تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

هوابازي پاليسي ۾ تبديلي جي ضرورت

نيٺ هوابازي جي وزير جي بيان پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ يورپ، برطانيا کانپوء آمريڪا به PIA جي جهازن جي اچڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي. هوڏانهن وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته PIA جي عارضي CEO ايئر مارشل ارشد ملڪ کي ايئرفورس تان رٽائر ٿيڻ بعد 2 سالن لاءِ پڪو رکيو ويندو ڇوته هن وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو هو ته 13 سالن ۾ 11 چيف تبديل ٿيڻ ڪري عدم استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي. هونئن به چيو ويندو آهي ته PIA ايئرفورس مان رٽائر ٿيندڙ ايئر مارشلن ۽ پائلٽن جو آخري آستانو آهي.
PIA جي پيدائش 1955ع ۾ اورينٽ ايئر جي دن مان ٿي هئي، جيڪا اصفهاني ڀائرن 1946ع ۾ ڪلڪتي ۾ قائم ڪئي هئي. هن وقت ان ۾ 90سيڪڙو کان وڌيڪ حصا وفاقي سرڪار جا آهن ۽ سندس فضائي ٻيڙي ۾ بوئينگ 777, ايئربس 321 ۽ ATR سوڌو 32 جهاز آهن جيڪي روزانو 30 ملڪي ۽ پرڏيهي شهرن ڏانهن 100 اڏامون ڪن ٿاپر گذريل سال کيس 147 ارب رپين جي آمدني هوندي به 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، جنهنجو مطلب اهو ٿيو ته هر منٽ ۾ PIA جو آپريشن هڪ لک رپين جو نقصان ڪري ٿو.
سندس سڀ کان گهڻو خرچ تيل، وياج، ڪرائي تي ورتل جهازن جي ڀاڙي،پرڏيهي ڪرنسي ۾ ٿيل نقصان ۽ 11740 ملازمن جي پگهارن تي آهي جيڪي 2014ع ۾ 17,383 هئا. اهو حال رڳو PIA جو نه، پر اڪثر سرڪاري ايئرلائينز جو آهي. قطر ايئرويز جنهنجي ٻيڙي ۾ 250 جهاز ۽ 46 هزار ملازم آهن تنهنکي گذريل سال 44 ڪروڙ ڊالر ۽ ابوظهبي جي اتحاد ايئرويز جنهن وٽ 120 جهاز ۽ 25 هزار ملازم آهن تنهنکي 87 ڪروڙ ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. مليئشين ايئرويز جو به ساڳيو حال آهي جنهن وٽ 81 جهازن تي 14هزار ملازم آهن پر کيس 2018ع ۾ 19 ڪروڙ ڊالر ۽ ايئر انڊيا کي ساڳئي سال ۾ 75 ڪروڙ ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي جنهن وٽ 122 جهازن تي 27 هزار ملازم آهن. سريلنڪن ايئرويز 26 جهاز ۽ 6,800 ملازمن تي 23 ڪروڙ ڊالر نقصان ڪيو آهي. البت دبئي جي Emirates جنهن وٽ 200 کان وڌيڪ جهاز ۽ 40هزار ملازم آهن اها 32 سالن کان مسلسل نفعي ۾ آهي پر گذريل سال جو نفعو 28 سيڪڙو گهٽجي 45 ڪروڙ ڊالرن تي پهتو آهي ۽ سندس اثاثن جي مقابلي ۾ اهو نفعو 1سيڪڙو کان به گهٽ آهي. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته ان نفعي پويان سرڪار جو سستو تيل آهي. بنگلاديش جي Biman جنهن وٽ 18 جهازن تي 5هزار ملازم آهن ، تنهنکي گذريل سال 3 ڪروڙ ڊالر نفعو ٿيو آهي. اهڙي طرح Ethiopian Air جنهن وٽ 125 جهازن تي 17هزار ملازم آهن، تنهنکي گذريل سال 19 ڪروڙ ڊالر نفعو ٿيو آهي. قطر ايئرويز به 2016ع ۾ 44 ڪروڙ نفعو ڪمايو هو پر بعد ۾ سعودي، بحرين ۽ عمارات پاران زميني ۽ فضائي ناڪا بندي سبب کيس نقصان پوندو رهيو آهي. سرڪاري شعبي ۾ مٿي ذڪر ڪيل 3 ايئرلائينز جو تجزيو ڪبو ته ان پويان تجربيڪار پروفيشنل مئنيجمينٽ، سرڪار جي عدم مداخلت، گهٽ تيل ٻاريندڙ جهاز ۽ نئين مالي جوڙجڪ آهي. Emirates جو صدر سر چارلس ڪلارڪ اقتصادي ماهر آهي ۽ 35 سالن کان ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ انجي بانين منجهان آهي ۽ڪاميابي جو هڪ سبب A380 جهاز آهي جيڪو گهڻا مسافر کڻي گهٽ تيل کپائي ٿو.Ethiopian Air جو چيف توليد مريم برطانيا مان MBA ڪيل، ساڳي ڪمپني ۾ ٽرانسپورٽ ايجنٽ هو ۽ سندس مهارت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو IATA جي بورڊ جو ميمبر به رهيو آهي Biman جو چيف سول بيوروڪريٽ آهي ۽ 2007 ع۾ بنگلا ديشي سرڪار پنهنجو حصو گهٽائي 51سيڪڙو رکيو ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج وسيلي پنهنجا باقي حصا کپائي ان رقم مان نوان جهاز خريد ڪيا.
پي آءِ اي ۾ زندگي ۾ پهريون سفر رعائتي شاگردي ٽڪيٽ تي 80 رپين ۾ ڪراچي کان موهن جو دڙو 1978ع ۾ ڪيو. سندس سيڙپڪاري، هوٽل، چوزن جي افزائش، گلن جي نرسري وغيره تي مشتمل 8 subsidiaries آهن. سندس ڪل اثاثا 146 ارب آهن جن۾ 46 ارب جا جهاز آهن. 35 ڏيهي ۽ 7 پرڏيهي هنڌن تي سندس 12 لک چورس فوٽن تي مشتمل هوٽل، آفيسون، ٽائون شپ ۽ ٻيون ملڪيتون آهن جنجي ڪتابي قيمت 92 ارب رپيا آهي. پر ڪاغذن ۾ سندس ڪل قيمت ڪاٽو 423 ارب رپيا آهي يعني اثاثن کان قرض 423 ارب رپيا وڌيڪ آهي.
پي آءِ اي سان واسطو رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته انجو سونهري دور 1972ع ۾ شروع ٿيو جڏهن ڀٽي صاحب ٽيڪسٽائيل ٽائڪون رفيق سهگل کي سي اي او مقرر ڪيو، جنهن کي هوابازي جو ڪو تجربو نه هيو پر هڪ ڪامياب واپاري هوندي، بنگلا ديش ٺهڻ ڪري ٽريفڪ اڌ ٿيڻ باوجود وچ اوڀر ۾ مزدورن جي کپت ۽ لنڊن ڏانهن اچ وڃ وڌڻ سبب اها نفعي ۾ اچي وئي. نورخان کي 1974ع ۾ ٻيهر چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ ان سال نفعو 30 لک ڊالر ٿيو جيڪو 1976ع ۾ وڌي 55 لک ڊالرن تي پهتو ۽ ٻه ماڙ بوئنگ 747سندس پسنديده جهاز هو جيڪو ٻيڙي ۾ شامل ڪيو ويو. ان جهاز جي مٿين ماڙ تي جون 1984ع ۾ مون منيلا کان بئنڪاڪ سفر ڪيو منهنجي ساڄي پاسي مرحوم علڻ فقير ۽ کاٻي پاسي قمبر جو پورٽ قاسم جو چيف عبدالستار ڏيرو صاحب ويٺل هئا جيڪي ترتيبوار ڪوريامان ثقافتي ميلي ۽ جپان مان ٽريننگ پوري ڪري واپس اچي رهيا هئا. اهو جهاز اسلام آباد مان هليو هو ۽ بيجنگ، ٽوڪيو، منيلا، بئنڪاڪ، ڪراچي مان ٿيندو واپس اسلام آباد پهچڻو هو. آگسٽ 1988ع ۾ مونکي ٻيهر ڪراچي کان لنڊن 747 ۾ استنبول ائمسٽرڊم رستي سفر جو موقعو مليو ۽ منهنجي ساڄي پاسي سائين عاشق عارباڻي ۽ کاٻي پاسي محترم پليجو صاحب جن همسفر هئا.
PIA جي تاريخ ۾ ٻه دور بدترين رهيا آهن. پهريون دور 1981ع ۾ شروع ٿيو جڏهن هائيجيڪنگ کان پوءِ جنرل رحيم خان کي PIAجو چيئرمين ڪيو ويو جنهن ايئر مارشل وقار چوڌري کي MD مقرر ڪري يونينن تي پابندي هڻي 4هزار ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو جنهنڪري خرچ گهٽجڻ ۽ سرڪار جي 6 ڪروڙ ڊالر امداد ملڻ سبب پهرين سال 41 ڪروڙ رپيا نفعو ته ٿيو پر ايئر ٽرانسپورٽ ورلڊ مئگزين موجب اهو نفعو گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهيو ڇو ته شراب تي بندش سبب عالمي روٽس تي مسافر گهٽجي ويا ۽ وفاقي سرڪار پاران جيٽ فيوئل تي ٽيڪس وڌائڻ ۽ ڪراين گهٽائڻ سبب نفعو گهٽجي ويو. ٻيو جهٽڪو 1990ع جي ڏهاڪي ۾ آيو جڏهن 1991ع ۾ خليج جنگ سبب تيل مهانگو ٿيڻ ۽ انشورنس پريميم وڌڻ سبب نقصان ٿيڻ لڳو ۽ آخري ڌڪ 1993ع ۾ نواز شريف سرڪار جي Open Skies Policy هنيو. ان پاليسي تحت هوائي سرحدن کي غيرملڪي جهازن لاءِ کوليو ويو، جنهن سان PIA جي هڪ هٽي ختم ٿي وئي. انکان اڳ ڪو به پاڪستاني ٻن سالن ۾ فقط هڪ دفعو ڪنهن پرڏيهي ايئرلائين ۾ سفر ڪري پئي سگهيو. آڊٽ رپورٽ موجب ان کليل پاليسي سبب 2017ع ۾ 8 پرڏيهي هوائي ڪمپنين 47 لک مسافرن کي پاڪستان مان کڻي دنيا جي مختلف منزلن تي پهچايو جنهن سان 117 ارب رپين جو PIA کي نقصان ٿيو.
عام طور اهو چيو ويندو آهي ته PIA ۾ ضرورت کان وڌيڪ ملازم ڀرتي ٿيل آهي پر 2018ع جي آڊٽ رپورٽ موجب PIA جي تباهي جو سبب نان پروفيشنل بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۽ CEO آهن جن جي مقرري جو ڪو معيار مقرر ٿيل ناهي ۽ نه ئي کين انجي پروڙ آهي ته ڪمپنيون واپاري بنياد تي ڪيئن هلايون وينديون آهن. انڪري سڀ فيصلا عارضي بنياد تي ڪيا پيا وڃن. جنهن جي نتيجي ۾ ايجنٽ 3 ارب رپيا کائي ويا، اسپيئر پارٽ جي خريداري ۾ گهپلا ڪري خانگي ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ مهانگي اگھه تي اوزار خريد ڪيا ويا. دوائن جي خريداري ۾ 1 ارب، ڏهاڙي مزدورن جي ٺيڪن ۾ 1 ارب 70 ڪروڙ، جهازن جي ليز ۾ 12 ارب، ٽڪيٽن جي وڪري ۽ سفر ڪندڙ مسافرن جي تعداد جي فرق ۾ 32 ارب رپين جي گهپلن جي نشاندهي ڪيل آهي. ان کان اڳ 2000ع ۾ تڏهوڪي MD ملڪ شيرافگن جي زماني ۾ ٽڪيٽن ۾ 3 ارب رپين جو اسڪينڊل به سامهون آيو هو. ڪمپني کي 2018ع ۾ سندس سيڙپن تي به 36 لک ڊالرن جو نقصان پيو آهي. سيڙپڪاري جو چيف ڪيئي ڏهاڪن کان مقرر گلوڪار عدنان سميع جو چاچو نجيب سميع آهي. نيويارڪ ۾ دنيا جي مهانگي ترين علائقي منهٽن ۾ 1924ع ۾ ٺهيل 19 منزله روزوئيلٽ هوٽل به PIA جي ملڪيت آهي جنهن۾ 3,900 چورس فوٽن تي 1,052 ڪمرا ۽52 سئيٽس آهن. 2016ع ۾ ڪرايل ڪٿ موجب ان جي قيمت 64 ڪروڙ ڊالر هئي جننهن جي پويان ڪيترن سالن کان بدنظر ڪڍ لڳل آهن پر وفاقي ڪابينا پرائيويٽائيزيشن ڪميٽي جي سفارش تي فيصلو ڪيو آهي ته ان کي کپائڻ بجاءِ جوائنٽ وينچر تحت هلايو ويندو.
پاڪستان ۾ هن وقت PIA کانسواءِ فقط 2 ٻيون ڪمرشل ايئرلائينز ڪم ڪري رهيون آهن. هوابازي جي سرڪاري ايئرلائين دشمن پاليسي سبب شاهين، ايروايشيا، انڊس ۽ ڀوڄا بند ٿي چڪيون آهن. 2 سال اڳ کليل سيرين 16 سال پراڻي ايئربليو کان وڌيڪ مسافر کڻي رهي آهي، پر هر سال س10سيڪڙو ٽريفڪ وڌڻ سبب ڪرايا چوٽ چڙهي رهيا آهن. ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ايئرلاينز جي گهرج آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هوابازي پاليسي کي ملڪي اقتصادي ۽ سياحتي ترجيحن سان هم آهنگ ڪري PIA جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري ان۾ نئين سيڙپڪاري آندي وڃي ۽ نئين خودمختيار، ايماندار ۽ قابل بورڊ ۽ سينئر مينيجمينٽ وسيلي جنهن۾ سڀني اڪائين جي ميرٽ تي نمائندگي هجي، انجي قسمت بدلائي وڃي.

Bookmark the permalink.

One Response to هوابازي پاليسي ۾ تبديلي جي ضرورت

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *