تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ورڪرز ويلفيئر جون اختياريون ۽ ڀڙڀانگ ٿيل پورهيتن جا فليٽ..!

پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پورهيتن کي حق ڏيارڻ لاءِ تحريڪن ۾ته سدائين اڳڀري نظرآئي آهي پر گذريل13سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ئي حڪومت آهي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي صنعتن ۾ سخت پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندڙ پورهيت اجھي کان محروم آهن، سنڌ حڪومت جي ورڪرز ويلفيئر کاتي جي اختيارين پاران مختلف وقتن تي صوبي جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، دادو، سکر ۽ جيڪب آباد سميت شهرن ۾ليبر ڪالونيون ٺاهيون ويون آهن پر انهن جي الاٽمينٽ لاءِ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جون اختياريون سنجيده نظر نه پيون اچن. رڳو ليبر اسڪوائر ٺاهڻ تي ئي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان جو واضح مثال اهو ئي آهي ته ڪوٽڙي ۾ موجود ليبر اسڪوائر ۾ 600 فليٽ ورهين کان تيار بيٺل آهن جيڪي اِي او بي آءِ ۾ رجسٽرڊپورهيتن کي الاٽ ڪرڻا آهن پر اهي پورهيتن کي الاٽ ئي نه پيا ڪيا وڃن، ان جا کوڙ سبب آهن، هڪ ته فليٽن جي الاٽمينٽ جا اختيار گورننگ باڊي کي آهن جن ۾ پورهيتن جي هڪ نمائندي سميت کاتي جا ميمبر شامل آهن ۽ ان جو سربراھه کاتي جو صوبائي وزير هجي ٿو، ڄاڻايل گورننگ باڊي جو اجلاس نه ٿيڻ جي ڪري پورهيتن کي فليٽ الاٽ نه ٿي سگھيا ته وري ساڳيون ئي ورڪرز ويلفيئر بورڊ جون اختياريون ڪوٽڙي ۾ نئين سِر هڪ هزار فليٽ ٺاهڻ لاءِ تيارين ۾ آهن، ان حوالي سان بغير زمين جي فليٽ ٺاهڻ لاءِ اختيارين ٺيڪيدارن کي 30 ڪروڙ رپيا به جاري ڪري ڇڏيا آهن! ڪوٽڙي ۾ پورهيتن جا وڌيڪ فليٽ تيار ڪرڻ واري منصوبي ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ پاران جيڪا 46 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائي وئي هئي ان زمين جي الاٽمينٽ 15 سال اڳ ئي رد ڪري چُڪي هئي پر ان باوجود ذريعن ٻڌايو آهي ته اختيارين پاران مرمتي ڪم جي سامان جي خريداري جي مد ۾ ٺيڪيدارن کي 30 ڪروڙ رپيا جاري به ڪري ڇڏيا آهن! سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن وڪرز ويلفيئر بورڊ جي اختيارين وٽ ڪا زمين موجود ئي ناهي ته پوءِ اڏاوت ڪٿي ڪندا؟ جنهن جي مد ۾ ڏوڪڙ جاري ڪيا پيا وڃن.
مجموعي طور تي صوبي ۾ 3 هزار جي لڳ ڀڳ فليٽ ۽ گھر ٺهي مڪمل ٿي بيٺل آهن، پر اتان جي مقامي پورهيتن کي الاٽ نه پيا ڪيا وڃن، جنهن ڪري ڪافي ليبر اسڪوائر اهڙا به آهن جيڪي الاٽمينٽ ٿيڻ کان اڳ ئي زبون حالي جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ پورهيتن جي رهڻ جي قابل ئي ناهن رهيا، ڪوٽڙي جي 600 فليٽن جي به اهڙي ئي حالت بڻيل آهن. سکر جي باءِ پاس تي ٺهيل فليٽن جي حالت به خطرناڪ حدتائين خراب ٿي چُڪي آهي پر انهن جي نه الاٽمينٽ ڪئي پئي وڃي نه ئي وري ان فليٽن جي سار سنڀال لڌي پئي وڃي. نوابشاھ ۾ ليبر ڪالوني جي 500 ڪوارٽرن تي مبينا طور قبضو ٿي چُڪو آهي پر اختيارين اهي گھر پورهيتن کي ڏيڻ پسند ئي نه ڪيا. لاڙڪاڻي ۾ 96 فليٽن جي الاٽمينٽ به سواليا نشان بڻيل آهي. شڪارپور ۾ 20 ۽ دادو ۾40 گھر تعمير ته ٿيل آهن پر ڪيئي سالن کان پورهيتن کي الاٽ نه پيا ڪيا وڃن. بدين جي رڳو لاڙ شگر مِل جي 128 پورهيتن کي جنهن طرح فليٽن جي الاٽمينٽ ٿي آهي ان سان ائين پيو لڳي ڄڻ ليبر ڪالونيون ٺهيون ئي انهن پورهيتن لاءِ آهن جن کي بااثرن جو آشيرواد حاصل ٿيل آهي، ڇاڪاڻ ته رڳو هڪ صنعت جي 128 پورهيتن کي فليٽن تي الاٽمينٽ ٿي آهي ۽ ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ڄاڻايل128 پورهيتن جي اِي او بي آءِ ۾ رجسٽريشن به هڪ ئي ڏينهن اندر ٿي هئي! اهڙي طرح فليٽن جي الاٽمينٽ واري معاملي تي ديوان شگر ملز جي ملازمن پاران ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي اختيارين ڏانهن ڪيترائي ڀيرا خط به لکيا ويا ۽ اعتراض ڪيا ويا ته رڳو هڪ صنعت جي 128 پورهيتن کي ڪيئن الاٽمينٽ ڪئي وئي آهي؟ جنهن جو وڪرز ويلفيئر بورڊ جي اختيارين وٽ شايد جواب نه هو ان ڪري پورهيتن جي لکيل هڪ خط جو به جواب نه ڏنو ويو آهي.
جيڪي فليٽ مختلف وپرهيتن کي الاٽمينٽ ڪيا ويا آهن انهن تي به گورننگ باڊي ۾ موجود ميمبر ۽ پورهيتن جي نمائندي عزيز عباسي خدشو ڏيکاريو آهي، عزيز عباسي جو چوڻ آهي ته گورننگ باڊي ۾اڪثريت کاتي جي نمائندن جي آهي،جنهن ڪري رڳو پورهيتن جو هڪ نمائندو معنيٰ نه ٿو رکي. جنهن ڪري اسان جيڪو ڪجهه ڳالهايون ٿا اهو ڳالهائڻ نتيجا نه ٿوڏئي. گورننگ باڊي پنهنجا سمورا اهي ڪم ڪرائي وڃي ٿي جيڪي پورهيتن جي گھڻائي جي حق ۾ نه ٿا هجن. عزيز عباسي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪوٽڙي اسڪينڊل جو به گھڻي وقت کان پوءِ ڦاٽ ڦاٽو آهي، جنهن تي حيرت ٿي آهي ته اختيارين وٽ آخرڪهڙو جواز هو ته هُنن اها رقم جاري ڪئي؟
سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين کي ان سنگين معاملن ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گھرجي، پورهيت سڄو ڏينهن گھٽ اجوري تي ڪمائي پنهنجي گھر جو چرخو ته هلائين ٿا پر هُو سڄي عمر جي ڪمائي مان به اجھو خريد ڪرڻ جي سگھه نه ٿا رکن، ان ڪري سنڌ حڪومت پاران اي او بي آءِ ۾ رجسٽرڊ پورهيتن لاءِ فليٽ ۽ گھر الاٽ ڪرڻ واري ان منصوبي جو سِڌي ريت ۽ آساني سان اصل پورهيتن کي فائدو ڏنووڃي ۽ ڪوٽڙي ۾ بغير زمين جي 30 ڪروڙ رپيا جاري ڪندڙ ڪامورن خلاف به سنڌ ۾ موجود جاچ ڪندڙ ادارن کان جاچ ڪرائي وڃي ته ڪهڙي بنيادن تي 30 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.
جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پورهيتن کي گھر ڏيڻ وارو سنڌ حڪومت جو منصوبو رڳو ڪامورن لاءِئي فائيديمند بڻيل رهندو ۽ پورهيت پنهنجي سڄي عمر جو پورهيو ڪرڻ باوجود پنهنجي ٻچڙن لاءِ اجھو اڏي نه سگھندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *