد لڳ سدابهار هوٽل سامهون مسافر وين سان ٿيل افسوسناڪ حادثي ۾ وين کي وڪوڙيل باھه سبب سڙي ڪوئلو ٿي ويل ماڻهن جا وارث بي يارو مددگار رلندا ۽ روئندا رهيا. هوڏانهن وين جي ڪلٽي ٿيڻ جي سبب بابت پڻ مختلف بيان ايندا رهيا، شروعاتي طور پوليس ٻڌايو ته آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجڻ سبب حادثو ٿيو آهي بعد ۾ ٻڌايو ويو ته روڊ تي سامهون ويندڙ ڪار جو اوچتو دروازو کلڻ سبب وين ڪار کان بچڻ جي ڪوشش ۾ ڪلٽيون کائي هيٺ وڃي ڪري، نتيجي ۾ وين جو گئس سئلينڊر ڦاٽڻ سبب وين کي باھه وڪوڙي وئي جنهن سبب 13 مسافر زنده سڙي فوت ٿي ويا، لطيف آباد حيدرآباد پوڻا ست نمبر کان ڪراچي لاءِ نڪتل وين نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾ جوکيا موڙ وٽ سدا بهار هوٽل سامهون ڪار جي اوچتو کليل در کان بچندي ڪلٽيون کائي ڪري پئي، نتيجي ۾ وين کي باھه لڳي وئي. ڪوٽڙي جي ڊرائيور عامر عباسي کي شروعاتي طور حادثي جو ذميوار قرارڏنو پيو وڃي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ان جي غفلت سبب افسوسناڪ حادثو پيش آيو. باھه ۾ سڙي فوت ٿيلن مان هيل تائين يارهن ڄڻن جي حيدرآباد واسين طور جڏهن ته هڪ ڪراچي ۽ هڪ ڪوٽڙي واسي طور ٿي آهي.
حادثي ۾ سڙي ويل مسافرن جو وڏو تعداد حيدرآباد جي لطيف آباد سان تعلق رکندڙ هيو جن مان هڪ خاندان اهڙو به هئو جنهن جا 6 ڀاتي انهي وين ۾ سوار ٿيل هئا جن مان فقط هڪ زخمي حالت ۾ زنده بچي سگهيو جنهن جي پڻ حالت نازڪ ٻڌائي وڃي پئي. هن سڄي صورتحال ۾ پوليس ۽ ڄامشورو جي انتظاميا جو ڪردار محض حوال ڪٽڻ کان اڳتي نظر نٿو اچي . سپريم ڪورٽ جي واضح حڪمن باوجود هڪ وين ۾ گئس سئلينڊر لڳل هجڻ پڻ ڪيترائي سوال اٿاري رهيو آهي ته ٻئي طرف هر روز جي حادثن باوجود انهي موٽروي جي اوسي پاسي ۾ ڪابه اهڙي اسپتال ناهي جتي ايمرجنسي ۾ زخمين جي جان بچائڻ واريون ڪي سهوليتون هجن، ڪي بندوبست ٿيل هجن. نوري آباد لڳ ٿيل افسوسناڪ واقعي ۾ زنده سڙي مري ويل ماڻهن جي وارثن جون آهون ۽ دانهون ڪجھه ڏينهن پڙاڏو بڻجي گونجي گم ٿي وينديون ۽ پوليس توڙي ضلعي انتظاميا جي مشڪرين ۽ موٽروي جي طاقتور مالڪن جي بي حسي سبب نقلي موٽروي تي سفر ڪندڙ مسافرن جي مٿان موت جي تلوار هر وقت لٽڪيل ئي رهندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *