تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

هڪ مڌو ڄام جو وڇوڙو..

                 هو مڌ نه پيئندو هو پر هن کي گهر ۾ مڌو سڏيندا هئا، ڄام ڪانڀو خان جي خاندان سان تعلق هجڻ سبب کيس سياست ورثي ۾ ملي، پر ڄامن جي ڏنگائي شايد قبول نه ڪيائين، انهي ڪري کيس شريف سياستدان طور ماڻهو سڃاڻيندا هئا، ڄام مدد علي جو تعلق ڄام صادق علي جي انهي سياسي راهه سان هو جنهن راهه جي هر موڙ تي نوان قصا ۽ ڪهاڻيون اڄ به سياستدانن جي زبان تي رقص ڪنديون رهن ٿيون، اهو ڄام صادق علي جيڪو جڏهن پ پ سان گڏ هو ته فنڪشنل ليگ کي ٽوٽا چٻايا ۽ جڏهن پ پ مخالف ڪيمپ سنڀالي ته جيالن ۾ پهريون ڀيرو لوٽا ڪلچر متعارف ڪرايو. سنڌ جي قومي تحريڪن جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي ساهمين ۾ توري قيمتون لڳائيندڙ ڄام صادق علي سنڌ جي وڏيرن سان اهڙا ته ڪلور ڪيا جو اڃان تائين پنهنجي زباني قصا ٻڌائيندي به شرمائيندا آهن. انهن ٻنهي سياسي ڪيمپن کي اکين سان ڏسندڙ ڄام مدد علي وڏي عرصي تائين حرن جي روحاني ستين پير پاڳاري شاهه مردان شاهه سان انتهائي ويجهو رهيو، جيستائين شاهه مردان شاهه ستون پاڳارو هن دنيا ۾ موجود هو، ان وقت تائين هن تڪليفون ۽ ڏک برداشت ڪرڻ باوجود سندس ساٿ نه ڇڏيو، پر جڏهن موجودهه پاڳاري جي دور ۾ هن پاڻ کي سياسي طور فٽ نه سمجهيو ته فنڪشنل ليگ جي سيٽ تان استيعفي ڏئي پ پ جي صفن ۾ شامل ٿيو، پر آخر تائين هو اتي به “مس فٽ” رهيو. ماني کارائڻ جي حوالي سان سنڌ جي اندر سڀ کان وڌيڪ مشهور ڄام مدد علي لاءِ سندس خاندان وري چوندو رهيو ته هو تمام گهڻو “پڪو”  آهي، ڄام مدد علي فنڪشنل ليگ پاران سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ هو ته ان وقت فنڪشنل ليگ پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت ۾ حصيدار به هئي، امتياز شيخ ۽ امام الدين شوقين صوبائي ڪابينا جو حصو هئا، ڄام مدد علي جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي ايم پي ايز جي ٽيم نصرت سحر عباسي، ماروي راشدي، راڻا ستار، رزاق راهمون ۽ عارف مصطفي جتوئي سان گڏجي سنڌ جي اشوز تي آواز اٿاريندو هو ته ان وقت جو وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه  کيس “ مٺي ڇري” چئي هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا وٺڻ جا طعنا به هڻندو هو. ڄام مدد علي پنهنجي ذاتي شخصيت ۾ انتهائي شريف انسان هئڻ سبب لياقت علي خان کان وٺي ارباب غلام رحيم ۽ قائم علي شاهه کان وٺي مراد علي شاهه تائين ڪنهن به وڏي وزير جي دور ۾ جائز مڃتا ماڻي نه سگهيو، زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڄام خاندان جي ورهائجڻ تي انتهائي ڏکارو نظر ايندو هو، مون هڪ ڀيرو سنڌ اسمبلي ۾ ان معاملي تي کانئس سوال ڪيو ته چيائين ته ڄام صادق علي جي خاندان سان اليڪشن بيهڻ منهنجي لاءِ زندگي جو انتهائي ڏکيو فيصلو هو  پر ڄام نواز علي جي ڄامن جي سياسي ساک بچائڻ لاءِ مونکي اهو فيصلو ڪرڻو پيو ، ڄام مدد علي جي لاڏاڻي سان پارلياماني سياست ڪندڙ چند شريف سياستدانن ۾ هڪڙي سنڌ دوست ۽ سٺي انسان جو خال پيدا ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *