Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_99qu7fssci0cmf52o12lubrlot, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هر سئو سالن کان پوءِ هڪ وبا جو حملو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هر سئو سالن کان پوءِ هڪ وبا جو حملو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

هر سئو سالن کان پوءِ هڪ وبا جو حملو

اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به نه سوچيو هو ته سڀ پنهنجي گھرن ۾ هڪ قيدي وانگر رهنداسين.
ڪوروناوائرس انسانن لاءِ عالمي جنگ جهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن. پر هڪڙي ڳالهه اها ٿي آهي جو ڪوروناوائرس جي ڪري زمين کي تمام گهڻو فائدو ٿي رهيو آهي. اسان ان کي ايئن چئي سگهون ٿا ته ڌرتيءَ پنهنجو پاڻ کي. بحال(Resettle) ڪري رهي آهي. دنيا جون فيڪٽريون بند ٿي ويون آهن ايترن ڏينهن تائين فيڪٽريون ۽ ٻيون صنعتون ،مشينون ۽ گاڏيون بند رهيون ته زمين تي گدلاڻ تمام گهڻي گهٽجي ويندي.
2020ع هڪ اهڙو سال آهي. جيڪو ڪيتري عرصي کان پوءِ ڄڻ ٻيهر واپس موٽي آيو هجي.هن وقت سمورا قدرتي وسيلا ڄڻ محفوظ آهن ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسان سڀيئي انسان هن ڌرتيءَ ۽ فطرت لاءِ ڄڻ وائرس هئاسين ڌرتي کي آهستي آهستي کائي رهيا هئاسين. ڪوروناوائرس ھن ڌرتي لاءِ(Iummne syetem) جو ڪم ڪري رهيو آهي.
ڪوروناوائرس جنهن سڄي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هي تاريخ ۾ پهرين(Pandemic) نه آهي جنهن تباهي مچائي هجي پر ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون وبائن جي صورت ۾ بيماريون اينديون رهن آهن. ۽ ڪيترائي انسان اهڙين وبائن ۾ پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن. چار سئو سال اڳ طاعون بيماري هڪ وبا جي صورت ۾ آئي هئي جنهن به انسان کي وچڙندي هئي. جيڪڏهن ان جو علاج ڏھن ڏينهن اندر نه ٿيندو هو ته هو موت جي منهن ۾ هليو ويندو هو. هي بيماري(Great of Plague) جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي. طاعون جي بيماري جا ٽي حصا آهن. (Three types of Plague) جنهن مان هن جو (Bubonic Plague) قسم وڌيڪ خطرناڪ هيو طاعون جي بيماري ۾ مبتلا ٿيل مريضن کي بخار جسماني ڪمزوري ۽ الٽين جهڙيون نشانيون ظاهر ٿينديون هيون. (Great of Plague) جي ڪري 1720ع ۾ فرانس جو شهر مرسلي تباهي جو مرڪز بڻجي ويو. هي بيماري لبنان کان هڪ ٻيڙي جي ذريعي فرانس جي شهر مرسلي پهتي ۽ پهچڻ سان ئي تباھي مچائي ڇڏي. آهستي آهستي شهر جي مختلف علائقن ۾ پکڙبي وئي. ٻن سالن جي اندر طاعون جي بيماري مرسلي شهر جي 90 هزار آبادي مان 50 هزار ماڻهن جي حياتي ڳڙڪائي وئي. 1720ع ۾ آيل (Great of Plague) جنهن کي (Great of Marseille) به چيو وڃي ٿو انهي ( Hong Kong) ۾به تمام گهڻي تباهي مچائي ۽ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا.طاعون جي بيماري کي ھڪ سو سال گذرڻ کانپوءِ هڪ ٻي وبا آئي، جيڪا 1820ع ۾ڪالرا ( Asiatic Cholera) نالي سان سڃاتي وئي. هي بيماري 1820ع ۾ پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا جي ھڪ شهر (Kolkata) جي جئسور (Jaisor) علائقي مان شروع ٿي.
اهو علائقو هاڻي بنگلاديش ۾ موجود آهي. هن بيماري ۾ مبتلا ٿيل ماڻهن کي دست ،الٽين جهڙا مسئلا پيدا ٿيندا هئا.بنگال ۽ بهار ۾رهندڙ ماڻهن لاءِ اها ڪا نئين بيماري نه هئي. ڇو جو انهن وٽ اها بيماري هر سال پکڙبي هئي. 1820ع ۾ برطانيا جي فوج جا ڪيترائي نوجوان سپاهي ۽ آفيسر ان جي لپيٽ ۾ اچي ويا. ان وقت برطانيا فوج جا سپاهي هڪڙي ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن سفر ڪندا هئا ان جي ڪري اهي هن بيماري ۾ انفيڪٽيڊ هئا انهن فوجين جي ذريعي ڪالرا جي بيماري ٿائلينڊ ۾ پنھنجو قدم رکيو. ٿائلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪاڪ ۾ 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪالرا جي بيماري ۾ فوت ٿيا. آهستي آهستي ڪالرا جي بيماري ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. هي وبا پڻ ٻن سالن جي اندر( Middleast) تائين پهچي وئي. هن ڪالرا جي بيماري سبب دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا اڄ تائين ان بيماري جو ڪو آفيشل ريڪارڊ ناهي ته دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو فوت ٿيا. ڪالرا جي بيماري جي هڪ سئو سال گذرڻ کان پوءِ هڪ ٻي وبا اسپينش فلو (Spanish flue)آئي .اسپينش فلو 1918ع ۾ جنوري مهيني ۾ شروع ٿي هن وائرس جي لپيٽ ۾ 50 ڪروڙ ماڻهو آيا ۽ هن وائرس سبب 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا.
اسپينش فلو اسپين مان شروع نه ٿيو هو. 1919ع ۾برطانوي وائرو لاجسٽ جوئن آڪسفورڊ ۽ ان جي ٽيمجي ريسرچ رپورٽ مطابق هن جو پهريون مرڪز فرانس جي اسٽمپس ۾ ٺهيل (United Kingdom) جي آرمي هاسپيٽل جي ڪيمپ هئي. ان وقت سڄي دنيا پهرين عالمي جنگ ۾ مصروف هئي. ڪيمپ ۾ روزانو ڪيترائي فوج جا نوجوان ماني کائڻ لاءِ ايندا هئا. هن ڪيمپ ۾ مرغي جو گوشت گڏ ڪري رکيو ويندو هو. جيڪو اسپينش فلو جو سبب بڻيو هو. اسپينش فلو به ڪوروناوائرس وانگر وبا جي صورت اختيار ڪئي جيئن هاڻي ڪوروناوائرس ڦهلجي ٿو. فلو جي ڪري سڄي دنيا لپيٽ ۾ اچي وئي هئي. هن وائرس سبب چائنا ۾ تمام گهٽ ماڻهو فوت ٿيا. ڪجهه ماهرن جي چوڻ مطابق هي وائرس چائنا مان شروع ٿيو هو . اڄ تائين انهي وائرس جي ڦهلجڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. اسپينش فلو جو اثر ٽن سالن تائين رهيو. انهي وائرس جي سو سال گذرڻ کانپوءِ هڪ ٻي عالمي وبا آئي آهي. ڪوروناوائرس سڄي دنياجي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جستائين ڪوروناوائرس کان بچاءُ لاءِ ڪا دوا يا ويڪسين تيار ٿئي تيستائين ان کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن جنهن جو سڀ کان اثرائتو قدم سماجي رابطن تي ضابطو آهي. 1720ع کان 2020ع تائين جيڪي به خطرناڪ بيماريون يا وبائون آيون آهن انهن جي وچ ۾ هڪ سو سال جو وقفو آهي هر سو سال کان پوءِ اهڙيون خطرناڪ بيماريون ڇو ٿيون اچن ان جو ڪارڻ اڄ تائين سائنسدان ۽ طبي ماهر به ڳولي نه سگهيا آهن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *