Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_a7e1rg6objv9k5n5j6shmhct5e, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هزارين ٻوڏ متاثر اڃان مصيبت ۾ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هزارين ٻوڏ متاثر اڃان مصيبت ۾ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

هزارين ٻوڏ متاثر اڃان مصيبت ۾

ميرپورخاص ضلعي جي هزارين ٻوڏ متاثرن کي سنڌ سرڪار ڪجهه ڏينهن جي دورن بعد ايئن وساري ڇڏيو آهي ڄڻ ته اتي ڪا ٻوڏ آئي ئي نه هجي. متاثر پنهنجا سمورا وسيلا وڃائڻ کانپوءِ سرڪار جي سھاري ۽ آسري روڊن رستن جي ڪناري تي جانيون بچائي اچي ويٺل آهن، سندن مشڪلاتن ۾ مھينو گذرڻ بعد به ڪا گهٽتائي نه اچي سگھي آهي. ٻوڏ هيٺ آيل اڪثر علائقن ۾ اڃان تائين گهرن ۽ زمينن ۾ ٻه کان ٽي فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي.جنهن کي نيڪال ڪرڻ جو ضلعي انتظاميا کان وٺي لاڳاپيل وزارت ڪو بندوبست نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري متاثر ۽ مايوس ٿي روڊ تي ويٺل ماروئڙن مان ڪنهن به پنهنجي اباڻن ڳوٺن ۽ گھرن ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي. سندن اکيون هر وقت لڙڪن سان ڀريل آھن. ھن وقت به شھر سميت ضلعي جا سوين مسڪينن جا اباڻا ڳوٺ پاڻي سان ڀريل آھن ۽ ماروئڙن جا ڳوٺ ويران بڻيل آھن. ھر برساتي موسم ۾ ميرپورخاص ضلعي مان گذرندڙ سم نالا ۽ پراڻ واري ندي جي گهارن سبب ھزارين خاندان بي گھر ٿي وڃن ٿا ۽ سندن گھر ۽ فصل پاڻي ۾ مڇين وانگر مھينن جا مھينا لڙھندا رھن ٿا پر اڄ تائين کين ھڪ ڪٽو راشن ۽ روڊ تي ويھڻ لاءِ ھڪ ٽئنٽ ڏنو وڃي ٿو جڏهن ته ھزارين متاثر خاندان انھي سھولت کان به محروم بڻيل آھن، چوطرف پاڻي بيهڻ ڪري بدبوءِ ڦهليل آهي ۽ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي انسان ته انسان جانور به مڇرن ڪري آزار ۾ آهن متاثر ماڻهو ٻئي ھٿ ۽ اکيون آسمان ڏانهن کڻي ڄڻ غيبي مدد لاءِ هر وقت ٻاڏائيندا هجن. سرڪار جي مدد جي آسري مھينن جا مھينا روڊن تي مشڪلاتن ۾ گذاريندڙ هاڻي بيمارين جو به شڪار ٿي رهيا آهن پر نه ڪي طبي ٽيمون اتي پهچن ٿيون نه ئي کين دوا درمل ملي سگهي ٿو.
ميرپورخاص واسي ڪيترن سالن کان برساتن ۽ ٻوڏن جي موسم ۾ ايئن لاوارث هوندا آھن. ھن وقت به جھڏي جا ڳوٺ رمضان خشڪ، سائينداد علياڻي ڳوٺ،گلڻ خان چانڊيو ڳوٺ، گجو ڪڇي ڳوٺ سميت جھڏي تعلقي جون اٺ يونين ڪائونسلن جا سوين ڳوٺ اڃان تائين پاڻي ۾ ٻڏل آھن، ڪيترن ڳوٺن ۾ ته 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب هزارين ڪچا گهر ڊهي مٽي جا ڍير بڻيل آهن جڏهن ته تعلقي شجاع آباد جا ريٻاري ڳوٺ ، ٻورجي ڳوٺ، کنهبڙي ڳوٺ ، ڀڳت ڳوٺ ، ليمون ڳوٺ ، مير خان چانگ ڳوٺ، حاجي صغير ڳوٺ، ميوو لغاري ڳوٺ ، مير الھه بچايو ڳوٺ , ميرواهه گورچاڻي شهر جي رام ڪالوني ، غريب آباد ڪالوني، بابو ٿيٻو ڪالوني سميت ڪيئي ڳوٺ پاڻي سان ٻڏل آھن جڏهن ته ڪوٽ غلام محمد جا ڪالو خان کوسو ڳوٺ، بچل خاصخيلي ڳوٺ ، ٻڍا ڪوٽ ڳوٺ ،سڪرياري ڳوٺ ، ديالڳڙھه ڳوٺ ، مهر محمد بوٽا ڳوٺ ، عثمان سهتو ڳوٺ، گل محمد هاليپوٽو ڳوٺ، شاهه محمد شر ڳوٺ، ڏيوجي ڪولهي ڳوٺ ، جلال آباد ڳوٺ، ڪنڊو خان بهراڻي ڳوٺ، ڪريم بخش بهراڻي ،فيڊر شاخ ڳوٺ، جميل دل ڳوٺ، ناصر موڙ، عارب مهر ڳوٺ، دوست محمد مهر ڳوٺ، يار محمد مهر ڳوٺ، بابو پرهياڙ ڳوٺ، مريد سينهڙو ڳوٺ، غلام حسين نونڌاڻي ڳوٺ، رحيم نونڌاڻي ڳوٺ، چوڌري طارق ڳوٺ، چوڌري عاصم ڳوٺ، يعقوب پور، لال شاهه رضوي ڳوٺ، حنيف خانزاده ڳوٺ ، چوڌري حنيف رنڌاوا ڳوٺ، مير فضل الله ٽالپر ڳوٺ ، برکورا ڳوٺ ، دودو خان لغاري ڳوٺ ، سعيد خان لغاري ڳوٺ رمضان کوسو ڳوٺ، آچار کوسو ڳوٺ ،محرم کوسو ڳوٺ سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن. جڏهن ته تعلقي سنڌڙي سميت تعلقي حسين بخش مري ۽ تعلقي ڊگھڙي جا ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن ۽ انهن علائقن جا متاثر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت روڊن رستن واهن شاخن جي ڪپرن تي عارضي خيما ۽ جهوپڙيون کوڙي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، جھڏو ۾ آيل تباهي بعد به متاثرن جي حڪومت سرڪاري طور واهر نه ڪئي آهي مسلسل پاڻي بيهڻ سبب مڇرن ۽ زھريلي جيتن جي آزار جي ڪري هزارين ماڻهو پنهنجين زندگين جا سور سيني ۾ سانڍي ويٺل آھن.سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جو فرض آهي ته اها متاثرن جي واهر لاءِ تڪڙا قدم کڻي ڇو ته هن وقت ٻوڏ متاثر مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن رڳو انهن سان پنهنجي کاڌ خوراڪ جو مسئلو ناهي پر انهن جو بچيل چوپايو مال به گاهه پٺو نه هئڻ ڪري بک مري رهيو آهي انهي سان گڏ گيسٽرو ،چمڙي جي بيمارين سميت ٻيون کوڙ بيماريون انهي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پيدا ٿيون آهن جڏهن ته مڇرن ڪري مليريا ۾ به ماڻهو وٺجي رهيا آهن ۽ چوپايو مال به بيمار ٿي رهيو آهي تنهن ڪري حڪومت امدادي کاڌ خوراڪ سميت مال جي چاري ۽ طبي ٽيمن سان گڏ وٽرنري عملو به علائقن ۾ موڪلي ماڻهن کي وڌيڪ مصيبتن کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي ۽ جلد کان جلد سم نالن کي لڳل گهارا بند ڪرائي ته جيئن ڳوٺن مان پاڻي نڪري سگهي ۽ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ واپس وڃي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *