Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kmpk1eohcn7kj0lfukat22q0l2, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هڪ روح بدروح جو روڳ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هڪ روح بدروح جو روڳ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

هڪ روح بدروح جو روڳ

“جنهن ڏينهن آئون ڄائو هئس ان ڏينهن، هڪ وڏي بادشاهه جو موت ٿيو هو.” الله جنت نصيب ڪري، ڏاڏي مرحومه جي واتان جنهن ڏينهن اها ڳالهه منهنجي ڪنن تائين پهتي هئي تنهن ڏينهن کان مون کي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو هو ڄڻ انهي بادشاهه جو روح منهنجي وجود ۾ موجود آهي. بس پوءِ توڙي جو حال فقيرن جهڙا ٿي ويا آهن پر خيال اڃان به بادشاهن وارا آهن. ڇا ڪريان دل مڃي ئي نٿي. لڳاتار ناڪامين جي باوجود به هيل تائين آئون مايوس نه ٿيو آهيان. مون به عمران خان وانگر اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته گهٻرائڻو هرگز ناهي. مون کي پنهنجي نڪ جي نرڄائي تي به پورو پورو يقين آهي ته آئون هڪ ڏينهن بادشاهه ضرور ٿيندس. سڄي دنيا جو نه سهي، هڪ ملڪ جو ئي سهي، پنهنجي ملڪ جو نه سهي، پنهنجي پاڙي جو ئي کڻي سهي!
منهنجي ناڪامين جو داستان تمام ڊگهو آهي. آئون ملڪ جي وزيراعظم کان ويندي ڳوٺ جي وڏيري ٿيڻ تائين ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهيان. اهي سڀ ڪارگذاريون ته مان پنهنجي ايندڙ ڪتاب “روح بدروح جو روڳ” ۾ تفصيل سان بيان ڪندس پر هتي آئون مٿاڇري نموني اوهان سان چند ناڪامين جو احوال اوريان ٿو. ڪيئن به ڪري ڌيان سان پڙهندا.شروع شروع ۾ مون سڪندر اعظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مون کي ياد آهي. اسڪول ۾ هڪ ڀيري سائين مون کان پڇيو هو ته، “ابا تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟” ته مون سائين کي به چيو هو ته، “سائين آئون روءِ زمين جو بادشاهه ٿيندس سڪندر اعظم.” ان تي سائين مون کي چيو هو، “ابا، هي ڏنڊي بانٺي يا بڻڇي ڀالي جو دور ناهي. علم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي. جيڪڏهن دنيا تي بادشاهي ڪرڻ ٿو چاهين ته محنت ڪر. پڙهه.” آئون صفا ڏڏ هوندو هئس. اسڪول جيل لڳندو هو. پڙهڻ کان اصل ٻرو هوندو هو مونکي. اهو ڏينهن ٿيو، مون دنيا جي بادشاهي تان هٿ کنيو.هڪڙي ڀيري مون پنهنجي ملڪ جو بادشاهه ٿيڻ جو به سوچيو هو. ان ڳالهه جا چٽا پٽا آثار موجود هئا ته آئون هن ملڪ جو بادشاهه آساني سان ٿي ويندس. ڇاڪاڻ جو هتي بادشاهه ٿيڻ جي لاءِ نه ئي ڪنهن ڊگري جي ڪا گهرج هئي ۽ نه ئي وري عمر جي ڪا حد درڪار. هڪڙو پير قبر ۾ ۽ ٻيو زمين تي هوندي به ماڻهو هتي بادشاهه ٿي سگهي ٿو. هن ملڪ جي بادشاهي منهنجي لاءِ انڪري به يقيني هئي جو هتي بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ عوام جي لاءِ ڪرڻو ڪجهه به ڪونه هو. ٺلهيون رڳو ڳالهيون ئي ڪرڻيون هيون سو ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌڻ ته ڪو مون کان سکي نه! بس آئون آسا پاسا جانچي جونچي ووٽن ۾ بيهڻ جو اعلان ڪرڻ ئي وارو هئس جو منهنجي پاڙيسري خمون خيرخواهه منهنجي دل ٽوڙي ڇڏي. هن چيو، “خدا جا ٻانها، جنهن جي ڦٽي سو هن ملڪ جو بادشاهه ٿئي! هن ملڪ جي بادشاهي ته ڪنهن ڪم جي ڪانهي ڪا! هتي ايوانن ۾ ڄنڊاپٽ لڳي پئي آهي سو بادشاهه ويچارو رات ڏينهن پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۾ پورو ٻيو! ملڪ جي حالت اهڙي آهي جو جيڪو ٿو بادشاهه ٿئي تنهن کي ٿو ڪشتو کڻڻو پوي!” بس پوءِ خمون خيرخواهه جون اهي ڳالهيون ٻڌي منهنجي دل ئي ٽٽي پئي.
ڪافي عرصو آئون ڪوما ۾ هليو ويس پر وري به جاڳيس ته بيچين روح مون کي بخشيو ئي ڪونه. رکي رکي وري اهو ئي خيال ڪر کڻي ته منهنجي وجود ۾ پڪ سان ان بادشاهه جو ئي روح آهي جيڪو منهنجي ڄمڻ تي مري ويو هو. هاڻي اهو روح ته ڄڻ بدروح بڻجي منهنجي پٺيان لڳي پيو آهي. پوءِ هڪ ڀيري انهي روح کي تسڪين ڏيڻ جي لاءِ مون سوچيو ته کڻي ڪنهن ٽانگا پارٽي يا گهوڙا تنظيم جو ئي کڻي اڳواڻ ٿيان. مون گهڻو ئي اهڙي ڪنهن پارٽي يا تنظيم ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن مون کي در تان ئي اهو چئي ڌڪا ڏئي ڊوڙائي ڇڏيو ته، “تون اسان جي پارٽي کي ٽانگا پارٽي ٿو چوين! تنهنجي ايتري مجال جو تون اسان جي مقدس تنظيم کي گهوڙا تنظيم ٿو چوين!” گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ به مون کي سمجهه ۾ نه اچي سگهيو ته جيڪڏهن ڳئون مقدس ٿي سگهي ٿي ته پوءِ آخر گهوڙو ڇو نه؟
هڪڙي ڪنهن جنم ۾، جڏهن آئون استاد هئس تڏهن مون کي خيال آيو ته ڇو نه استادن جي چونڊن ۾ حصو وٺان. مون سمجهيو پئي ته استادن جو پيشو به مقدس ٿيندو آهي ۽ تنظيم پڻ، سو آئون جيڪڏهن استادن جو اڳواڻ ٿي ويس ته پڪ سان هن بيچين روح کي قرار اچي ويندو ۽ منهنجو روڳ ختم ٿي ويندو. پر وري اهو سوچي ٽنگ ڪونه اڙايم ته اتي هر ڀيري سبق سورهون ئي ورجائجي ٿو. “صابو هار ڏنا، ڏني هار پاتا.”
مون اوهان کي اڳ به ٻڌايو هو ته منهنجي ناڪامين جو داستان جام ڊگهو آهي، هتي ته کٽڻو ئي ناهي سو انهي جو تفصيل ته آئون پنهنجي ايندڙ ڪتاب “روح بدروح جو روڳ” ۾ پيش ڪندس سو هتي آئون ويندي ويندي آخر ۾ هڪڙي ٻي ناڪامي جو به اوهان سان ذڪر ڪري ٿو ڇڏيان جيڪا مون کي تازو ئي نصيب ٿي آهي. اصل ۾ ڳالهه هي آهي ته ڪنهن کي خبر آهي يا ڪونه پر آئون هن دور جو وڏو اديب آهيان. مون کي ڪيترائي سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ايوارڊ، شيلڊون ۽ تمغا مليل آهن. مون سان ڪيتريون ئي شامون به ملهايون ويون آهن. نوان سيکڙاٽ اديبڙا ته پنهنجي ڪتابڙن تي مهاڳ وغيره لکرائڻ جي لاءِ صبح شام پيا منهنجي در تي لامارا ڏيندا آهن. سو انڪري جڏهن به اديبن جون چونڊون ٿينديون آهن تڏهن به منهنجو بيچين روح حرڪت ۾ اچي ويندو آهي. آئون هر ڀيري ان کي رامن واري اسٽور تان صبر جي گوري وٺي کارائيندو رهندو آهيان پر هن اليڪشن دوران انهن اوڌر تي ورتل گورين ڪو به ٻوٽو ڪونه ٻاريو. اصل ۾ گورين جو ڏوهه ڪونه هو. هن ڀيري منهنجي بيچين روح منهنجي ستل ضمير کي به ڌونڌاڙي ڌونڌاڙي جاڳائي ڇڏيو. جاڳيل ضمير مون کي لوهه ڪري ڇڏيو، چيائين، “هن وقت سنڌي ادب وڏي ڏچي ۾ آهي. ادبي ادارن کان ويندي ادبي تنظيمن تائين ڪم لٿا پيا آهن. پنهنجي ٻولي پرائي ٿيندي پئي وڃي. سيکڙاٽ اديبڙا ۽ واپاري پبلشر ٻنهي هٿن سان ادب ۽ ٻولي جي ڀينگ پيا ٿا ڪن. هي ئي جاڳڻ جو وقت آهي ۽ اڳتي وڌي اڳواڻي ڪرڻ جو آهي. اٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪر! تو کان سواءِ هاڻي سنڌ ۾ ٻيو ڪو رهيو ئي ڪونهي اهڙو!”
ضمير جون اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي به جوش جاڳيو ۽ هوش ويو. مون اچي رڙيون ڪيون. “هن ڀيري مون کي ووٽ ڏجو. آئون درٻاري اديب مار اسپري ڪرائيندس. آئون ادبي ادارن جي ننڊ ڦٽائيندس. آئون ادبي تنظيم ۾ نئون روح ڦوڪيندس. آئون فيسبوڪي اديبن ۽ دانشورن جي تڏا ويڙهه ڪندس. آئون وڏو گند ڪندس.”
اهي ۽ اهڙيون ٻيون جام ڳالهيون ڪيم. هڪڙو “ٽاڪا ٽوڙ اديب پينل” به ٺاهي ورتم. پر اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته مون کي درٻاري اديبن کان ويندي هتي ڪنهن به سياسي سماجي ماڻهو ته نه پر ست سمونڊ پار مارڪزڪربرگ فون ڪئي. هن ٻانهون ٻڌيون، منٿون ڪيون. هن چيو ته، “ٻيلي خدا نا خواسته تون جيڪڏهن کٽي وئين ته فيسبوڪ کي وڏو ڌڪ رسندو. هتي اڌ کان گهڻا ته ويٺا ئي اوهان جا اديبڙا ۽ دانشورڙا آهن.”
ڇا ڪريان ها! مون کڻي ماٺ ڪئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *