تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

هڪ لڪير سان……!!

جنرل فلپ لکي ويو آهي ته “سنڌين جي هٿ ۾ تيلي هوندي ته چوندا ڏسو بنڊ کنيو پيا اچون!” ڳالهين کي ڇڪي رٻڙ جيان وڏو ڪري پيش ڪرڻ ڪو اسان کان سکي. اسان مجموعي طور بحيثيت قوم جي خوشفهمين جي اهڙي جهان جا رهواسي آهيون جو رڃ جي آسري تي درياھ جي ڀر مان اڃارا گذري وڏي فخر سان چونداسين ته ڏسو اسان وهندڙ درياه مان سرڪ به نه ڀريسين. ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته ملڪ جي اندر طبقاتي جدوجهد هجي يا قومي تحريڪن جو اڀار هجي سنڌ پختونن، بلوچن، سرائڪين ۽ ملڪ جي ٻين ڪمزور پرتن جي سگهه رهي. ملڪ ۾ جمهوري جدوجهدون هجن يا قبائلي ۽ جاگيرداري سماجن جي خلاف سياسي مزاحمتون هجن سنڌ انهن سمورين مزاحمتن جي اڳواڻي واري ڪردار ۾ پاڻ کي ملندي. ان اڳواڻي واري ڪردار جي ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن تمام گهڻو ڀوڳيو به آهي ته گهڻو ڪجهه وڃايو به آهي پر سنڌ جي حصي ۾ حاصلات جو دُڪو مڙئي گهٽ داخل ٿيندي ملي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ اسان جي قومي جدوجھد جي بنيادي نقطن ۾ سنڌو درياهه تي ڊيمن ۽ ڪينالن ٺاهڻ جي مخالفت، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻايو، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري بند ڪريو، شهرن تان ڌارين جا قبضا ختم ڪريو، سنڌ جي معدني ۽ مالي وسيلن تي سنڌين جو حق تسليم ڪريو، سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻيون ٺاهڻ بند ڪريو، سنڌي نوجوانن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ نوڪريون ڏيو جهڙا مطالبا رهيا آهن. انهن مطالبن جي لاءِ ڊگهيون جدوجهدون ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون ويون آهن ڪيترن ماڻهن پنهنجي جوانين جا ڪيترائي سج ڪال ڪوٺڙين جي اونداهه ۾ لهندي ڏٺا، ڪيترن ئي ماڻهن روپوشين جا ذهني عذاب سٺا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي جسمن تي ڪوڙا سٺا پر جڏهن پاڻ قومي جدوجھد جي اڄ جي نقطن تي غور ڪريون ٿا ته ڪيترائي ڏهاڪا گذري وڃڻ باوجود اڄ به ذري گهٽ قومي جدوجھد جا بنيادي نقطا ساڳيا ئي آهن، معنيٰ وڏي پنڌ ۽ ڊگهين جدوجهدن باوجود به اسان جو سفر کٽو ناهي.
اسان جا مطالبا تسليم نه ٿيا، نه ئي اسان جي جهول ۾ ڪي ڳڻڻ جهڙيون ڪاميابيون آهن، جن بابت اسان ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چئون ته ڏسو اسان جي پٺن تي لڳل ڪوڙن جي نشانن جي بدلي اسان سنڌ جي مٿان غلاميءَ جا ڪارا ڪڪر لاهڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون ڏسو، ڏسو، ٽارچر سيل جي بند کولين ۾ اکين تي مهينن تائين ٻڌل ڪارين پٽين کان پوءِ جڏهن اسان جي اکين تان پٽيون لاٿيون ويون ۽ اسان اکيون کوليون ته اسان کي سنڌ جي هر گھٽيءَ ۾ قومي ٻڌي ۽ سياسي شعور جي روشني ڏسڻ ۾ آئي، ڏسو هو لکين ماڻھن جا قافلا ڪيئن نه ڳوٺن کان نڪري شهرن جي مالڪي لاءِ پنڌ پيا آهن.
ڏسو سنڌو درياهه تي سنڌين جي مالڪي قبول ڪئي ويئي آهي، ڪوبه ڀاشا ڊيم نه پيو ٺهي، ڏسو اسان جي کنڀي گم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي سگهاري عوامي تحريڪ جنم ورتو آهي. ان تحريڪ جي ڪري سنڌ مان فوجي ڇانوڻيون ڊهڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ هو ڏسو اسان جا شهر اسان کي واپس مليا آهن. اسان جي نيري آسمان تان وسندڙ ڪڪرن تي رڳو اسان جو حق تسليم ڪيو ويو آهي، اسانجي سمنڊ جي ڪنارن، ٻيٽن تي اسان کي ئي جديد شهر اڏي آباد ڪيو پيو وڃي، جيئن اسان جديد دور جي جديد شهرن جون سموريون سهولتون حاصل ڪري نئين زندگي جي سگهون. ڏسو هو ڪارونجهر مان نڪرندڙ قيمتي پٿر اسان جو آهي، هو جهانگارا مان نڪرندڙ گئس اسان جي گهرن ۾ ٻرندي. هو ڏسو چونڊڪو جي زمين مان نڪرندڙ گئس سان اسان جي ڌرتيءَ جي ڪارخانن کي ٻارڻ ملي رهيو آهي، جهمپير جي پٿريلي گَسن تي ونڊ ۽ اسلام ڪوٽ جي ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي سبب اسان وٽ لوڊ شيڊنگ ختم ٿي ويئي آهي. بدين جي تيل جي کوهن مان نڪرندڙ تيل ۽ واهي پانڌي جي گئس فيلڊ مان نڪرندڙ گئس سان ڪاڇو، ڪوهستان ۽ لاڙ روشنين جي جهرمٽ سان روشن ٿي ويو آهي. پر سچ اهو آهي ته اهي سڀ خوبصورت خواب آهن يا ڳالهين جا ٻڌل ڳوٺ آهن. اسان جي مجموعي قومي جدوجهد مايوسي، نراسائي کان علاوه اسان جي جهول ۾ ڪجهه نه وڌو آهي. سنڌ هن وقت انتھائي ڪمزور شڪل ۾ آهي سنڌ جا ماضيءَ جا اتحادي سنڌ کان منهن ڦيري سنڌ جي دشمنن سان گڏ بيٺل آهن. ملڪي ۽ عالمي سطح تي سنڌ اڪيلي بيٺي آهي، ماضيءَ جا سنڌ جا فطري اتحادي پختون، پي ٽي آءِ جي شڪل ۾ سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ وارن سنڌ جي دشمنن جا اتحادي آهن. افغانستان ۽ انڊيا توڙي ٻيون عالمي قوتون سنڌ جي ورهاڱي واري ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ سياسي ڌرين کي نه صرف معاشي ۽ سياسي آڪسيجن فراهم ڪري رهيون آهن پر کين هٿياربند ويڙه لاءِ پنهنجي زمين تي تربيت جا بيس ٺاهي ڏيئي رهيون آهن.
سنڌ اسان جي پيرن جي هيٺان کسڪي رهي آهي ترقي جي نالي تي ڊي ايڇ اي سٽي، بحريه فائونديشن ۽ ذوالفقار آباد جهڙا اجگر شهر جوڙي سنڌ مٿان ڌارين جا ڪٽڪ لاٿا پيا وڃن. سنڌ جي سمنڊ جي ٻيٽن کي وفاق جي ملڪيت قرار ڏئي خطي جي ماڻهن کي ٻيٽن تي شهر آباد ڪري ڏيڻ جون رٿائون رٿيون پيو وڃن. نسلي، لساني سياست کي هٿي ڏيئي سردارن ذريعي قومي تشخص کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. قبائلي ۽ شهري دهشتگردي کي طاقتور ڪيو پيو وڃي، سنڌي سماج کي غيرسياسي بڻائڻ جي لاءِ قومي جدوجھدن پويان اڻ ڏٺل خوف جو ديوُ بڇيو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي ورهاڱي تي ٻه رايا جوڙيا ويا آهن ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ان ڪري ناممڪن آهي جو ملڪ جي آئين ۾ نون صوبن بابت صوبائي حڪومتن وٽ آئيني اختيار آهن ۽ سنڌ مٿان پ پ پ جي حڪمراني سبب نئين صوبي جو ٺهڻ ناممڪن آهي جڏهن ته پ پ پ ماضي ۾ ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪري عملي طور سنڌ جو انتظامي ورهاڱو ڪري چڪي آهي. هن ملڪ ۾ ڇا ممڪن ناهي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ اوهان جي اڳيان آهي، اڪثريت رکندڙ اميدوار جي شڪست اسان کي سبق سيکاري ٿي ته ملڪ جا مقتدر ادارا جيڪي چاهين ڪري سگهن ٿا. ڪجهه ماڻهن کي سنڌ جي قومي وحدت بچائڻ جي تحريڪ لساني جهيڙن جو سبب لڳي ٿي. ساڳي صورتحال سنڌو درياه تي ڊيمن ٺاهڻ بابت به آهي. سنڌ ۾ هن وقت وڏو حصو ڀاشا ڊيم جي اڏاوت جي حق ۾ بيٺل آهي، چڱا ڀلا سنڌپرستيءَ جي دعوا ڪندڙ ماڻهو اي اين جي عباسي جي سربراهي ۾ مشرف جي ٺهيل ڪميٽي جي رپورٽ جي حق ۾ دليل ڏيندي ملندا ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڀاشا ڊيم انتهائي ضروري آهي. ان ڪري ڪالهه تائين جيڪا سنڌين پاران گڏيل دعويٰ ڪئي ويندي هئي ته سنڌي قوم سنڌو درياھ ۽ سنڌ جي قومي وحدت تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي سا سنڌي قوم اڄ سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي قومي بقا جي سوال تي مختلف راهن ۾ ڀٽڪيل ۽ وکريل آهي. خوشفهيمن جي جهان ۾ ڀٽڪندڙ قومون پنهنجو وجود وڃائي تاريخ جي صفحن تان ميسارجي وينديون آهن، غلطين تي فخر ڪندڙ قومون، سڌي رستي کان لاتعلق رهندي فنا جي سفر تي ويندي مري کپي وينديون آهن. ان ڪري ئي اڄ جي سنڌ جون ڀيانڪ حالتون اسان کان گهر ڪن ٿيون ته اسان حقيقتن کي سمجهون اسان قبول ڪريون ته اسان سياسي، سماجي، معاشي، تنظيمي، سفارتي محاذن تي انتهائي ڪمزور آهيون. اسان قومي دڳ وڃائي ويٺا آهيون اسان جي ترجيحن ۾ تبديلي اچي ويئي آهي، سنڌ اسان جي اڪثريت وٽ هاڻي زمين جو ٽڪرو آهي، وڏي تعداد وٽ سنڌ هاڻي ماءُ نه رهي آهي جنهن جي مقدس هجڻ تي سينا تاڻي اسان ماضيءَ ۾ فخر ڪندا هئاسين. اڄ اسان مان گهڻا ماڻهو ائين چوندي ذري لاءِ به شرم نٿا محسوس ڪن ته سنڌ اتي ئي هوندي سنڌ کي ڪير ڪپڙي جي هڙ ۾ ٻڌي کڻي ٿورئي ويندو، ها سنڌ اتي ئي هوندي جيئن فلسطينين جي زمين اتي ئي آهي بس هڪ لڪير سان انهن جي ئي ڌرتيءَ تي اسرائيل اڀري آيو آهي. سنڌين کي شل سمجهه اچي ته هو گڏجي ان لڪير کي روڪي سگهڻ جي اهل ٿي وٺن جنهن لڪير سان سنڌ ڀاڱا ڀاڱا ٿيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *