Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_4lhbpk7jcd8qbi1ke36f9ivavg, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هڪ ويلي لاءِ وڃائجي ويل پنج حياتيون - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هڪ ويلي لاءِ وڃائجي ويل پنج حياتيون - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

هڪ ويلي لاءِ وڃائجي ويل پنج حياتيون

پيٽ جي بک به انسان کي ڪٿان کان ڪٿي وٺي ٿي اچي، ميرپور بٺوري جي رهواسي بزرگ ڦوٽي خاصخيلي  ۽ ان جي گهر ڀاتين جي موت جي وچ ۾ رڳو هڪ ويلي جي ماني جو مفاصلو هو، هڪ ويلي جي ماني پيٽ جي بک ختم ڪرڻ بدران، ڦوٽي خاصخيلي ۽ ان جي گهر ڀاتين جي حياتي ئي ختم ڪري ڇڏي، چاچي ڦوٽي خاصخيلي کي جيڪڏهن خبر هجي ها ته ڪپھه جو چونڊو ڪرڻ لاءِ ٽنڊو ڄام ويندو ۽ پنهنجي معصوم ٻارن  سميت پنهنجي به حياتي وڃائي ويهندو ته يقينن چاچو ڦوٽو خاصخيلي ٽنڊو ڄام اچي ڪپھه جي چونڊو ڪرڻ بدران گهر ويهي فاقا ڪشي تي  گذارڻ کي ترجيح ڏئي ها، پر پنهنجي ٻن پٽن هڪ نياڻي ۽ هڪ معصوم ڀائٽيءَ کي ايئن تڙپندي زهريلي کاڌي ۾ مرڻ نه ڏئي ها۽ چاچو ڦوٽو خاصخيلي پنهنجي ۽ ٻارڙن جي بک ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪپھه جو چونڊو ڪرڻ نه اچي ها ! هي ڳالھه ڪجي ٿي ٽنڊي ڄام جي ڳوٺ آدم جمالي واري واقعي جي جتي زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي فوت ٿي ويا آهن، پهرين ڏينهن ٻه سڳا ڀائر فوت ٿيا ٻئي ڏينهن صبح ٿيندي ئي زهريلي کاڌي جي سور سان سان گڏ نوجوان پٽن جي وڇوڙي جو درد دل ۾ کڻي چاچو ڦوٽو خاصخيلي پاڻ به گذاري ويو، غريب پورهيتن چاچي ڦوٽي کي دفنائڻ جو بندو بست به نه ڪيو هو ته ايتري ۾ سندس معصوم اٺن ورهين جي نياڻي به فوت ٿي وئي ۽ ٻئي ڏينهن تي سندس ٽن سالن جي معصوم ڀائٽيءَ به فوت ٿي وئي. هڪ ويلي جي ماني گهر جي پنجن ڀاتين کان سموري عمر جي حياتي کسي ورتي پر هن بيحس سماج جي ذميوار شخصيتن جي ڪن تي ته جونءَ به نه سري جو گھر جي پنج ڀاتين جي موت جو  رڳو ڪارڻ معلوم ڪن ها. نه پوسٽ مارٽم ٿيو، نه وري ميڊيڪل رپورٽون سامهون آيون، نه وري ڪنهن قسم جي ڪا جاچ پڙتال به ٿي، رهي سهي ڪسر ته ڊاڪٽرن پوري ڪئي، ٻن ڀائرن جي ٿڏي تي ئي فوت ٿيڻ باوجود به فوتي جي ڀيڻ ۽ پيءُ جو علاج بهتر نموني ڪرڻ بجاءِ، کين ٺيڪ هجڻ جي تسلي ڏئي گهر روانو ڪيو ويو، جتي پٽن جي تدفين بعد ڦوٽي خاصخيلي ۽ سندس نياڻي جي طبيعت خراب ٿي وئي.  ايس ايس ايس پي حيدرآباد به واقعي کي کاڌي ۾ زهريلي ڪرڙي يا سانڊي جي ڪرڻ سبب کاڌو زهريلو ٿيڻ ڄاڻائي پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي. هن چيو زهر ته زهر هوندو آهي، پوءِ ڇا جي ميڊيڪل رپورٽ جسم ۾ ته زهر ئي ايندو، ايس ايس پي صاحب دنيا چنڊ تي رهڻ جي تياري پئي ڪري اوهان جو قانون ۽ فارينسڪ ليبارٽرين ايتري به ترقي ناهي ڪئي جو معلوم ٿي سگهي ها ته جسم ۾ پيل زهر هٿرادو تيار ٿيندڙ ڪيميڪل وارو زهر آهي، يا ڪنهن جاندار شئي جو زهر آهي، اهو سڀ ڪيئن ممڪن هو جو پوليس ايتري جاچ ڪري!؟ چاچو ڦوٽو خاصخيلي ڀلا ڪو وزير مشير يا ڪنهن اقتداري پارٽي جو حصو هو ڇا جو جنهن جو گهر اجڙڻ تي سڀ ادارا متحرڪ ٿين ها. ڏوھه چاچي ڦوٽي خاصخيلي جو هو جو هو هڪ غريب پورهيت هو، جيڪو ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪڏهن هن شهر تي ڪڏهن هن شهر پيو سفر ڪندو هو، بچي ويل چاچي ڦوٽي جي گهر واريءَ جاچ ۽ بروقت علاج نه ڪرڻ واري قصي تان ته هٿ ئي کڻي ويئي آهي، نه وري ان کي هنن سڀني معاملن جي ڪا ڄاڻ به آهي ته سندس ڪي حق به آهن جيڪي لاڳاپيل ادارن جي مٿان فرض ٿين ٿا. سموري گهر ۾ اڪيلي بچي ويل چاچي ڦوٽي جي گهر واريءَ هاڻ ڪهڙا ڪهڙا سور ياد ڪري؟ ٻن پٽن جي وڇوڙو جيڪي پيري ۾ ماءُ ۽ پي جو ڀرجهلو ٿين ٿا، سندس ور جيڪو اڪيلو ڪمائڻ وارو هو،هاڻ رڳو اصل حقيقتون ته رب ئي ڄاڻي ٿو، هتان جي وس وارن کي گهرجي ته اجڙي ويل گهر جي اڪيلي عورت جي مالي سهائتا ڪن ته جيئن بزرگي حال ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويهڻ کانپوءِ بچي ويل زندگي جا ڏينهن گذاري سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *