Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_6nldkkt243igm813k36se72r5j, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
واهڙ جو بادشاهه - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar واهڙ جو بادشاهه - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

واهڙ جو بادشاهه

گذريل سال ڪاڇي ۾ ڏڪر جي ڪري نوجوانن جي وڏي کيپ دادو، لاڙڪاڻو، ڪراچي حيدر آباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن روزگار واسطي سفر ڪرڻ تي مجبور ٿئي هئي اڃان انھن نوجوانن جا شهرن ۾ پير مس کتا هئا ته مٿان ڪورونا وائرس جي ڪري ڊگهي لاڪ ڊائون، بک ڪارڻ موت جي خوف ۽ بيروزگاري ٻيهر ڪاڇي جي نوجوانن کي پنهنجي پڊن ڏانهن واپس وٺي آئي. ڪورونا وائرس جي ڪري جتي ڪارخانا، بازارون بند ٿيون اتي پيرن فقيرن جي درگاهن کي به تالا لڳي ويا مسجدن مندرن ، ڪليسائن جي دروازن کي ٻيڪڙيو ويو، اوتارن، مڙهين ۽ مئخانن ۾ ويراني ڇانئجي ويئي هئي هر طرف موت جو راڪاس هو جنهن جي خوف کان ماڻھو گهرن جي ديوارن اندر محدود ٿي ويا. هي نئين جديد دنيا جو الميو هو يا فطرت جو فطرت دشمنن سان جهيڙو هو اهو بحث اڃان پڄاڻي تي نه پهتو هو ته موسميات کاتي دڦ تي هٿ هڻي اعلان ڪيو ته وڏي طوفاني بارش اچي رهي آهي سو پنهنجا ٽپڙ سنڀالڻ شروع ڪيو. ڪاڇي جي ماڻھن وٽ ڪل موڙي ڪچا گهر، ٻه چار رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون، جڏو سڏو اٺ يا گڏھه، اها ئي ڪل دنيا آهي.
هي جبلن جي ويڪرن سينن تي پدمڙا پير رکي هلندڙ ماڻهو هونئن ته جي مينهن وسي ته بارش جي بوندن جهڙا نرم ۽ ملائم ماڻهو، هنن جي گفتگو، لوڪ ڏاهپ جي انمول گفتن جي هيرن جواهرن سان ٽمٽار پر جي مينهن نه وسن ته هنن جون اکيون مينهن جي ڪڻ ڪڻ جي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ پٿرائجي وڃن ٿيون ڄڻ هي ڪاڇي جي ڇپ جهڙا وجود، اهڙا خاموش روح جن جي زنده هجڻ تي به شڪ ٿئي. سالن کان هي نه صرف ڏڪار کي اکين سان ڏسندا اچن ٿا پر هي جبل جي جاڙن سان به سيني سائي مقابلا ڪرڻ جا هيراڪ آهن.
هنن جي نسلن جي اڍ ۾ آسمان ۾ گجندڙ ڪڪرن جي گوڙ ۽ وراڪا ڏيندڙ وڄ سان اهڙي ڪا انسيت آهي جو هنن جون اکيون نيل گگن ۾ ايئن کتل هونديون آهن جيئن منهه جي ٽيڪ لاءِ زمين ۾ ٿوڻيون کتل هونديون آهن جي اک هٽائين ته هوند آسمان هيٺ ڪري پوي. ان ڪري بارش، گاج، ڪاڇو ۽ ڪاڇي جو ماڻهو هڪ ٻئي جي لاءِ ايئن لازم ملزم سمجهيا وڃن ٿا. جيئن محبت جي اظهار لاءِ محبوب جا هٿ پڪڙي چپن تي چمي ڏيڻ لازمي هوندي آهي.
ملڪ جي موسميات کاتي جي اڳڪٿي تي سنڌ جا ماڻهو تمام گهٽ اعتبار ڪندا آهن ڇاڪاڻ اڪثر اڳڪٿيون سچ ثابت نه ٿينديون آهن ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جا برساتن، ڏڪار، ٻوڏن، خوشحالي بابت پنهنجا سالن کان ٽوڻا آهن اهي ٽوڻا سنڌ جي ڪاڇي جي ماڻهن جا الڳ، ٿر جا الڳ ته وچولي جا الڳ آهن.
اڪثر جڏهن ڪيوليون وڏي تعداد ۾ زمين جي ھڪ ٻر کان ٿورو مٿاهين جڳهه جي ٻئي ٻر ڏانهن کاڌي جي شين جي منتقلي ڪنديون آهن ته ماڻهو سمجهندا آهن ته هن سال بارشون وڏيون پونديون، گهر جي وٿاڻ جي ڪلي ۾ ٻڌل ڳائي مال جو پڇ سڌو ڪري اولهه ڏي منهن ڪري ٽاهه کائي بيهڻ يا جي ٻاڪرو مال ڪن سدا ڪري اولهه ڏانهن وات ڦاڙي وڏا ساهه کڻندو ۽ وڏي آواز ۾ ٻه ٻه ڪري وڏيون رڙيون ڪندو ته اهو ڀاڳين لاءِ اطلاع هوندو آهي ته جهليو پير، هن سال برسات وڏي آهي پر هن ڀيري ايئن نه ٿيو نه ڳائي مال ٽاهه کاڌو نه ئي ذخيره اندازي ڪندڙ ڪيولي کاڌي جي شين سان هڪ ٻر کان ٻئي ٻر ڏانهن هجرت جو خفت ڪيو نه ئي ٻڪرين وڏي آواز ۾ ٻه ٻه ڪئي هر طرف سناٽو هو. ڪاڇي جي نيري آسمان تي ڪڪرن ڇانو ڪئي ته سڪل اکين جي پنبڻين ۾ اميدن جا بادل برسي پيا ڪاڇي جا پڊ جنهن تي جيڪڏهن بارش جون بوندون پون ته ماڻهو پوک ته ماڻهو ڦٽي پوي هر طرف کان قدرتي گاهن جون وليون زمين تي ايئن وڇائجي وڃن جيئن محبوب جا وار سيني تي سمهڻ مهل ڇانورو ڪري بيهن.
اها ڪاڇي جي خوبصورت شام هئي ڪڪرن ڏسڻ سان ٻارن جهولي کڻي ڳوٺن جي گهرن ۾ ٽوليون ٺاهي “ڪارڙو ڪمارڙو ان پاڻي ڏي ته مينهن وسي وسي ” جو صدين جو صدائي نغمو ڳائڻ شروع ڪيو هو هنن ڏڪاريل ڏيھه جي ماڻهن کي ڪڪرن ڏسڻ سان هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته جيڪڏهن هن سال بارشون ججهيون پيون ته گوار جو فصل پوکي جوهي جي بازار ۾ وڪرو ڪري ڍڳين ۽ ٻڪرين جي ڌڻ ۾ وڌيڪ اضافو به ڪبو ۽ نياڻين جا بار به لاهبا.
ڪاڇو جيڪو ملٽي نيشنل ڪمپنين جي عقابي نظرن هيٺ آهي اهي ڪمپنيون گئس جي ذخيرن تي چنبا کوڙي ويٺل آهن انهن ڪمپنين جي سرمائي جي واڌ ويجهه جو ذريعو اهو ئي ڪاڇو آهي جنھن جي سخت زمين جي اندر گئس ۽ تيل جا اڻميا ذخيرا آهن پر اڄ به ڪاڇي جي ماڻهن جو شمار دنيا جي غربت سٽيل ماڻھن ۾ ٿئي ٿو جن وٽ نه روڊ رستا نه بجلي نه اسپتال نه ئي اسڪول آهن. تيل ۽ گئس جي ڪمپنين جي ڪري ڪاڇي جا سردار پير، سيد ته سکيا آهن پر عام ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ۾ ٻڌل ملندو. صدين جون صدائون بڻيل ڪاڇو رڳو بارش جي بوندن تي جيئڻ جو ڪشٽ ڪندو رهيو آهي.
ٻارن جي جهوليءَ مان نڪتل چانورن مان هنن رات جو مٺو ڀت رڌي کاڌو ۽ هي ڇپرن ۽ اوڏڪي ڀتين جي ٺهيل گهرن جي اڱڻ تي کٽن تي رليون وڇائي اڃان ستا ئي مس هئا ته سانوڻي جي اوڀر جي وڏ ڦڙي مينهن اچي هنن جي مٿان وسڪارا ڪيا هئا هنن وٿاڻن جي واهر ڪرڻ کانپوءِ کٽون پڌر مان کڻي ڇپرن ۾ رکڻ شروع ڪيون ڇپر لاءِ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “مينهن وسي ٻه پهر ته ڇپر وسي ڇهه پهر” باک ڦٽي تائين بارش جي ڪڻ ڪڻ بند ئي نه پئي ٿي پر هنن جي اندر ۾ سڪون هو هنن کي ڏڪار جي ٽرڻ جي خوشي هئي نيٺ اوجاڳيل اکين سان صبح ٿيو ته گاج اچي هنن جي گهرن سان لڳي اهو گاج جو گرم پيرن کي ڇهندڙ پهريون ٿڌو پاڻي هو جنهن ڏڪاريل ڏيهه جي خاموش روحن ۾ ساهه وجهي ڇڏيو هو، اها ويل ڪا سرهائي جي ويل هئي ڪاڇي جي ماڻهن جي چهرن جي خوشي شايد ڪا ڪيمرا جي اک محفوظ ڪري سگهي ها پر ٻهڪندڙ چهرا، لوڪ گيت چوندڙ عورتن جا مٺا ۽ سريلا آواز ۽ ڊوڙون پائيندڙ ٻار ان وقت ڏک جي ڪيفيت ۾ هليا ويا جنهن ويل گاج اچي هنن جي گهرن جي ڇتين مٿان گذرڻ لڳي هئي هنن جا ڪچا گهر گاج جي انتهائي اونچي وهڪري جي اڳيان بنھه پتڪڙا هئا ماڻهن ان جبل ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيو جيڪو جبل هنن جو ننڍپڻ جو سنگتي رهيو هو ٻارن کي ننڊ مان اٿاري مائرن ڪڇن تي کڻي ان پاسي وڃڻ شروع ڪيو جتي زندگي بچڻ جي اميد هئي پر گاج جي پاڻيءَ جي سطح وڌندي ويئي پوئتي رهجي ويل مرد وڻن جي چوٽين تي چڙهي زندگيون بچائڻ جي جستجو ۾ لڳي ويا. مونکان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اها وڊيو وسري ئي نٿي جنهن ۾ هڪ همراهه اهو ٻڌائي رهيو هو ته.“ او، هو، ڏسو وڻ جي چوٽيءَ تي چار ماڻهو صبح ڇهين کان لٽڪيل آهن هن وقت شام جا چار ٿي رهيا آهن” اهي ماڻهو مان ڪوشش باوجود به ان ڪري نه ڏسي سگهيو هوس جو نئين گاج جو وهڪرو ايڏو تيز ۽ گجگوڙ وارو هو جو منهنجي اک جي نظر گاج جي ميٽوڙي پاڻي کي چيري وڻن تائين ئي نٿي پهتي ، اهي وڻ تي ويٺل ماڻهو نه هئا ڄڻ زندگي تي پير رکي موت جي انتظار ۾ ساهه جي سڳي ۾ ٽنگيل ماڻهو هئا ايئن ڪاڇي جي گيٽ وي جوهي لاءِ به ٻڌڻ ۾ آيو ته جوهي گاج جي سطح سان مقابلو نه ڪري سگهندي.
آئون پاڻ درياهي ماڻهو آهيان ۽ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لڙهي، دربدر ٿي وڏو ٿيو آهيان ٻوڏ جي ذلتن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان سو مونکي جوهي سميت ڪاڇي جي هر ماڻهو جي دل نئين گاج ۾ ٻڏندي محسوس ٿي سرڪاري ڪيمپون امداد ۾ مليل سري لڳل چانور ۽ اٽو، ماڻهن جون قطارون پوليس وارن جون گاريون، ٻارن جون ڪيهون، عورتن جا آلين ڪاٺين تي ٻرندڙ چلهه تي مانيءَ جا ڪچا پڪا ڍوڍا، ڦاٽل ڪپڙا، سخت گرميءَ ۾ اگهاڙا پير ۽ اندر کي وڍيندڙ لڙڪ مونکي ياد اچڻ لڳا. اڃان دل ۾ درد جو جهٻو تڏهن آيو جڏهن خبر آئي ته جوهي خالي ڪرڻ لاءِ ڊي سي دادو حڪم ڏنو آهي ته مونکي جوهي رڳو ٻڏندي محسوس نه ٿي پر مون سمجهيو ته جوهي ۾ رهندڙ هر ماڻهو جي ننڍپڻ جي ياد ٻڏي رهي آهي. کاٻي ڌر جي تحريڪن، علمي ادبي سرگرمين جي مرڪز، قومپرست سياست جي پرجوش نعرن واري جوهيءَ جي، مون محسوس ڪئي ته ڪا زندگيءَ جي آخري هڏڪي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ڪاڇي ۽ جوهي جو درد مونکي پنهنجو درد محسوس ٿيو مون ان درد جي ڪٿا “واهڙ جي بادشاهه” کي ٻڌائي ٿورو بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هي ڪو ٻاراڻين ڪهاڻين يا الف ليليٰ جي قصي وارو بادشاهه ناهي،هي ته جديد دور جو بادشاهه آهي . جنهن کي ملٽي نيشنل ڪمپني جي مشهور برانڊ جو ٿري پيس سوٽ پيل هو. هن جي چهري تي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماسڪ پاتل هو، اکين تي قيمتي عينڪ ۽ هٿ ۾ ڊبليو ايڇ او پاران غريبن لاءِ امداد ۾ ڏنل هينڊ واش هو. هي سنهڙو سيپڪڙو، پڙهيل لکيل اهڙو بادشاهه هو، جنهن کي سڀني سگهارن قوتن کي راضي رکڻ جو ڏانءُ هو. هن کي اها به خبر هئي ته ملڪي سياست ۾ مرڪڻ جي قيمت ٿيندي آهي. ڪيتري عرصي کان هن جي هٿ ۾ سنڌ جي خزاني جي چاٻي آهي هي ئي هن وقت سنڌ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آهي.
مون واهڙ جي بادشاهه کان پڇيو، سائين ڪٿي آهيو، هن سيلفي سينڊ ڪندي چيو ته مان گجر نالي مٿان بيٺو آهيان.
مون چيو ڪاڇو ٻڏي ويو، چيائين مبارڪون روز روز پئي مظاهرا ٿيا پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو خير سان ٻيڙا پار ٿي ويا
مون چيو واهڙ جا بادشاهه، ڪاڇي جا گهر ڪري پيا مال لڙهي ويو جواب ۾ چيائين شڪر ٿيو ٻڏيءَ جا ٻيڻا هوندا آهن.
مون چيو منهنجا سائين چون ٿا جوهي به ٻڏندو
هن کلي چيو ڀوڪ بصر غلام شاھ نئينگ واري جون جن کي دعائون هجن ۽ صالح شاهه جهڙو پهتل بزرگ جن جو مرشد هجي تن کي لهر نه لوڏو.
مون چيو ته گاج بند به ٽٽي ويو آهي هاڻي پاڻي تيزي سان جوهي ڏانهن ڌوڪيندو اچي بي وس ۽ لاچار ماڻهن جو ڪو ڌڻي ناهي. ڪا واهر ڪر!
ڪاوڙ مان چيائين، هڪ وقت ٻه ڪم نٿو ڪري سگھان يا گجر نالي جو گند کڻي سگهان ٿو يا وري گاج جو بند ٻڌي سگهان ٿو سو مونکي تنگ نه ڪر گجر نالي جو گند ڪچرو کڻڻ ڏي هن تصوير واٽس اپ ڪئي هي ٿري پيس سوٽ سميت کرپو کنيو گجر نالي مان گند ڪچري جا ڍير ڪڍي رهيو هو.
مون هڪ ڀيري ٻيهر حجت ڪندي چيو اوهان جي ڊي سي صاحب شهرين کي جوهي شهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ماڻهو ڀلا ڪاڏي وڃن؟واهڙ جي بادشاهه بي رخي مان چيو قلندر جي ننگري ڪورونا جي ڪري خالي پئي آهي پٺاڻ جي ڪافي جي ماني کائي پيا مست قلندر جا نعرا هڻن، نه جهل نه پل اٿن. مون چيو بحريا ٽائون جا وڏا بنگلا ۽ بحريا جو لنگر کڻي جوهي واسين کي ڏيو ته اوهان جي ٻچن کي دل سان دعائون ڪندا. چيائين بحريا جو رت ئي پيئي ويا آهيو نٿا پاڻ چڱو ڪم ڪريو نٿا ٻين کي ڪرڻ ڏيو پر مونکي پرواهه ناهي ڏسجو اڃان ذوالفقار آباد به ٺهندو اوهان جي دلين تي اڃان وڌيڪ مڱ ڏربا.
مون چيو ڪاڇي جي ڳوٺن جا ڳوٺ نئين گاج لوڙهي ويئي آهي.
ڪاوڙ مان چيائين جڏهن گاج جي پيٽ ۾ ماڻهو ڳوٺ ٺاهي ويهندا ته گاج قبضا ته ڇڏائيندي ڇا اهو ڪم به گاج نه ڪري. مون پڇيو ڀلا نئين گاج جي ڊيم جو ڇا ٿيو.
دڙڪو ڏيندي چيائين سدائين ڦشري ڪندو آهين ڦشري باز ماڻهو آهين، گاج ڊيم جي پچر ڇڏ، اجايا سوال ڪرڻ بدران جي پاڻ کي سنڌ پرست ماڻهو ٿو سمجهين ته ترت گجر نالي تي پهچي ٻه ٽي کرپي سان لپا هڻي ڏيکار ته پوءِ ئي توکي مڃيندس ته واقعي توکي ڪاڇي وارن جو درد آهي.
آئون کرپو ڪلهي تي کڻي گجر نالي جي صفائي لاءِ وڃي رهيو آهيان ڇاڪاڻ مونکي “واهڙ جي بادشاهه” اڳيان ثابت ڪرڻو آهي ته مان سنڌ پرست آهيان.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *