تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

هڪ خاموش خدمتگار جي وسري ويل ورسي

سنڌوءَ جي ڪپ تي ويهي موهن جي دڙي جهڙو ناول لکندڙ علي بابا جي شهر ڪوٽڙي جي کاتي ۾ هونئن ته سنڌ جي تاريخ سان سلهاڙيل ڪيئي ڪهاڻيون رقم ٿيل آهن،
پر موهن ڪلپنا، عبداللطيف ساقي، هارون رند کان وٺي استاد غلام حسين ۽ قادر بخش مٺوءَ تائين ڪيترا ئي قداور نالا به ڪوٽڙيءَ جي سڃاڻپ بڻيل آهن. ڪوٽڙيءَ ۾ جنم وٺڻ کان پوءِ سموري سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل اهڙن وڏن نالن ۾ مرحوم عبدالڪريم بلوچ جو نالو هن وقت قبرستان بڻيل ڪوٽڙي ۾ هڪ مزار جي اوچي مينار جيان لڳي رهو آهي. عبدالڪريم بلوچ سنڌي ٻوليءَ ۽ آرٽ جي انهن خاموش خذمتگارن منجهان هو جيڪي پنهنجي پورهيي جو اجورو ناهن گهرندا. نه ئي انهن کي ان ڳالھه جي ڪا تمنا هوندي آهي ته مُئي پڄاڻا سندن جنازي ۾ ماڻهن جو انگ وڏو هجي.
بلوچستان جي پهاڙن مان لڏي آيل عدالڪريم بلوچ جي وڏن ڪوٽڙيءَ ۾ به يوسف بلوچ نالي پنهنجو هڪ الڳ ڳوٺ اچي اڏيو هو. هڪ اهڙو ڳوٺ جن جي ويڙهي پاتشاھ پاڻهي هلي ايندا آهن. عبدالڪريم بلوچ 1938ع ۾ ڄائو ته ڪراچي جي ڪنهن ننڍڙي گهر ۾ هو پر سندس ٻاروتڻ ڪوٽڙي جي ڳلين ۾ ورهاڱي کان اڳ واڻين جي ٻارن سان رانديون ڪندي گذريو.
عبدالڪريم بلوچ ڪوٽڙي جي ملڪ شير دل هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ سڌو وڃي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجا خيما کوڙيا جتي سندس پڙهائيءَ جو موضوع به سنڌي ادب هو، جنهن ۾ هن ماسٽرس ڪئي. آرٽ سان ازلي لڳاءُ سبب هو 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اهو دور ريڊيو جو دور سڏيو ويندو هو، ان دور ۾ ريڊيو تي صداڪارن جون صدائون ٻڌڻ وارا جهر جهنگ ۾ موجود هوندا هئا.
ريڊيي جي ان عروج واري زماني ۾ مشهور پروگرام “فتح خان جي ڪچهري” ۾ سيد صالح محمد شاهه مرحوم فتح خان جو مشهور ۽ معروف ڪردار ادا ڪندو هو جيڪو سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ ڏاڍو مشهور هو، عوامي انداز سان اوطاقن تي ويٺل ڪچهرين جي ڪوڏين مڙسن جون ڪچهريون ٻڌڻ لاءِ هر روز ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار لاهي اچي ريڊيي جو پاسو وٺندا هئا. فتح خان جي وات مان نڪرندڙ هر گفتو سموري سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهن جي دل مان نڪتل ڄڻ ته سندن ئي پنهنجو آواز هوندو هو. ان ئي پروگرام ۾ عبدالڪريم بلوچ ڳنور خان جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ فتح خان جي ڪچهري ۾ ٻين کي وارو وٺائيندو هو.
اڳتي هلي “اوطاق” نالي پي ٽي وي تي پڻ سيد صالح محمد شاھ جي ميزباني ۾ ساڳيو پروگرام نشر ٿيڻ لڳو جنهن ۾ صالح محمد شاهه جي غير حاضري ۾ ڪڏهن ڪڏهن اوطاق جي ميزباني به عبدالڪريم بلوچ ڪري وٺندو هو. پر ريڊيي تي هلندڙ فتح خان جي ڪچهري واري دور ۾ عبدالڪريم بلوچ ريڊيو تي ئي هلندڙ ٻارن جي هڪ ٻئي مشهور پروگرام “ٻارن جي ٻاري” ۾ ماما ملوڪ جو ڪردار به ادا ڪندو هو، جنهن ۾ هو ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائڻ سان گڏ جانورن جا آواز به ڪڍندو هو. جانورن جا آواز ڪڍڻ وارو اهو سلسلو اڳتي هلي ڪوٽڙي جي هڪ ٻئي فنڪار قادر بخش مٺو تائين پهتو، جنهن کي پڻ ڪريم بلوچ پهريون ڀيرو ڪراچي ڏيکاري هئي. پوءِ کيس ريڊيو تي پروڊيوسر طور نوڪري ملي، جنهن دوران عبدالڪريم بلوچ نالي سان گڏ ڪافي شهرت پڻ ڪمائي. 1966ع ۾ ڪريم بلوچ پي ٽي ويءَ کي پروڊيوسر طور جوائن ڪيو. اهو دور ٽي وي تي سنڌي پروگرامن ۽ فنڪارن لاء ڏکيو دور هو ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي پاران سموري وقت مان ان وقت فقط 25 منٽ سنڌي ٻوليءَ کي ملي سگهندا هئا پر پوءِ به بلوچ صاحب ايندي ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خاص طور تي ريڊيو تي ڪم ڪندڙ فنڪارن کي ڳولي ڳولي پي ٽي وي تي کڻي آيو.
ڪريم بلوچ جي متعارف ڪرايل سوين فنڪارن ۽ اداڪارن ۾ سيد سليمان شاهه، علڻ فقير، نور محمد لاشاري، شفيع محمد شاهه، انور سولنگي، گلاب چانديو ۽ ٻيا ڪيترائي اڻ ڳڻيا فنڪار شامل آهن، جن ڪريم بلوچ جي آڱر پڪڙي پي ٽي تي پير رکيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شهرت جي بلندين تي وڃي پڳا.
اڳتي هلي بلوچ صاحب جي ڀاڻيجي مشهور پروڊيوسر ۽ هدايتڪار هارون رند پڻ پي ٽي ويءَ کي تاريخي سنڌي ڊراما ڏنا جيڪو پڻ نه فقط سندس ئي متعارف ڪرايل هو پر هارون رند جي دل ۾ ڪوٽڙي ۽ سنڌ سان محبت جي جيڪا جوت جلي رهي هئي ان جو ڪارڻ پڻ بلوچ صاحب پاران ڪيل سندس تربيت ئي هئي. مرحوم ساقي جهڙو اداڪار پڻ بلوچ صاحب جو ڀاءُ هو جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته آرٽ يوسف ڳوٺ جي مڙني ماڻهن جي سرير ۾ ستي وانگر پيل هئي. اهو ئي نه پر عالمي مڃتا ماڻيندڙ ڊرامي “دنگي منجھ درياھ” جي خالق علي بابا کي پڻ بلوچ صاحب پي ٽي وي تي لکڻ لاءِ آماده ڪيو جنهن اڳتي هلي پي ٽي وي کي شاهڪار ڊراما ڏنا. علي بابا به بلوچ صاحب جي وڃڻ کان پوء پي ٽي وي تي وري نظر نه آيو.
عبدالڪريم بلوچ پي ٽي وي تي ترقي ڪري 1973ع ۾ پروگرام مئنيجر ٿيو ۽ بعد ۾ پي ٽي وي ڪراچي جو جنرل مئنيجر ٿيڻ کان پوءِ 1999ع ۾ پي ٽي وي اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر پروگرامس جي عهدي تان ريٽائر ٿيو. ڪريم بلوچ جي رٽائر ٿيڻ سان پي ٽي وي جي درن کي پڻ سنڌي اداڪارن ۽ فنڪارن لاءِ ڄڻ ته تالا لڳي ويا. ڪريم بلوچ نه فقط سنڌي اداڪارن ۽ فنڪارن کي ٽي وي تي زوري ڳولهي ڳولهي اچي متعارف ڪرايو پر هن پنهنجي آفيسري واري دور ۾ ڪوٽڙي توڙي سڄي سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن کي نوڪريون پڻ ڏنيون. ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچي ۾ گهر گهاٽ هوندي به کيس ڪوٽڙي کان ٻاهر مزو نٿي آيو ان ڪري هن وري اچي يوسف ڳوٺ جا ويڙها وسايا.
ٻهراڙيء جي سادن ماڻهن جي منٿن تي هو 2001ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ يو سي جو ناظم پڻ چونڊجي ويو. کيس ناظمي تڪ جي ذري گهٽ سڀني ماڻهن اکيون پوري ووٽ ڏنا ڇو ته پي ٽي وي تي وڏو آفيسر هوندي به هن ڪڏهن به ڳوٺ جي ماڻهن کان منهن نه موڙيو ۽ سندن هر ڏک سک ۾ گڏ رهيو هو.
چوندا آهن ته “ڏنو ڪڏهن به ڪنو ناهي ٿيندو” ان ڪري هن پاران ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري طبيعت سبب ماڻهن به بدلي ۾ کيس محبتن جا جهول ڀري ڏنا. پر هن شريف انسان پنهنجي هٿان ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيڻ واري بيوسي ڏسي فقط ڪجھه مهينن اندر ئي استعيفا ڏئي ڇڏي، ساڻس گڏ نائب ناظم ٿيل رفيق جوڻيجي مون کي ٻڌايو ته هن ناظمي واري هڪ به پگهار نه کنئي ۽ جڏهن هن استعيفا ڏني ته يونين ڪائونسل جي ملازمن مٺايون ورهايو هيون، ان ڪري ته بلوچ صاحب جي هوندي هنن لاء هڪ رپيو کائڻ به ممڪن نه هو.
عبدالڪريم بلوچ انهن يگانن انسانن منجهان هڪ هو جيڪي دولت بدران دوستيون ڪمائيندا آهن. ڪوٽڙي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل عبدالڪريم بلوچ 2008 ۾ اڄوڪي ڏينهن تي هن دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪري وڃڻ کان پوءِ به ڪنهن به اهل دل ماڻهو کان وسري ناهي سگهو. بلوچ صاحب کي مرحوم نه چئو، هو ته زنده رهندو، مرحوم ته اسين آهيون جيڪي جيئرا هوندي به ڪنهن کي ياد ناهيون. سندس وفات تي ڪوٽڙيء جي مرحوم شاعر هاشم شوري جا چيل اهي اکر ياد اچي رهيا آهن جيڪي هن بلوچ صاحب جي وڇوڙي تي سندس تڏي تي مون کي چيا هئا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *