Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_42dltild44i6aneanap0rbpj3m, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هندتوا ۽ هند پاڪ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هندتوا ۽ هند پاڪ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

هندتوا ۽ هند پاڪ

هيڏانهن برسات راڱا ڪري ڇڏيا آهن، هوڏانهن ڪراچي ۽ سمنڊ تي سياست ۽ قبضاگيري ٿي رهي آهي، غريب اجھن کان محروم کليل آسمان هيٺ اچي ويا آهن، آبادگارن جا فصل لڙهي ويا آهن، واپارين جا دڪان ٻڏي ويا آهن ۽ غريب ته ڇڏيو اميرن جا ٻار به عجيب عجيب پلي ڪارڊ کڻي وڏي سرڪار جي دفترن آڏو ڌرڻا هڻي رهيا آهن ۽ مان وري بظاهر اڻ مندائتي “هندتوا” جي راڳڻي ڇيڙي رهيو آهيان، آخر ڪو ته تعلق هوندو هن مون سون جي برساتن ۽ هندتوا جي راڳڻيءَ ۾؟ ڪو ته تعلق آهي ڪراچي ۽ بامبي جي مون سون جي برساتن ۽ سياسي موسم ۾؟ جنهن جو ڪو مشترڪه ماضي آهي، تنهن جو ڪو حال ۽ مستقبل به ته هوندو؟ اچو ته ٿورو سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون.
ڪراچي ۽ بامبي جي تعلق کان اڳ اسان هندتوا جي تاريخ تي ٿوري نظر ٿا وجھون. 1925ع ۾ هند سنڌ جي تاريخ نويس محترم لالچند امر ڏنو ملڪ جڳتياڻي “هندستان جي تواريخ” جو ڀاڱو پهريون “مغل ۽ مرهٽا” ڇپائي پڌريو ڪيو، جنهن ۾ اسان کي هندتوا جي ظهور جي تاريخ ملي ٿي. جڳتياڻي صاحب، جادوناٿ سرڪار جي ڪتاب “تواريخ اورنگزيب” جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، “1672 ۾ ستنامين وارو فساد ٿيو. هڪڙي ستنامي هاريءَ جو اچي ڪنهن مغل پيادي سان تڪرار لڳو. مغل پيادي لٺ سان هن جو مٿو ڦاڙي وڌو. تنهن تان ستنامي انهيءَ کي ورائي ويا. اتي پيادن جو انبوهه به اچي سهڙيو، پوءِ ته وڳوڙ وڌندو ويو. ستنامين اُمالڪ وٺي جھيڙي کي مذهبي رنگت ڏني. چئي اسان هندو ڪار جي اُڌار ٿا ڪريون! (پنجاب جي ڳوٺ) نارنول ۾ وڳوڙين ڦرمار ڪئي، مسجدون ڊهرايون، بلڪه پنهنجو راڄ به کڙو ڪيو.” هاڻي 1672 جي ستنامي فسادن ۽ 1992ع جي بابري مسجد جي فسادن تي نظر وجھو ته اوهان کي 320 سالن جي تاريخ جو هڪ تسلسل ملي ويندو ۽ هنن فسادن جو سنڌ سان ڳانڍاپو به نظر اچي ويندو. بابري مسجد جي فسادن جي اڳواڻي ڪراچيءَ ڄائي لال ڪرشن آڏواڻيءَ ٿي ڪئي ۽ هتي چند سالن کان پوءِ دهليءَ ڄائي جنرل پرويز مشرف جي حڪمراني قائم ٿي، جنهن ڪراچي مڪمل طور ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي حوالي ڪري ڇڏي جيڪو هاڻي هندتوا جي حاڪمن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪجھه ڏينهن لاءِ “سوامي” به بڻجي ويو ھو. ستنامي، سونامي ۽ سوامي فسادين جا دهليءَ کان ڪراچيءَ تائين راڳ ڀاڳ جا تڪرار آهن ۽ انهيءَ تڪرار سڄي هندپاڪ جي مون سون کي اچي “ڪراچي” تي مرڪوز ڪيو آهي. ايئن ٿو لڳي ته هن مُون سون ۾ ممبئيءَ سميت سڄي هند پاڪ ۾ ڪا برسات ئي نه پئي آهي ۽ سڄي مون سون جي برساتن ڪراچيءَ کي ٻوڙي سمنڊ بڻائي ڇڏيو آهي! مشڪل گھڙين ۾ ته ماڻهو متحد ٿيندا آهن پر فسادي ذهنيت، فتني جا بهانا پئي ڳوليندي آهي.
هند پاڪ جي نفاقي ۽ فسادي سياست جو ٻج اورنگزيب “عالمگير” جي زماني (1658-1707ع) ۾ پيو. جڳتيائي ۽ جادوناٿ سرڪار لکن ٿا ته، “اورنگزيب پنهنجي پير تي ڪهاڙو پاڻ هنيو. اورنگزيب پاڻ کي اسلام جو حامي سڏائي گاديءَ تي ويٺو. دشمن دفع ٿي رهيا ته ورندي سال حڪم ڦيرايائين ته آئينده سڪي تي ڪلمو نه وڌو وڃي، ڇو ته ڊپ ٿي ٿيس ته مٿان ڪافر انهيءَ جي بي ادبي نه ڪن. ٻيا مغل شهنشاهه، ايرانين جيان جشميد نوروز تي ڌام ڌوم سان جلسا ڪندا هئا، هن اها ريت ڪڍي، ساڳيو جلسو عيد رمضان تي مقرر ڪيو. هڪڙو محتسب مقرر ڪيائين، جنهن جو ڪم هو ته جيڪي ماڻهو شراب پين يا جوا کيڏن يا ڪفر ٻولين يا شريعت تي نه هلن، تن کي پڪڙي سيکت ڏيندو رهي. هنڌ پٽ سندس جاسوس پيا ڦرندا هئا، هٿ وٺي پنهنجن توڙي پراون کي بدگمان ڪري ڇڏيائين. بازار ۾، ڏياري ۽ هولي ملهائڻ جي کين اجازت نه هئي. انهيءَ ڌاران 1670 کان وٺي اهڙو ڪٽر ٿي پيو جو هندن جا ڪيترا مندر ڊهرائي انهن هنڌن تي کڻي مسجدون اڏرايائين. اڪبر، راجپوتن سان مائٽيون ڳنڍي، راجپوتن کي پنهنجو ڪري ڇڏيو هو. هن اهي ناتا به ساڻن ٽوڙي ڇڏيا. نتيجو اهو ٿيو جو راجپوت وفادار رعيت مان ڦري سلطنت جا دشمن ٿي پيا. هنن تي جزيو ڍل نئين سر وڌائين، جيڪا اڪبر بادشاھه ختم ڪري ڇڏي هئي. ديواني توڙي فوجي کاتي مان هندن کي تڙي ڪڍيائين. نتيجو اهو ٿيو جو راجپوت توڙي مرهٽا سندس جاني دشمن ٿي ويا. سکن جو نائون گرو تيغ بهادر 1688 ع ۾ آسام واري لڙائي ۾ مغلن جي پاران وڙھيو هو. پر آنندپور موٽيو ته ڪشمير جي هندن کيس اچي دانھن ڏني ته اورنگزيب جو صوبيدار اسان کي ستائي ٿو ماري، اسان کي چوي ٿو ته يا مسلمان ٿيو يا جزيو ڀري ڏيو! اورنگزيب دکن جي مسلمان حاڪمن سان هن ڪارڻ پائي کئني جو هو شيعا هئا.”
هاڻي 1670ع کان 1707ع جي هن منظر نامي جي ڀيٽ 1977 کان 2020ع جي پاڪستان جي سياسي منظر نامي سان ڪيو ته اوهان کي حال جي سمجھه ۽ مستقبل جا اھڃاڻ ملي ويندا. جنهن تباهي جو ٻج 1977ع کان جنرل ضياالحق ۽ سندس پيروڪارن پاڪستان ۾ وڌو آهي اھو ئي ٻج هندستان ۾ وري ڀارتيه جتنا پارٽي ۽ موديءَ ڇٽيو آهي. هتي جنرل ضيا الحق اسلامي نظام نافذ ڪيو ته هُتي موديءَ هند توا جو راڄ قائم ڪيو آهي. هاڻي سڄي هند پاڪ ۾ بدگماني ۽ ڪيني جو راڄ آهي. هي جاسوس، هُو جاسوس، هي دشمن هُو دشمن، هي ڪافر هُو ڪافر، هي غدار هُو غدار… هر طرف جاسوسن جو ڄار آهي، هر طرف غدار غدار جا هُوڪارا آهن، هر طرف دشمني ۽ نفرت واري سياست آهي. هند ۾ “رام ڀڳتن جو راڄ” آهي جيڪي چون ٿا ته هند جي سڀني مسلمانن جي حب الوطني “مشڪوڪ” آهي ۽ ڀارتي مسلمان جيئن ته گهڻائي ۾ ڪانگريس جا حامي آهن ته ڪانگريس جي به حب الوطني هاڻي مشڪوڪ آهي ۽ ڪانگريسي جيئن ته رام ڀڳت ڪڏهن رھيا ئي ناهن ته راھول گانڌي ۽ ڪانگريسي “رام دشمن” ۽”“ڌرم دشمن” آهن! هتي وري نواز شريف جيتوڻيڪ پنجاب جي حاڪم طبقي سان تعلق رکي ٿو پر جيئن ته موديءَ جو يار آهي ته غدار آهي. هتي هندن ۽ غير مسلمز جي حب الوطني ته شروع کان ئي “مشڪوڪ” رهي آهي جنهن کي 1973ع جي آئين ۾ قانوني شڪل ڏئي مٿن پابندي وڌي وئي آهي ته اهي اسلامي جهموريه پاڪستان ۾ مخصوص ۽ “حساس” عهدن تي براجمان نٿا ٿي سگهن! هاڻي شيعا به ڪافر آهن! ڪو وهابي آهي، ڪو ديوبندي آهي، ڪو شيعو آهي، ڪو سني آهي ۽ سڀني کي هڪٻئي جي نظر ۾ مشڪوڪ بڻايو ويو آهي. يعني سڄي سماج جو تاڃي پيٽو ٽوڙي تباھه ڪيو ويو آهي. اڄ تائين ته وهابيت جي علمبردار سعودي سرڪار جو “سڪو” ٿي ھليو پر ھاڻي شھزادي محمد بن سلمان جي اڳواڻيءَ ۾ سعودي سرڪار وهابيت کان جديديت ڏانهن قدم وڌائي رهي آهي ۽ پاڪستان سرڪار وري ترڪ اردگاني خلافت جي پاڇي ۾ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪراچي بندر جيڪو ڪلھه تائين نيٽو سپلاءِ جو اڏو هيو تنهن کي چين حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن کي هندتوا جا حاڪم انتهائي خطرناڪ سمجهي رهيا آهن ۽ انهن حڪمت عمليءَ طور شروعاتي دٻاءُ سنڌو واس جي وادي لداخ ۾ چين جي سرحدن تي وڌو آهي.
ڪراچي ۽ ڪشمير جي سياست جون پاڙون به هند پاڪ نفاق جي زمين ۾ کتل آهن. ڪمشير ڏينهن تي ڪراچيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي ريليءَ تي حملي ان تعلق کي بلڪل چٽو ڪري ڇڏيو آهي. چون ٿا ته جنرل مشرف خلاف وڪيل تحريڪ هلائي کيس اقتدار تان برطرف ڪرڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو هيو ته هن ڪراچي ۽ ڪشمير تي انڊيا سان مفاهمت ڪري ورتي هئي پر معاھدي تي صحيحون ٿيڻ کان اڳ مشرف خلاف تحريڪ جو آغاز ٿي ويو جنهن تي ان وقت جي وزير اعظم من موهن سنگهه تمام گهڻي ڳڻتي ۽ پريشانيءَ جو اظهار ڪيو هو. ان وقت ته ڪانگريسي حڪومت هئي جيڪا مفاهمتي واٽ تي هلي رهي هئي پر هاڻي هندتوا جي حڪومت آهي جيڪا سڄي اکنڊ ڀارت کي سندس چواڻي “مسلمانن جي فتني کان پاڪ ڪرڻ چاهي ٿي.”
هندوڪار ۽ هندو راڄ جو نعرو ته اورنگزيب جي اسلامي راڄ جي رد عمل ۾ ستنامي بغاوت دوران اڀريو پر اڄ جنهن هندتوا فڪر جي هندستان ۾ عارضي فتح ٿي آهي تنهن جو بانيڪار بينگال جو قدامت پسند مفڪر چندر ناٿ باسو (1910-1844) آهي جنهن 1892ع ۾“ ھندتوا- هندور پرڪرتا اتھاس Hindutva- Hindur Prakrita Itihas ” لکي هندتوا فڪر ۽ فلسفي جا بنياد رکيا. چندر ناٿ دعويٰ ڪئي ته اولهه توڙي اوڀر جي سڀني طريقه حيات کان هندن جو سماج سڀ کان وڌيڪ بهتر ۽ برتر آهي. هو مذهب جي تبديليءَ جو سخت مخالف هو ۽ سندس دعويٰ هئي ته هندستان هندن جو آهي جتي اسلام ۽ عيسائيت جهڙن ڌارين مذهبن جي ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي ڇو ته اهي هندستان جي ڌرتيءَ جي پيداوار ناهن. ان طرح هن مذهب ۽ قومپرستي کي ملائي هندو قومپرست نظرئي جو بنياد رکيو. پر ھنڊوا جو ابو يعنيٰ “هندو قومپرستيءَ جو ابو” وير ساورڪر آهي جنهن هندو قوم جي ڳالهه ڪئي نه ڪي هندو ڌرم جي. هن چيو ته، “سنڌونديءَ جي هن پار هماليا کان هندي سمنڊ تائين جيڪي به رهواسي آهن سي سڀ هندو آهن.” هن هندستان جي آزاديءَ لاءِ انگريزن سان سخت مهاڏو اٽڪايو جنهن ڪري کيس 50 سال جيل جي سزا ڏئي کيس انڊمان ٻيٽ تي رکيو ويو. جتان پوءِ رتناگري جيل منتقل ٿيو جتي هن 1922ع ۾ هندتوا جو اهم ترين ڪتاب “هندتوا جا بڻ” ESSENTIALS OF HINDUTVA لکيو. سمورو سنگهه پريوار يعنيٰ هندو مهاسڀا، راشٽريه سوامي سيوڪ سنگهه RSS، هندو وشوا پريشد VHP ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي BJP مراٺي برهمڻ “وير ساورڪر” کي “هندستان جو اڻ تسليم ٿيل ابو” Unrecognised FATHER OF NATION سمجهن ٿيون. ونيڪ دامودر ساورڪر(1883-1966ع)، مهاراشٽر جي شهر ڀاگر ۾ جنم ورتو جيڪو ناشڪ کان 20 ڪلوميٽر ۽ بامبئي کان 187 ڪلوميٽرن تي واقع آهي. ساورڪر، هندستان جي جاگرافيائي وحدت ۽ هندو ثقافتي شناخت کي هندو قومپرستي جو بڻ بنياد قرار ڏنو. هن واضح ڪيو ته هندو مان هن جي مراد هندو ڌرم نه هندو قوم آهي ۽ ان کي بلڪل چٽو ڪرڻ لاءِ هن اهو به اعلان ڪيو ته هو فڪري طور ملحد (ATHIEST) آهي ۽ هو ڪنهن به ڀڳوان جي وجود کي تسليم نٿو ڪري ۽ سمجهي ٿو ته ترقي جديد سائنس بنا ممڪن ناهي. ساورڪر جين، ٻڌ ۽ سک ڌرمن کي ته هندو قوم جي ڌرمن طور تسليم ڪيو پر چندرناٿ باسو جي ان فڪر کي به قبول ڪيو ته اسلام ۽ عيسائيت ڌاريا مذهب آهن ۽ ان کان اڳيان وڌي انهن جي وفاداريءَ تي به سوال اڀاريو ته جيئن ته انهن جون سموريون مقدس جايون هندستان کان ٻاهر وچ اوڀر ۾ آهن تنهن ڪري انهن جي وفاداري به سدائين منقسم رهندي. هن چاهيو پئي ته جيڪي هندو، مسلمان ۽ عيسائي ٿيا آهن اهي واپس هندو ٿين يا کين ڌاري آبادي طور پنهنجي ماتحت رکيو وڃي ڇو ته هندستان تي راڄ ڪرڻ جو حق رڳو هندو قوم کي آهي. هن ٻه قومي نظريي کي ان بنياد تي تسليم ٿي ڪيو ته مسلمان جيئن ته هندستان جي معاشري ۾ ضم نٿا ٿين ۽ الڳ سماجي ايڪائي وٺي بيهن ٿا ته اهي هندو قوم جو حصو ناهن ۽ جيئن ته هو هندستان تي حملي آورن جو تسلسل آهن تنهن ڪري هنن منجهه تڪبر ۽ حڪمراني ڪرڻ جي خواهش آهي سو انهن کي دٻائي پنهنجي ماتحت رکجي. نه ڪي کين جناح ۽ مسلم ليگ جي گهر پٽاندڙ الڳ ملڪ ڏجي ۽ نه ئي گانڌي ۽ ڪانگريس وانگر کين خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. اکنڊ ڀارت ۾ هو يا ته هندو قوم جو حصو ٿي وڃن يا هندو قوم جي ماتحت اقليت طور رهن. هندتوا جي هن هندو قومپرستيءَ واري ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ساورڪر ھڪ جامع حڪمت عملي به پيش ڪئي جنهن کي ڀارتيه جنتا پارٽي جي مودي سرڪار 1914ع کان مسلسل عملي جامو پھرائي رھي آهي. ساورڪر چيو ته، “سڄي سياست کي هندو رنگ سان رڱيو ۽ سڄي هندو شاهيءَ کي جنگي بنيادن تي منظم ڪيو.”
HINDUIZE ALL POLITICS AND MILITARIZE HINDUDOM
سنگهه پريوار جون سڀ تنظيمون ان حڪمت عملي جو آئينو آهن ۽ هاڻوڪي هند سرڪار ته ان جو عملي شاهڪار آهي.
ساورڪر جي فلسفي جو هڪ ٻيو به مادي ۽ فڪري ماخذ آهي جنهن جي گهڻي تشهير ناهي ٿي، اهو آهي سنڌ ۽ سنڌو ندي. ساورڪر جڏهن هندو هجڻ جي وصف بيان ڪري ٿو تڏهن چوي ٿو ته سنڌونديءَ جي هن پار رهندڙ سڀ رهواسي هندو آهن. هو “هندو” ۽ “سنڌو” کي، هند ۽ سنڌ کي هم معنيٰ ۽ هڪ ٻئي جي متبادل اصطلاحن طور کڻي ٿو. لال ڪرشن آڏواڻي جڏهن چوي ٿو ته، “هند سنڌ بنا اڻپوري آهي” تڏهن هو رڳو سنڌي قومپرستيءَ جو اظهار نٿو ڪري پر ساورڪر جي سنڌو ماخذ واري فلسفي ۽ فڪر جو به اظهار ڪري ٿو. ساورڪر جو شاگرد ناٿورام گاڊسي جڏهن گانڌيءَ جو قتل ڪري ٿو ته ان جو هڪ سبب اهو به ڄاڻائي ٿو ته گانڌيءَ پاڪستان کي تسليم ڪري سنڌ کي هند کان الڳ ڪرڻ جو پاپ ڪيو آهي ۽ هو وصيت ڪري ٿو ته سندس رک تڏهن سنڌو نديءَ ۾ پروان ڪئي وڃي جڏهن سنڌ ۽ هند هڪ ٿي وڃن. اڄ ساورڪر جا پيروڪار ۽ گاڊسي جا مداح هندستان جا حاڪم آهن جيڪي سندس وصيت تي عمل ڪرڻ واري ڏينهن جا منتظر آهن ۽ ان لاءِ ڪوشان آهن ۽ نه وساريو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ اها دهليءَ جي ھندتوا حڪمرانن جي دلين جي قريب آهي. آخر ساورڪر جي ممبئي ۽ ايل ڪي آڏواڻي جي ڪراچي ويجهي ماضي ۾ به ته جڙوان شهر رهيا آهن پوءِ ڪيئن اهي ان کي آساني سان چين جي هٿن ۾ وڃڻ ڏيندا؟
هند پاڪ جو مُون سُون لڙائيءَ لاءِ انتهائي ناموزون پر لڙائيءَ جي تياريءَ لاءِ انتهائي موزون هوندو آهي. جيئن ته ٻنهي پاسي خبر هوندي آهي ته هن موسم ۾ لڙائي ناممڪن آهي ته ٻنهي ملڪن کي موقعو هوندو آهي پنهنجي پنهنجي فوجن کي منظم ڪرڻ ۽ نيون پوزيشنون سنڀالڻ جو. جڏهن هند پاڪ جو عوام برساتن جي رحمت زحمت کي ماڻيندو ڀوڳيندو آهي تڏهن ٻنهي ملڪن جون فوجون خاموشيءَ سان حال ۽ مستقبل جي امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي پيش بندي ڪنديون آهن.
هاڻ هند پاڪ جي حڪمرانن جي پنهنجي پنهنجي عوام متعلق پاليسي ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.ٻئي ملڪ ويڙهايو ۽ راڄ ڪيو جي پاليسي تي عمل پيرا آهن ۽ حالت جنگ ۾ به آهن.اها باهمي تباهي جي واٽ آهي .اسان کي سمجهڻو پوندوته معاملو ايترو سادو ناهي.اسان کي هڪ طرف گهرو ويڙهه کان بچڻو آهي ته ٻئي طرف پنهنجي ڌرتي ،درياءَ ۽ سمنڊ جي به گهڻ پاسائين حفاظت ڪرڻي آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *