Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_mb7qp9vnohpj130ir7vekv4g8c, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
نوري آباد حادثو ،سبق ڪير سکي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar نوري آباد حادثو ،سبق ڪير سکي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

نوري آباد حادثو ،سبق ڪير سکي؟

روڊ حادثن ۾ جيترا ماڻهو فوت ٿين ٿا اوترا شايد ڪنهن جنگ لڳل ملڪ ۾ به ماڻهو پنهنجي حياتيون نه وڃائيندا هجن،پر پوءِ به انهن حادثن کان بچڻ لاءِ حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا ڪي قدم کڻندي يا فيصلا ڪندي نظر نه ايندا آهن ڪو وڏو حادثو ٿيڻ کان پوءِ روايتي طور افسوس جو اظهار ڪيو ويندو آهي جاچ جا اعلان ٿيندا آهن ڪنهن حد تائين متاثر خاندانن جي مالي معاونت جون ڪوششون ڪيون وينديون آهن پر ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ وري سڀڪجهه معمول موجب هلڻ شروع ٿي ويندو آهي. حادثي جو شڪار فردن جا خاندان ڪيتري وقت تائين انهي ڀوڳنا مان نه نڪري سگهندا آهن گهڻا خاندان ته جاني نقصان ٿيڻ کان پوءِ سڄي عمر مالي پريشانين کي منهن ڏيندا آهن ڇو ته اڪثر حادثن ۾ جيڪي فوت ٿيندڙ هوندا آهن اهي ئي پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪندڙ هوندا آهن.
حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ هڪ مسافر ويگن به اهڙي ئي حادثي جو شڪار ٿي آهي جنهن ۾ 15 مسافر سڙي فوت ٿي ويا آهن. متاثر خاندانن کي پنهنجي فوتي پيارن جا منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿيا ۽ نه ئي انهن کي سالم حالت ۾ لاش ملي سگهيا بس ڪجهه سڙيل عضون کي ڳٺڙين ۾ کڻي انهن کي دفنائي پاڻ کي سٺي عمر آٿت ڏيندا رهندا.اهڙن حادثن کانپوءِ اڪثر لکيو يا چيو ويندو آهي ته “بدنصيب” گاڏي سان حادثو،بدنصيب اها گاڏي نه هئي بدنصيب اهي متاثر خاندان آهن جيڪي اهڙي نظام ۾ رهڻ تي مجبور آهن جن کي عام ماڻهو جي حياتي جو قدر ۽ پرواهه ئي ناهي.دنيا پبلڪ ٽرانپسورٽ ۾ الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي آهي پر اسان وٽ اڃان تائين ماڻهو جانورن وانگر گاڏين ،بسن ،ويگنن ۾ واڙجي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سفر ڪرڻ تي مجبور آهن وري انهن گاڏين جي فٽنيس حالت اها آهي جو خبر ئي نه هوندي آهي ته ڪهڙي گاڏي ڪهڙي وقت ڪهڙي به خرابي جو شڪار ٿي کڻي ويندڙ مسافرن کي ٻئي جهان پهچائي ڇڏيندي.انهي کان وڌيڪ هاڻي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ لڳل گئس سئلينڊرن سبب اهي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون هلندڙ ڦرندڙ بم آهن جيڪي ڪٿي به ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهن ٿيون جيئن ٻه ڏينهن اڳ نوري آباد ڀرسان ٿيل حادثي ۾ ٿيو آهي پر مجال آهي جو انهن جي سڌاري لاءِ لاڳاپيل ادارن ڪو قدم کنيو هجي. ٽرانسپورٽرن کان وٺي فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ ادارا ڪجهه پئسن جي لالچ ۾ انساني حياتين سان کيڏندي به شرم محسوس نه ٿا ڪن.
اسان سمجهون ٿا ته اهڙا حادثا حڪمرانن ۽ لاڳاپيل ادارن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن تنهن ڪري انهي حادثي مان سبق سکي موٽري وي ،سپر هاءِ وي ،انڊس هاءِوي ۽ نيشنل هاءِ وي تي حادثن جي صوت ۾ ترت طبي امداد جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ٽرانپسورٽ وارو کاتو اهڙين گاڏين خلاف وٺ پڪڙ جي مهم هلائي جيڪي رستن تي هلڻ لائق ناهن ۽ انساني زندگيون وڃائجڻ جو سبب ٿي سگهن ٿيون ڇو ته انساني زندگي هر شي کان اتم ۽ اهم آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *