Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_pnp3q9euk5j7po8jcsqghr1mnh, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
نيب مخالفت ئي مخالف ڌر کي گڏائي سگهي ٿي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar نيب مخالفت ئي مخالف ڌر کي گڏائي سگهي ٿي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

نيب مخالفت ئي مخالف ڌر کي گڏائي سگهي ٿي

حڪومت هڪ ٻي سياسي ۽ قانون جنگ هارائي ويٺي، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ اين ايف سي جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ ۽ ان جي ايجنڊا کي تبديل ڪرڻو پيو. هن کان اڳ ساڳئي معاملي تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ به وفاقي حڪومت خلاف فيصلو ڏنو هو. جڏهن ته پشاور هاءِ ڪورٽ اين ايف سي بابت هاڻي ٻڌڻي شروع ڪئي آهي. هن کان اڳ جسٽس فائز عيسيٰ جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ حڪومتي موقف رد ڪندي بلوچستان سان واسطو رکندڙ ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت جي جج خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ موڪليل حڪومتي ريفرنس کي غير قانوني قرار ڏنو. حڪومتي فيصلن ۽ اپائن خلاف عدالتي فيصلن جو سلسلو هلندڙ آهي،اهي فيصلا رڳو حڪومت جي قانوني هار نه آهن بلڪه سياسي ۽ اخلاقي هار به آهن. حڪومت کي پنهنجي مختلف فيصلن تي پوئتي هٽڻو پيو پوي. ايئن سياسي طور اها راءِ هيڪاري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ته حڪومت جون پاليسيون ۽ فيصلا صحيح ناهن.
انهن فيصلن جي قانوني ۽ سياسي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر سعد رفيق ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي نيب بابت فيصلي ۽ رمارڪس سياسي ڌرين کي گڏ ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ مهيا ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم کي بنياد بڻائي سياسي پارٽين کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مولانا فضل الرحمان به پيپلز پارٽي سان سُر ملايو. بلاول پنهنجا هي ٻئي نقطا کڻي لاهور ويو جتي هن چيو ته اين ايف سي ايوارد ۾ تبديليءَ سان پنجاب کي سوين ارب رپين جو ساليانو نقصان ٿيندو. ان ۾ ڪا تبديلي نه اچڻ گھرجي، اپوزيشن جي هڪ ٻي وڏي جماعت نواز ليگ ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي منظوري مهل پيپلز پارٽي سان گڏ بيٺل هئي، ان ڪري اهي ٻئي تاريخي فيصلا پنجاب جي مفادن کي مختلف پهلوئن کان جاچي پوءِ ڪيا ويا هئا ۽ ايندڙ وقت جي معروضي حالتن جو جائزو وٺي ڪيا ويا هئا. بلاول ڀٽو سان جڏهن نواز ليگ جي وفد آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ توڙي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ بابت حڪمت عملي خاطر ملاقات ڪئي تڏهن يقينن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول اڳواڻن آڏو اهي ٻئي مطالبا ۽ نقطا رکيا هئا. پر نواز ليگ جو خيال هو ته انهن نقطن تي پنجاب ۾ عوامي حمايت نه ملي سگھندي ڇاڪاڻ جو پنجاب هڪ ڊگھي عرصي تائين مضبوط مرڪز جو حامي ۽ صوبائي خودمختياري جو مخالف رهيو آهي، ان ڪري اها ڳالهه پنجاب جي مائينڊ سيٽ ۾ فٽ نه بيهندي، نواز ليگ ان تي يڪجهتي ڏيکارڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اين ايف سي جي ٻيهر جوڙجڪ خلاف آئيني درخواست ڏني. نواز ليگ جو خيال صحيح نڪتو ته اين ايف سي جي جوڙجڪ ۽ ايجنڊا کي عدليه مان ٺيڪ ڪرائي سگھجي ٿو، پنجاب طرفان آيل درخواست کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڏنو ۽ اهو مسئلو في الحال حل ٿي ويو. بلوچستان ۽ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ مان آيل فيصلن بعد هڪ درخواست جي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورت ۾ به شروع ٿي آهي، ممڪن آهي ته ٽن هاءِ ڪورٽن جي تفصيلي فيصلن ۾ ڪي قانوني نقطا هڪ ٻئي سان ٽڪرائجن. اهڙي صورت ۾ ممڪن آهي ته سپريم ڪورٽ وچ ۾ اچي.
اهو صحيح آهي ته اين ايف سي اپوزيشن ۽ حڪومت جي هلندڙ جنگ جو ٻين محاذن سان گڏ هڪ اهم محاذ هو، اهو محاذ ان ڪري به اهم آهي جو ان جا سياسي ۽ حڪمراني، اختيار ۽ اقتدار کان وٺي مختلف اهم ادارن تي به ان جاپاڇا پوڻا آهن، ان محاذ ۾ گھڻي Potential جي باوجود ايترو نه هو جيڪو جلد پنجاب جي ماڻهن کي گرمائي سگھي. ان جي بدران نيب وارو محاذ اهڙو آهي جيڪو هر ڪنهن کي سمجھه ۾ به اچي ٿو. سعد رفيق ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي نيب بابت ڪيئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. نيب جو قانون ڏاڍو دلچسپ آهي. 1999ع وارو اهو آرڊيننس ڪڏهن به پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو. ڏٺو وڃي ته پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ان قانون ۽ هن اداري کي سياسي پارٽين کي ٽوڙڻ يا ٻانهو ٽنگون مروڙڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. هاڻي ته سپريم ڪورٽ به اهو چئي ڇڏيو آهي ته نيب ملڪ جي خدمت نه پيو ڪري، ملڪ ۽ قوم کي بدنام ڪري رهيو آهي.
سياستدان توڙي ناميارا وڪيل ان ڳالهه تي متفق آهن ته نيب جو قانون تبديل ٿيڻ گھرجي ۽ ان اداري جي به نئين سر جوڙجڪ ٿيڻ گھرجي. پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر رضا رباني ڏاڍي ڀلي ڳالهه ڪئي ته ملڪ جي هر طبقي لاءِ الڳ قانون ۽ الڳ عدالتون آهن. هن چيو ته پارليامينٽيرين ۽ سياستدانن لاءِ خاص عدالتون ۽ خاص قانون آهن. سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين ان طرف اشارو ڪري رهيو هو ته نيب کي ڪيئن سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو ۽ اڄ به ڪيو پيو وڃي.
وزيراعظم عمران خان پورا پنج سال احتساب جو دهل وڄائي عوام کي نچائيندو رهيو پر جڏهن هو حڪومت ۾ آيو ته هن نيب کان ٻيوڪو ڪم نه ورتو سواءِ پنهنجي حڪومت بچائڻ ۽ پنهنجون پاليسيون لاڳو ڪرڻ لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ. پر هاڻي ته ماڳهين صورتحال ان جي مختلف وڃي بيٺي آهي جو احتساب ۽ احتساب وارو ادارو ٻئي ايڪسپوز ٿي وياآهن. ان خلاف عوام ۾ مضبوط بيانيو موجود آهي. سياسي ڌريون ان خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ ڏي وڃن پيون. اسلام آباد جي هڪ تجزيه نگار چواڻي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد ٻين جا پٽڪا ڌوڙ ڪندڙ اداري جو پنهنجو پٽڪو ڌوڙ ٿي ويو.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي سياسي ڌرين کي گڏ ٿيڻ لاءِ مضبوط جواز ڏئي ڇڏيو آهي. نيب اهڙو نقطو آهي جنهن خلاف سنڌ توڙي پنجاب جون مکيه ڌريون ايتري قدر جو بلوچستان ۽ خيبر پختون خواه به حمايت ڪري سگھي ٿو. نواز ليگ جي مک قيادت نيب جي ڏنگيل آهي، سمورين ڪاررواين ۽ حڪومتي دعوائن جي باوجود پنجاب ۾ نه مستحڪم حڪومت آهي ۽ نه وري پنجاب جو عوام ان کي پنهنجو سمجھي ٿو. ان ڪري نواز ليگ کي پيپلز پارٽي سان گڏجڻ ۾ سهولت ٿي پوندي، اهو ئي سبب آهي جو بلاول ڀٽو پراميد آهي ته عيد کان پوءِ ٿيندڙ اي پي سي ڪامياب ٿيندي. جيتوڻيڪ اعتزاز احسن پارا نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ويجھڙائپ مان خوش ناهن جو هو چوندوٿو وتي ته رات جو نواز ليگ وارا لڪي لڪي ڪنهن ڪنهن سان ٿا ملن. بهرحال بلاول ان معاملي تي چٽو آهي، هن ڪالهه لاهور ۾ چيو ته نواز ليگ پنجاب جي وڏي پارٽي آهي.
چلو اي پي سي ته ٿي ويندي پر ڇا اها گھربل نتيجا ڏيئي سگھندي؟ ڇا ان جي ذريعي حڪومت تبديل ٿي ويندي، ان معاملي ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جا موقف الڳ الڳ آهن. اهو ئي سبب آهي جو گذريل 22 مهينن دوران اپوزيشن عمران خان حڪومت جو گڏيل طور شڪار هجڻ باوجود متحد ٿي نه سگھي آهي. جيتوڻيڪ نواز ليگ وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجھه به ناهي. پيپلز پارٽي وٽ وڃائڻ لاءِ سنڌ حڪومت آهي. سموريون ڌريون سنڌ حڪومت کي پيپلز پارٽيءَ جي مجبوري ۽ ڪمزوري سڏينديون رهيون آهن پر ٻه هفتا کن اڳ بلاول اها ڳالهه واضح ڪئي ته تحريڪ هلائڻ لاءِ سنڌ حڪومت به وڃائڻ لاءِ تيار آهيون. هونئن ٻئي پارٽيون چاهين ٿيون ته ڪنهن طريقي سان موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري. ان بعد نئون سياسي سانچو ٺهي ته ان ۾ انهن پارٽين لاءِ جڳهه هجي. نواز ليگ کي ان بابت وڌيڪ خدشا آهن. ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ سان چٽا ڀيٽي ۾ ٻي ڪا ڌر ناهي پر پنجاب ۾ عوامي مقبوليت جي باوجود نواز ليگ جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف ڪنهن حد تائين هيٺئين سطح تي پاڙون رکي ٿي، ان ڪري نواز ليگ کي اهو فڪر آهي ته عمران خان کي هٽائڻ يا ان جي مدت پوري ٿيڻ بابت ڇا ٿيندو؟
هي سڀ وقت کان اڳ جا سوال لڳن ٿا، پر جيئن ئي تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي اڌ مدت پوري ڪندي ايندڙ دور اڍائي سالن کانپوءِ ڪهڙو سيٽ اپ بيهندو ان جون تياريون شروع ٿي وينديون. ان ڪري نواز ليگ فڪرمند آهي. شهباز شريف بيمار آهي، هو پنهنجي طبيعت توڙي حڪمت عملي ٻنهي ۾ محاذ آرائي ۾ وڃڻ نٿو چاهي. مريم نواز وقت جو انتظار ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ جو هو سمجھي ٿي ته پارٽي قيادت نيٺ سندس جھولي ۾ اچڻي آهي ان ڪري اجائي تڪڙ جي ضرورت ناهي.
بهرحال اها ڳالهه ٻنهي پارٽين لاءِ سهائيندڙ رهندي ته نيب جو قانون ۽ ادارو تبديل ٿئي ۽ مجموعي طور سياست ۽ سياستدانن خلاف پابنديون هٽن. هي واحد نقطو آهي جنهن لاءِ اهي ٻئي پارٽيون گڏ ٿي سگھن ٿيون ۽ ٻنهي جي مفادن ۾ ڪو ٽڪراءُ به ڪونهي. پر اهڙي سونهري خواب جي خوش فهمي به نه هجڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو ملڪ جي هر سياسي سرگرمي تي اسٽيبلشمينٽ جو پاڇو سج گرهڻ جيان رهندو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *