Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_urjgac7n3tvbjbfrot1h11l1l1, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هرڻي جهڙي ڪراچي تي حملا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هرڻي جهڙي ڪراچي تي حملا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

هرڻي جهڙي ڪراچي تي حملا

روشنين جو شھر ڪراچي! جنھن ڏتڙيل ڏيھه جي ساڻا ساڻا ساھه کڻندڙ ماروئڙن سميت ڪروڙين پناهگيرن، ننڌڻڪن، لاوارث ۽ لاچارن کي پنھنجي ھنج ۾ پناھه ڏئي، اونداھين مان ڪڍي، نئين راھ ڏيکاري، ڳڀي جي ڳولا پوري ڪرڻ سميت دنيا سان ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي ھلڻ سميت ھر شعبي ۾ مھارت حاصل ڪرڻ جا موقعا مھيا ڪيا آهن. پيرين اگھاڙا ايندڙ شخص فوٽ پاٿن تي سبزين، فروٽن جا ريڙھا لڳائي ڏسندي ڏسندي ئي امير ٿيندا ويا، ٽريڪم ۽ بيلچن سان جبل کوٽيندڙ روڊن جا ٺيڪا کڻي پنج ماڙ پلازا جا وارث ٿيندا ويا، ٽرڪن ۽ ٽرالرن ذريعي فروٽ ۽ سبزين جي خريد فروخت ڪرڻ وارا آھستي آھستي سبزي منڊيءَ جا ازلي ٺيڪيدار بڻجندا ويا، عام رڪشا ھلائيندڙ ڏسندي ئي ڏسندي ڪراچيءَ شھر ۾ ھلندڙ تقريباً سڄي ٽرانسپورٽ جا والي وارث بڻجي ويا. اھو سلسلو اتي نه رڪيو پر تعليمي، صنعتي ۽ ڪاروباري مرڪزن سميت سياست ۽ سماجي رتبن سان نوازيا ويا.ڪراچي پاڻ وٽ ايندڙ ھر ماڻھوءَ کي شفيق، مھربان ۽ ٻاجھاري ماءُ وانگر پنھنجي جھولي۾ جاءِ ڏني آھي. وڌندڙ شھري آباديءَ جو محور ڪراچي، پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شھر ۽ ان جي ٽرانسپورٽ، معاشي، ڪاروباري ۽ صنعتڪاري جو مرڪز آھي. ھي عربي سمنڊ سان گڏ واپار ۽ صنعت جو متحرڪ مرڪز آھي ۽ جنھن کي انٽرنيشنل ايئرپورٽ آھي جيڪو اوڀر ۽ اولھه جي ھوائي رستن کي جوڙي ٿو.
گھڻي ڀاڱي پاڪستان ۽ افغانستان جي تجارت ڪياماڙي جي جديد بندرگاهه جي ذريعي ٿيندي آهي. ڪراچيءَ جي وجود جي تاريخ مائي ڪولاچي سان وڃي ملي ٿي پر دستاويزن ۾ ڪراچي نالو ارڙهين صديءَ ۾ ملي ٿو، جڏهن ڪراچي ماھيگيرن جو ننڍڙو ڳوٺ هو جنھن کي ڪراچيءَ جو ڳوٺ ڪوٺيو ويندو هيو. بندرگاهه جي ترقي جي ڪري آھستي آھستي وڏي شھر ۾ تبديل ٿيندو ويو ۽ ھڪ اھم تجارتي ۽ صنعتي شھر بڻجي ويو. اڄ ڪراچي ڏکڻ ايشيا جي وڏين بندرگاهن مان ھڪ آھي جيڪو ملڪ جي 60 سيڪڙو مال جي کيپ Cargo جي سھولت مھيا ڪري ٿو. ڪراچيءَ جو بندرگاهه ايران نار Strait of Hormuz سان تمام ويجھو آھي جنھن جي ذريعي دنيا جي تيل جو چاليھه سيڪڙو واپار ٿيندو آهي. ڪراچي بندرگاهه جا انتظامي معاملا ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي سنڀال ھيٺ اچن ٿا جيڪا 1887ع ۾ ٺھي.1947ع ۾ ڪراچيءَ کي جڏھن پاڪستان جي گاديءَ جي هنڌ جو درجو ڏنو ويو ته ان جي اھميت ۾ اضافو ٿيو ۽ ان جي ترقيءَ کي تمام گهڻي ھٿي ملي .جيتوڻيڪ گاديءَ جو ھنڌ اسلام آباد منتقل ٿي چڪو آهي پر ڪراچي اڄ ڏينهن تائين به ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صنعتي ۽ تجارتي مرڪز بڻيل آهي.ان جي صنعتي ايراضي 75 اسڪوائر ڪلوميٽر تائين ڦهليل آهي جيڪا شھري ايراضيءَ جو 4 سيڪڙو آھي.
ڪراچيءَ جون صنعتون شھر جي ٻارنھن 12 علائقن ۾ موجود آهن.انھن مان اڪثر ڀرپاسي ۽ شھر جي ٻاھرين علائقن ۾ ھيون پر وڌندڙ آباديءَ جي ڪري ڪجھه صنعتون رھائشي علائقن سان گھيرجي ويون آهن.ڪراچيءَ ۾ صنعتي ڪم جي شروعات باضابطا طور تي برٽش راڄ ۾ ٿي. نشتر روڊ تي ننڍيون صنعتون ٺھيون. ڊالميا سيمينٽ انڊسٽري 1924ع ۾ ڪراچيءَ جي ھڪ پسگردائيءَ واري علائقي ۾ ٺھي.ڪراچي ايمپريس مارڪيٽ 1884ع، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس 1860ع، ڪراچي ريلوي اسٽيشن 1898ع، ڪراچي ايئرپورٽ 1924ع۾ قائم ٿيا اسپتالن ۾سول اسپتال 1888ع ۾ ۽ جناح اسپتال 1930ع ۾ ٺهي.ايئن ئي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن 1927ع ۾سنڌ ھاءِ ڪورٽ 1923ع ۾سنڌ اسيمبلي بلڊنگ 1940ع ۾ ۽ سنڌ گورنر ھائوس 1843ع ۾قائم ٿيا، ڪراچي جا تعليمي ادارا، اين اي ڊي يونيورسٽي 1921ع ۾،ڊائو يونيورسٽي 1945ع ۾،سنڌ مدرسته اسلام 1885ع ۾سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول 1861ع ۾ ۽ سينٽ جوزف اسڪول 1861ع ۾ قائم ٿيا پر اھا ڪراچي پنھنجي ھنج مان پاليل ٻارن اڳيان اڄ بي يارو مددگار بڻيل آھي.
ڇا ڪاڻ ته ھن ماءُ جي ھنج ۾ ٻاھران آيل ٻار، جيجل جي پويتر پالنا کي وساري ان جي فرمانبرداري ڪندي وفادار ٿيڻ بجاءِ ان کي حصن ۾ ورھائڻ ٿا گھرن.
پيرين اگھاڙا ايندڙ شخص امير ٿيڻ کانپوءِ ھاڻ زبردستي حصيدار ٿيڻ پيا چاھين، ٽريڪم ۽ بيلچن وارا پلازا جا مالڪ ٿيڻ کانپوءِ ڏاڍ تي علائقا پنھنجي قبضي هيٺ ڪيو ويٺا آهن ، فروٽ ۽ سبزين جي خريد فروخت ڪرڻ وارا سبزي منڊيءَ جا ٺيڪيدار بڻجڻ کانپوءِ اتي پنھنجو راڄ قائم ڪيو ويٺا آھن، تعليمي، صنعتي ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ جڏھن اھي عروج تي پھتا ته پنھنجي سرزمين سينگارڻ بجاءِ ملڪيتون ۽ خاندان ٻاھرين ملڪن ۾ اماڻڻ کي ترجيح پيا ڏين ۽ ڊفينس جھڙي علائقي ۾ آرائش ماڻيندڙ پاڻ کي ٻين کان برتر سمجھندڙ Elite Class جا ماڻھو ميڊيا تي اچي ازلي وارثن لاءِ چون ٿا ته “پتا نھين ڪھان سي آجاتي ھين يه انپڙھه لوگو، معاف ڪيجيئي گا مجھي تو سنڌي لگتي ھين”
راڄڌانيءَ جي ھڪ وارث ڇا ته خوب چيو ھو ته “او…! ھرڻيءَ جھڙي ڪراچي! ايڏي سھڻي نه ٿي ته ڪو وحشي جانور توتي حملو ڪري رتو رت نه ڪري ڇڏئي”.
اڄ جڏهن ھر طرف ان کي ورھائڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن ته اسان سنڌين “ڪراچيءَ جي حقيقي وارثن” جو اھو ازلي فرض بڻجي چڪو آھي ته ھن لازوال شھر جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسون ته ھن ماءُ جي ھنج جھڙي شھر اسان کي تھذيب، تمدن ۽ جياپي جو ثمر ارپيو ۽ موٽ ۾ اسان ھن شھر کي ڇا ڏنو؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *