تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو …..

گمس اسپتال خيرپور کي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي هڪ اهڙو مثالي ادارو بڻايو آهي جنهن جي هاڪ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هلي ٿي. هن اسپتال ۾ جگر ۽ بڪين جي پيوندڪاري سان گڏ بون ميرو ۽ ڪينسر جا سينٽر به کلي رهيا آهن. انهي گمس اسپتال ۾ نشي ۾ ڌت ماڻهن لٺيون ڌڪا کڻي ڀڃ ڊاهه ڪري اسٽاف تي تشدد ڪيو ۽ ڪجهه وقت تائين انساني زندگين کي بچائيندڙ هن اداري کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو. گمس اسپتال ۾ ٿيل هي شرمناڪ واقعو اسان جي سماجي شعور جي عڪاسي ٿو ڪري. هي اها سنڌ آهي جتي هڪ پاسي هن قسم جا تخريبي رويا نظر ٿا اچن ته ٻئي پاسي خلق خدمت ۾ مست مگن ڪردار پنهنجي خوشبوء ساڻ وڻ ٽڻ واسي رهيا آهن.
خراب حڪمراني جي خامين ڳولڻ ۾ مصروف نقادن کي الائي ڇو سنڌ وطن جا اهي ڪردار نظر نه ٿا اچن جن پنهنجي محنت ۽ لگن سان اهڙا ادارا جوڙي راس ڪيا آهن جن تي جيترو ناز ڪجي اوترو گهٽ آهي. فرد ئي ادارا جوڙيندا آهن جنهن جو مثال ڊاڪٽر اديب رضوي جو جوڙيل ايس آئي يو ٽي اسان جي سامهون آهي، جتي لاچار ۽ بي پهچ مريضن جو مفت ۾ عالمي سطح جو اعلاج ڪيو ٿو وڃي. اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال سائين نثار صديقي جي جوڙيل اداري آءِ بي اي سکر جو آهي جتي علم جي هڪ اهڙي شمع روشن ڪئي وئي جنهن کي ڏسي اميدون ۽ آسرا جاڳي ٿا پون. آءِ بي اي سکر انهي سفر جو تسلسل آهي جيڪو ڪنهن دور ۾ مير غلام محمد ٽالپر، نورمحمد وڪيل، حسن علي آفندي، اشرف ٿيٻي، الهندي شاه ۽ سعيد پور واري ابراهيم ٿيٻي شروع ڪيو هو. انهن تعليمي ادارن جو ثمر سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل آهي. اهڙن لافاني ڪردارن جي جيتري به پذيرائي ٿي سگهي اوتري گهٽ آهي.
ڊاڪٽر عمر ملاح سيراڻي کان اڳيان انهي ڳوٺ ۾ رهي ٿو جتي اڄ به نه سواري جو بندوبست آهي ۽ نه موبائيل سگنل ڪم ڪن ٿا. اهو عمر ملاح سعيد پور بورڊنگ اسڪول مان پڙهي آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽر عمر بنجي ويو. سنڌ ۾ جنهن دور ۾ وڏيرن محل پئي جوڙايا تنهن دور ۾ اشرف ٿيٻي ۽ مير غلام محمد ٽالپر جهڙن نيڪ مردن انهن جي مقابلي ۾ اسڪول، هاسٽلون ۽ اسپتالون پئي ٺاهيون. اهو ته بلڪل ائين ٿيو جو ڪنهن استاد بورڊ تي چاڪ سان هڪ ليڪ ڪڍي شاگردن کي چيو ته هن ليڪ کي ڊاهڻ کان سواءِ ننڍو ڪري ڏيکاريو. هڪ ڏاهو شاگرد اٿيو ۽ هن مسڪرائي انهي ليڪ ڀرسان هڪ ڊگهي ليڪ ڇڪي ڇڏي. ناڪاري ماڻهن سان گڏ رهندي هن قسم جا منفرد ڪم ڪندڙ هي وطن جا ڏاها فرزند هئا، جن هڪ ڊگهي ليڪ ڇڪي ڇڏي. هن وقت به سنڌ کي هڪ ڊگهي ليڪ ڇڪڻ جي اشد ضرورت آهي. پر ڏک جهڙي ڳالھه آهي ته اسان جي سوسائٽي وٽ هيروز جا معيار ئي ڪجهه ٻيا آهن. شريف ۽ ايماندار کي بيوقوف ۽ نااهل سمجهيو ٿو وڃي. ٺڳ کي ٺڳ چوڻ گناهه آهي. مظهر لغاري واري ڳالهه ته…
ڏک تنهنجو
ڏيک ۾ ڏاڍو وڻيو
بک تنهنجي
ڪيترن کي ڍئو ڪرايا…
سو هاڻي وطن جو عشق بازار جو وکر بڻجي ويو آهي ۽ رودالين جي رڙين ۾ اهڙن عظيم ڪردار جا آواز گم ٿي ويا آهن. ٿيڻ ته ائين کپي ته ڪردارن جي فقدان جي هن دور ۾ اهڙن عظيم انسانن جو ساٿ ڏجي جيڪي ڪنهن گهاٽي بڙ جي ڇانوَ مثل آهن پر هتي انهي جي ابتڙ ٿئي ٿو. بدين ۾ ٿيليسيميا سينٽر جو انچارج ڊاڪٽر هارون ميمڻ آهي، هو جنهن سان به جتي به ملندو آهي ته انهي کي صرف اها التجا ڪندو آهي ته رت هٿ ڪري ڏيو، گلن جهڙا ٻارڙا ٿيليسيميا سان زندگي جي جنگ پيا وڙهن، انهي جنگ ۾ منهنجو ساٿ ڏيو. جنون جي حد تائين ٿيليسيميا سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ڊاڪٽر هارون ميمڻ ته انهي شهر جو حقيقي هيرو آهي پر سندس قدرشناسي ڪرڻ جي جرائت ڪنهن وٽ به نه آهي. اهڙو ئي ٻيو اورچ ڪردار مٺي جو ماما وشن به آهي جيڪو ننڍي قد جو ماڻهو ايترا وڏا ڪم ٿو ڪري جو کيس ٿر جو ايڌي چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو.
سنڌ اندر رڳو هي ٻه ٽي ڪردار نه پر اهڙا انيڪ هيروز موجود آهن جن کي اجاگر ڪرڻ جي ان ڪري به ضرورت آهي جيئن سماج ۾ تيزي سان اڀرندڙ ٻه نمبري کي لغام ڏئي سگهجي.
اڌ ڀريل گلاس واري نظر سان جڏهن شين کي ڏسبو تڏهن نيڪي ۽ ڀلائي واري سوچ پکڙجندي. سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ جيڪي به فرد پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن انهن کي نه رڳو ساراهجي پر سندس ٻانهن ٻيلي به ٿي بيهجي. يقين ڪريو ته نيڪي جي واٽ تي هلندي ڪير ٻه وکون به کڻي ٿو ته انهي جو لاڀ نسل در نسل هلي ٿو.
آئون ننگرپارڪر جي امين چوهاڻ نالي انهي نوجوان جي انهي ڪوشش کي ڪهڙو نالو ڏيان، جنهن لاڪ ڊائون جي سخت حالتن ۾ سگنل ۽ وسيلا نه هئڻ جي باوجود، ڪارونجهر جبل جي چوٽي تي سخت اس ۾ ويهي مفت ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي شاگردن کي بائيولاجي پڙهائي. ڇا ڪارونجهر جو قد انهي نوجوان جي ڪردار کان وڏو آهي؟
نه ميڊيا ۾ خبر، به فيس بوڪ تي واهه واھ نه گلن جا هار… انهن سمورن ٽڪساٽن کان بي پرواهه هي نوجوان پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائي رهيو آهي. ننگر پارڪر جي ڪنهن به سرڪاري توڙي غيرسرڪاري اداري ٻيو ته ٺهيو پر کيس واءِ فاءِ جي سهولت به نه ڏني. هن نوجوان پنهنجي عمل سان اهو ثابت ڪيو آهي ته اگر ڪو ماڻهو دل سان ڪوشش ڪري ته سوشل ميڊيا تي رڳو پرايا پٽڪا ڌوڙ ڪرڻ کان سواءِ ڪو نيڪي جو ڪم به ڪري سگهي ٿو. ڪٿي ٿا چئون ته نظام جي ڪوتاهين جي نشاندهي نه ڪجي پر جيڪڏهن جتي ڪجهه بهتر به ٿئي پيو ته انهي جي به واکاڻ ضرور ڪرڻ کپي.
سنڌ هن وقت وفاق جي عقابي اک ۾ ڪنڊو آهي انهي وقت ڇا ڪراچي ۾ايجوڪيشن سٽي جو قيام، اين آءِ سي وي ڊي جا سڄي سنڌ ۾ قائم مرڪز، گمس خيرپور ۽ انهي جو باني ڀٽي صاحب، ايس آئي يو ٽي ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي، نثار صديقي جي خوابن جو مرڪز آءِ بي اي سکر نيٽ ورڪ، ٿيليسيميا سينٽر بدين ۽ ڪراچي حيدرآباد ۾ اسٽريٽ لائبريريز، لاڙڪاڻي ۾ مختيار سمي جو ناليج سينٽر ايترو به نه ٿا لهڻن جو انهن جي ڪاميابي لاءِ دعا جا ٻه ٻول لکجن؟
واکاڻ ته پنهنجي گهر پر اسان وٽ ته ڀٽون جيان ڏنگ هڻي شڪريو ائين پيو ادا ڪيو وڃي جيئن گمس اسپتال وارن سان ڪيو ويو آهي. گمس اسپتال خيرپور جو واقعو فلاحي ادارن ۽ پاڻ ارپيندڙ ڪردارن طرف اسان جي سماج جي اجتماعي رويي جو هڪ نمونو آهي.
جيڪڏهن اسان چاهيون ته سنڌ کي ٺڳن ۽ مدارين کان نجات ڏيارجي ته پوءِ اسان کي پنهنجي حقيقي هيروز جو تعين ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *