Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_939pp09p9o4nkte0nq2a65q1q1, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هڪ شادي جيڪا ضلعي جي سياسي صورتحال بدلائي ڇڏيندي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هڪ شادي جيڪا ضلعي جي سياسي صورتحال بدلائي ڇڏيندي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

هڪ شادي جيڪا ضلعي جي سياسي صورتحال بدلائي ڇڏيندي

گهوٽڪي جي سرداري گهراڻي جي نياڻي جي شادي ٻنهي خاندانن جي راضپي سان ٿي آهي، پر شادي معاملي تي جهڙي طريقي سان ٻنهي ڌرين جي حامين توڙي مريدن جو موقف سامهون آيو آهي، انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شادي وارو معاملو هاڻي ٻنهي خاندان لاءِ انا جو مسئلو بڻجي ويو آهي، گوهر پيلس ۾ مهر برادري جي ڪٺ کانپوءِ ٻه ڏينهن اڳ ڀرچونڊي شريف ۾ پير ميان عبدالخالق جي سربراهي ۾ جوابي ڪٺ ٿيو، ڪٺ ۾ مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ خليفن ۽ مريدن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ان دوران مريدن پاران جيڪي تقريرون ڪيون ويون اهي ڪنهن به ريت مناسب نه هيون، ڪٺ ۾ ڀرچونڊي درگاهه جو تحفظ ڪرڻ ۽ ڪنهن امڪاني رد عمل جي صورت ۾  علي گوهر مهر جي گوهر پيلس توڙي تار گهر محفوظ نه هجڻ واريون اشتعال انگيز ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ڪٺ جي سرگرمي کي سوشل ميڊيا تي لائيو هلايو ويو، اهڙين سخت تقريرن کانپوءِ ڀرچونڊي پير عبدالخالق علي گوهر مهر سان معذرت ڪندي چيو ته ڪجهه مريدن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو هو جيڪو غير مناسب هو،علي گوهر خان مهر خلاف ڳالهايل لفظ اسان پاڻ لاءِ سمجهون ٿا، اهڙين تقريرن بعد سردار علي گوهر مهر پنهنجي ماڻهن کي ٿيل تقريرن جو جواب ڏيڻ کان روڪي روتو پر ان باوجود مهر حامي ماڻهن جو جواب ڏيڻ به فطري هو ۽ بعد ۾ انهن سوشل ميڊيا جي ٽول کي استعمال ڪندي گوهر پيلس ۽ تار گهر تي حملي ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي سخت در عمل کان آگاهه ڪيو، ان دوران ڪجهه ماڻهن اهي به سوال اٿاريا ته ميان عبدالخالق ڪٺ ۾ اهڙيون تقريرن ڪندڙن کي بروقت روڪي پئي سگهيو پر هن ايئن نه ڪيو جڏهن ته ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين ميان عبدالخالق ڪالهه واضح لفظن ۾ چيو ته منهنجي پٽ ميان مجن کي سردار محمد بخش مهر رضا خوشي سان رشتو ڏنو آهي،اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهو، اسان ان معاملي کي اشو بڻائڻ نه ٿا چاهيون، اسان جو به پير سائين پاڳارو وڏو آهي، ڪٺ ۾شريڪ مريدن پاران ان قسم جي تقريرن بابت اهو چوڻ هو ته شادي واري معاملي تان علي گوهر خان مهر درگاهه ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين ڏانهن سخت پيغام موڪليو هو، جنهن جي رد عمل ۾ عقيدتمندن اهڙيون ڳالهيون ڪيون، جيتوڻيڪ ميان عبدالخالق پاران علي گوهر خان مهر جي اماڻيل سخت پيغام جو ذڪر نه ڪيو ويو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ مهر حامين جو چوڻ آهي ته سردار علي گوهر خان مهر اهڙو ڪوبه پيغام ڀرچونڊي پير ڏانهن ناهي موڪليو، اهڙي صورتحال کانپوءِ اشتعال انگيزي جو خدشو آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته متان ان معاملي تي ڪو شر انگيز ضلعي ۾ امن جي صورتحال کي خراب ڪري خونريزي طرف وٺي نه وڃي ان ڪري ضلعي انتظاميا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ گڏو گڏ سردار علي گوهر خان ۽ ميان عبدالخالق کي به پنهنجي برادري توڙي عقيدتمندن کي انهي معاملي تي ڳالهائڻ ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکڻ کان روڪڻ تي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي ته جيئن شادي وارو معاملي تي ڪا باھه نه ڀڙڪي سگهي، سرداري گهراڻي جي نياڻي جي شادي ميان عبدالمالڪ سان ٿيڻ کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي ۾ بحث جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي، ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اسلام ۾ نڪاح جائز آهي ۽ نڪاح ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، محمد بخش مهر نوجوان ۽ روشن خيال سردار آهي جنهن تمام بهترين فيصلو ڪيو آهي،  جڏهن ته ڪجهه ماڻهو انهي جي مخالفت ڪري رهيا آهن  ته سردار محمد بخش مهرکي پنهنجي ڀيڻ جي شادي ڪنهن ٻي ذات واري  ماڻهو سان نه ڪرائڻ گهرجي ها. بحرالحال  ميان مجن جي شادي وارو مامرو هاڻ گهوٽڪي ضلعي سميت ڀرواري ضلعي جي ماڻهن  جي زبان تي عام ٿيل آهي، گهوٽڪي جي سياست تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته مهرن ۽ ڀرچونڊي درگاھه جي گادي نشين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جا اثر گهوٽڪي ضلعي جي سياست تي به پوندا ۽ مڪاني چونڊن دوران  وڏي دنگل ٿيڻ جا امڪان آهن ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ سڀئي مهر سردار هڪ هيا ۽ پي پي سان سلهاڙيل هجڻ ڪري ضلعي جي ماڻهن تي حڪمراني ڪندا هيا پر هاڻي واري صورتحال مختلف آهي هڪ ته مهر سردار پاڻ ۾ متحد ناهن ٻيو ته علي گوهر خان مهر جي ڊي اي جو حصو آهي ۽ سندس ڀاءُ پي پي ايم اين اي علي نواز عرف راجا خان مهر کي پي پي ۾ هوندي به پارٽي پاران نو لفٽ وارو سلسلو جاري آهي جنهن جي ڪري اهي امڪان نظر اچي رهيا آهن ته ميان مجن جي شادي ايندڙ مڪاني چونڊ کان اڳ گهوٽڪي جي سياست ۾ تبديلي آڻيندي ۽ پراڻا اتحادي نوان گس وٺندا. گهوٽڪي جي سياست جا ٻه عجيب رنگ هوندا آهن ۽ ماضي ۾ ڏٺو ويو آهي ته هتان جا بااثر سياستدان هڪ ئي پارٽي ۾ هوندي هڪ ٻئي خلاف ڪم ڪندا رهيا آهن هاڻ جڏهن مهر سردارن ۾ اختلاف وڌي وڻ ٿي ويا آهن  ته ان تي مهر مخالف دل ۾ خوش ٿي رهيا آهن  ته  مهر سردارن ۾ اختلاف  جو مقامي سياست تي وڏو اثر ٿيندو، هتي اها ڳالھه به واضح ڪندا هلون ته ميان مجن جي شادي کانپوءِ ڀرچونڊي درگاھه وارن جو سياسي مستقبل ڪهڙو بيهندو اهي فنڪشنل ليگ ۽ علي گوهر خان مهر جا اتحادي رهندا يا نه… ان سڄي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي ته ميان مجن وارا محمد بخش مهر کي ڇڏي علي گوهر مهر سان گڏ بيهندا، گهوٽڪي ضلعي جي ڏھرڪي سميت ٻين هنڌن ۾ ڀرڇونڊي درگاھه جي مريدن جو انگ موجود آهي ۽ يقين مڪاني چوندن تي ان جا اثر به پوندا گهوٽڪي ضلعي جو  سياسي ميدان اڳ کان وڌيڪ گرم هوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *