تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

هڪ نظر نه ايندڙ پڇ

پنهنجي وقت جو انتهائي ڪمزور، لاچار ۽ بيوس بادشاهه مونن ۾ منهن وجهي سوچي رهيو هو، “آخر ڇو عوام کي مون تي اعتبار نٿو اچي؟ آخر ڇو عوام منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي؟ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڇو ڪالهه جيڪا خلق منهنجي پٺيان ڊوڙي رهي هئي تنهن جي اڄ ٻين جي اڳيان لانگ پئي لڳي!” بادشاهه سلامت کي پنهنجي قوم جو تمام گهڻو اونو هو پر عوام جي اڪثريت مخالفن هٿان ورغلائجي چڪي هئي. هرڪو بادشاهه سلامت جي خلاف کڙو ٿي پيو هو. ايتري قدر جو هاڻي ته بادشاهه سلامت جي سلامتي به خطري هيٺ هئي. بادشاهه سلامت انتهائي مايوسي واري عالم ۾ سوچي رهيو هو، “جيڪڏهن حالتون ايئن ئي رهيون ته ملڪ جو آخر ڇا ٿيندو؟ آئون ڪيئن پنهنجا فرض نڀائي سگهندس؟ ڪيئن قوم جي خدمت ڪري سگهندس آخر؟”
نيٺ پنهنجي وقت جو انتهائي ڪمزور، لاچار ۽ بيوس بادشاهه مونن ۾ منهن وجهي سوچي سوچي جڏهن مايوسي جي آخري انتها تي پهتو ته پاتال مان کيس آواز آيو، “گهٻرائڻو ناهي!” ۽ پوءِ هن پنهنجي ڪنڌ کي هڪ زوردار ڇنڊڪو ڏنو ۽ رات پيٽ ۾ پنهنجي خيرخواهه وزيرن مشيرن ۽ دانشورن جو هڪ اعلى سطحي اجلاس گهرايائين. اجلاس ۾ هن واضح ڪيو ته، “پنهنجو ملڪ هينئر تاريخ جي انتهائي اهم دور مان گذري رهيو آهي. ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفادن ۾ اهو ئي آهي ته عوام مون تي انڌو اعتماد ڪري، منهنجي ڳالهه چپ چاپ ٻڌي ۽ منهنجي تابع ٿئي. ملڪ ۽ قوم جي سلامتي خاطر اهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تڪڙي ۽ سخت قانونسازي جي ضرورت آهي. مون اوهان کي انهي لاءِ ئي گهرايو آهي.” بادشاهه سلامت پهرين توڙي آخر ۾ اهي جملا پرزور لهجي ۾ ورجايا، “ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفادن جي حاصلات لاءِ اسان سخت کان سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون.”
ويٺل سڀني وزيرن، مشيرن ۽ دانشورن بادشاهه سلامت جي منهن جو مشاهدو ڪيو ۽ پوءِ ان مطابق ئي سوچڻ لوچڻ لڳي ويا. کن پل جي ماٺار کان پوءِ خيالن جي ڏي وٺ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڳالهين جا ڪيئي دور هليا. اهي سڀ تفصيل سان لکڻ جهڙا آهن پر جيئن ته پاڻ واندن وٽ وقت ڪونهي انڪري هتي اهي رايا اورجن ٿا، جن تي سڀني اتفاق ڪيو هو.
بادشاهه سلامت ۾ عوام جو انڌو اعتماد پيدا ڪرڻ جي حوالي سان جيڪا راءِ سڀني کي وڻي سا هڪڙي سينئر دانشور جي هئي، هن چيو، “بادشاهه سلامت! انڌي اعتماد جي لاءِ عوام جو انڌو هجڻ تمام ضروري آهي. انڪري بهتر ٿيندو ته ڪليون ٺوڪي ماڻهن جون اکيون ڪڍيون وڃن.”
ان کان پوءِ ٻيو مسئلو اهو هو ته عوام ماٺ ڪري بادشاهه سلامت کي ٻڌڻ جي لاءِ تيار نه هو. جيتوڻيڪ اهو ايترو آسان معاملو ڪونه هو پر تنهن هوندي به هڪڙي گنجي وزير ان جو به حل ڪڍي پيش ڪيو. توڙي جو گنجي جي مٿي ۾ وار ڪونه هئا پر خيال کوڙ سارا هئا. گنجو گنج کنهيندي وراڻيو، “اها هڪڙي عام ڳالهه آهي ته ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ پهرين پنهنجو ماٺ ٿيڻ ضروري هوندو آهي. انڪري بادشاهه سلامت جي ڳالهه به تڏهن ٻڌبي جڏهن ماڻهو ماٺ ٿيندا. درحقيقت اصل مسئلو آهي ئي خلق کي خاموش ڪرڻ.” بادشاهه سميت سڀئي وات ڦاڙي وزير جي ڳالهه ٻڌي رهيا هئا. گنجي وزير ٺوڙهه ٺپيندي ڳالهه ڳنڍي، “۽ خلق کي خاموش ڪرڻ جي لاءِ ظاهر آهي ته ٺڪر ڀتر ڪافي ڪونه ٿيندا سو انڪري موجوده حالتن ۾ بهتر اهو ئي ٿيندو ته ماڻهن جون ڄڀيون پٽي ڄر ۾ وڌيون وڃن.” اها ڳالهه ٻڌي ٻين سميت ڪافي حاضرين جي ڪنن مان ڪڙڪاٽ نڪري ويا. توڙي جو انهي راءِ تي ڪجهه دانشورن اختلاف به واريا پر بادشاهه سلامت اهو چئي سڀني کي چپ ڪرائي ڇڏيو ته، “اسان کي خبر آهي ته اهو ڏکيو فيصلو آهي پر اسان ڇا ڪريون. ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفادن ۾ اسان کي سخت کان سخت فيصلا به ڪرڻا پوندا.”
هاڻي آخري مسئلو اهو هو ته آخر ڪهڙي ريت عوام بادشاهه جي تابع ٿئي؟ ان بابت خيالن جي اڻکٽ گنجا پٽ ٿي. جنهن بعد اهو ته طئه ٿي ويو ته عوام تابع تڏهن ٿيندو جڏهن ان جو ڪنڌ جهڪيل هوندو. اوچي ڳاٽ واري قوم ڪڏهن به ڪنهن جي تابع ٿي نٿي سگهي. پر هاڻي سڀئي اها ڳالهه ڳولي رهيا هئا ته آخر عوام جو ڪنڌ جهڪائجي ته ڪيئن؟ ڪنهن چيو ته، “ماڻهن جي ڳچي ۾ وڏا ڳرا ڳٽ وڌا وڃن. جن جي بار کان ماڻهو پاڻهي ئي جهڪي پوندا.” ڪنهن چيو ته، “گهرن جون ڇتيون ايتريون هيٺ ڪرائجن جو اهي گهر نه گهُريون ٿي پون. ماڻهو انهن ۾ رهندي رهندي پاڻهي چٻا ڦڏا ٿي جهڪي ويندا.” هڪڙي ڪنهن ته هينئن به چيو ته، “ڇو نه ماڻهن کي جهنگ بدر ڪري گڏهن گهوڙن کي ئي آباد ڪجي. اهي هلندا ئي چئن ٽنگن تي آهن سو انهن جا ڪنڌ ته قدرتي طور به جهڪيل هوندا آهن.” پر بادشاهه سلامت کي انهن مان ڪنهن جي به راءِ ڪانه وڻي. نيٺ هڪڙي ماٺ ماٺ ويٺل مشير پنهنجي سڪل آڱرين مان ٺڪا ڪڍندي هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي جنهن سڀني جي دماغ مان ٺڪاءَ ڪڍائي ڇڏيا. هن بادشاهه کي ڇڏي ٻين کي مخاطب ٿيندي چيو، “اڙي بيوقوفو! جڏهن ماڻهن جون اکيون نڪري وينديون ۽ ڄڀيون به پٽجي وينديون ته پوءِ اهي ڪيتري دير پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا؟ اهي اوندهه ۾ ٿاڦوڙا کائيندا، ٿڙندا، ٿاٻڙجندا ۽ نيٺ وڃي ڦهڪو ڪندا. ايئن آخرڪار پاڻمرادو ٻن پيرن مان چئن ٽنگن تي اچي ويندا.” اهو ٻڌي بادشاهه سلامت کان بي ساخته “واهه واهه” نڪري وئي. هن ان ماٺ ماٺ رهڻ واري مشير کي ملڪ جي اعلى سرڪاري اعزاز جي پڪ ڏني.
انهي اعلى سطحي اجلاس کان پوءِ جوڙيل قانونن تي سختي سان عمل ٿيو ۽ نتيجي ۾ عوام انڌو گونگو ٿي نه رڳو ٻن پيرن کان چئن ٽنگن تي اچي ويو پر آهستي آهستي عوام جي پٺ مان هڪ وڏو ڊگهو پڇ به ظاهر ٿي پيو.
هي ڳالهه ته پٿر واري دور کان ٻه ڏينهن اڳ يا چار راتيون پوءِ جي آهي پر هتي اوهان ڀائرن کي ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته هي جديد دور آهي، هن ۾ قوم جون اکيون ڪلين کان سواءِ ئي ڪڍي ٿيون سگهجن. ڄڀيون پٽي ڪڍڻ کانسواءِ ئي ماڻهن کي گونگو ڪري ٿو سگهجي. هن دور ۾ ٻن پيرن کان چئن ٽنگن تي آڻڻ جا ٻيا به ڪيترائي طريقا موجود آهن. پنهنجو ملڪ به گهڻي عرصي کان تاريخ جي انتهائي اهم دور مان گذري رهيو آهي. اچو ته پاڻ به الٽي اک سان ڏسون ته ان عرصي دوران ڪٿي پاڻ کي به ڪو نه نظر ايندڙ ڊگهو وڏو پڇ ته نه نڪري چڪو آهي!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *