Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_u2690hqnedi09sansjnsm5d4r7, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هڪڙي پڳ برادرين،سردارين ۽ سياست کي ورهائي ڇڏيو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هڪڙي پڳ برادرين،سردارين ۽ سياست کي ورهائي ڇڏيو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

هڪڙي پڳ برادرين،سردارين ۽ سياست کي ورهائي ڇڏيو

خانڳڙهه جي مهر سردارن ۾ پڳ جي معاملي تان هلندڙ ڇڪتاڻ جو نيٺ ڊراپ سين ٿي ويو آهي، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس طرفان سخت رڪاوٽون وجهڻ باوجود علي گوهر مهر ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پنهنجي اتحادين ۽ مهر برادري جي مختلف پاڙن جي مقدمن کي گوهر پئلس تي گهرائي سرداري جي پڳ ٻڌي ورتي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي مهر برادري جا ٻه سردار ٿي ويا آهن، جيتوڻيڪ اهو محسوس ڪيو پيو وڃي ته پڳ واري رسم جي ادائگي بعد مهر سرداري خاندان ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ ٺاپر اچي ويندي پر زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته ڄڻ هاڻي مهر سردارن وچ ۾ سرد جنگ جو طبل وڄي ويو آهي، جيڪو يقينن مهر سردارن توڙي برادري ۽ سندن اتحادين لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيندو.
خانڳڙهه جا مهر سردار جيڪي ضلعي گهوٽڪي اندر سياست جا مکيه ٿنڀ رهيا آهن ۽ ڏهاڪن کان حڪمراني پڻ ڪندا پيا اچن، پر هاڻ سندن سياسي برج لڏندي نظر اچي رهيا آهن، صدين تائين کيرکنڊ رهندڙ مهرن سردارن پاران هڪ ٻئي جي پڳ تائين پهچڻ پٺيان ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ان ڏس ۾ اسان پيرا کڻندا سين ته اهي ملڪ جي گذريل عام چونڊن تائين پهچندا، هاڻ وري محمد بخش مهر جي ڀيڻ ۽ پير آف ڀرچونڊي شريف ميان مجن واري شادي ٻرندي تي تيل ثابت ٿي آهي، گذريل عام چونڊن ۾ علي گوهر مهر جي ڊي اي ۽ سندس سئوٽ محمد بخش مهر پ پ جي پليٽ فارم تي هڪ ٻئي خلاف سامهون آيا هئا، انهن اختلافن شدت اختيار تڏهن ڪئي، جڏهن اڳوڻي وڏي وزير ۽ ايم اين اي علي محمد مهر جي لاڏاڻي بعد خالي ٿيل تڪ اين اي 205 تي علي گوهر مهر جي حمايتي ڀائٽي احمد علي مهر سامهون محمد بخش مهر اليڪشن وڙهي کيس شڪست ڏني، هاڻ وري محمد بخش مهر جي ڀيڻ جي ڀرچونڊي پير سان رشتي واري ڳالهه ممڻ مچائي ڇڏيو آهي، جنهن تي علي گوهر مهر سميت اڪثر برادري طرفان شديد غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو ويو، چوڻ وارا چون ٿا ته علي گوهر مهر جيڪو محمد بخش مهر کي ڌڪ ڪرڻ جي چڪر ۾ هو تنهن هاڻ مهر برادري جي ڪاوڙ کي ڏسندي گرم ٿيل لوهه تي هٿوڙوهڻي سرداري جي پڳ ٻڌي چونڊن ۾ شڪست وارو بدلو ورتو آهي.
سردار علي گوهر مهر پاران پڳ واري ڪٺ جي اعلان کانپوءِ ان کي ناڪام بڻائڻ لاءِ حڪومتي ادارا تحرڪ ۾ آيا، سکر ريجن جي ايڊيشنل آءِ جي، ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ گهوٽڪي سميت ٻين ضلعن جي ايس ايس پيز مختلف وقتن تي گڏجاڻيون ڪيون، آخر ايتري حد تائين جو ضلعي ۾ 15 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ماڻهن جي گڏجڻ، هٿيار، لٺ ۽ پٿر کڻڻ تي پابندي هنئي وئي، ان کان علاوه علي گوهر مهر جي ماڻهن جي گهرن تي پوليس چڙهائين سان گڏ سندن ملڪيتن کي به غيرقانوني قرار ڏئي کين ڊاهڻ جا نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن، مطلب ته مهر گروپ جي ماڻهن کي هيسائڻ ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪٺ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو، ان کان علاوه ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مقرر ٿيل علي گوهر مهر جي ويجهورهندڙ ملازمن جون لسٽون پڻ تيار ڪيون پيون وڃن، جن کي جلد عهدن تان هٽايو ويندو.
خانڳڙهه جي سردارن ۾ پڳ معاملي تي هلندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوششون به ڪيون ويون، جيڪي نتيجو نه ڏئي سگهيون، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري ۽ اڳوڻي ايم پي اي سردار رحيم بخش بوزدار سميت ٻين اڳواڻن سردارعلي گوهر مهر کي پڳ ٻڌڻ کان روڪيندي معاملا ڳالهين ذريعي نبيرڻ لاءِ چيو هو، پر هو سندن ڳالهين سان سهمت نه ٿيو.
سردار علي گوهر مهر طرفان پڳ ٻڌڻ واري معاملي تي جتي مهر برادري ورهائجي وئي آهي اتي گهوٽڪي جا سردار، پير توڙي مير به ٻن حصن ۾ تقسيم آهن، هڪڙا سردار محمد بخش مهر ته ٻيا وري سردار علي گوهر مهر کي سپورٽ ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان اڳوڻي ايم پي اي سردار رحيم بخش بوزدار پهريون ڀيرو علي گوهر مهر کي ڇڏي محمد بخش مهر جي حمايت ڪئي، جڏهن ته سندس ڀائر ميرچاڪر خان بوزدار ۽ مير هزار خان بوزدار علي گوهر مهر جي پڳ تقريب ۾ پهتا، صوبائي وزير عبدالباري پتافي محمد بخش مهر ۽ سندس ڀائرن عبدالباقي ۽ هالار خان پتافي علي گوهر مهر جي حمايت ڪئي، ڀرچونڊي پير ميان عبدالخالق محمد بخش مهر ته ساڳي درگاهه سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو وري علي گوهر مهر جي حمايت ڪئي، اهڙي ريت پي ٽي آءِ جي ايم پي اي سردار شهريار شر علي گوهر مهر جي پڳ کي ور ڏنا ته سندن ڀائٽيو اڪبر خان شر وري محمد بخش مهر جي پاسي بيٺل رهيو، ان کان علاوه سردار نادر اڪمل لغاري علي گوهر مهر ۽ سندس ڀائٽيو صلاح الدين لغاري محمد بخش مهر سان گڏ آهي
جي ڊي اي اڳواڻ سردار علي گوهر مهر پاران ٻڌل پڳ ڪيتري جٽادار ثابت ٿيندي ۽ هو برادري ۽ پنهنجن ماڻهن جا اهنج دور ڪري سگهندو!؟ اهو ته ايندڙ وقت ثابت ڪندو پر مهر برادري جي سرداري ٻن حصن ۾ ورهائجڻ کانپوءِ خانڳڙهه جي ماضي واري رونق يقينن تبديل ٿي ويندي، ۽ مهر برادري جيڪا ماضي ۾ مضبوط ۽ منظم سمجهي ويندي هئي، هاڻ انهن ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽجي چڪو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *