تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

وزيراعظم جو بيان ۽ تعصبي ٽولي جي پرچار

وزيراعظم عمران خان جو تازو هڪ ٽي وي شو تي انٽرويو ٻڌم جنهن ۾ هو چئي رهيو هو ته ڪراچي جو مسئلو اهو آهي ته ڪراچي مٿان ٻين شهرن کان آيل ماڻهو حڪومت ڪري رهيا آهن ۽ انهن ڪراچي کي پنهنجو نه سمجهيو آهي.سندس اهڙو بيان ٻڌي مونکي لڳو ته جيڪي تحريڪ انصاف ۾ سنڌي ماڻهو ويا آهن شايد اهي پنهنجي اڳواڻ کي اڃان تائين اهو نه سمجهائي سگهيا آهن ته تحريڪ انصاف جي منشور ۽ تعصبي ايم ڪيو ايم جي منشور ۾ ڪو فرق آهي.تنهنڪري عمران خان وزيراعظم هوندي به اهڙي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي جيڪا لنڊن وارو ڀائي سنڌين خلاف ڳالهائيندو هيو.سندس اهو بيان مون بار بار رپيٽ ڪري ٻڌو جنهن بعد عمران خان جي شڪل منهنجي ذهن مان غائب ٿي وئي مونکي ايئن لڳو ته مان هن ملڪ جي وزيراعظم جو انٽرويو نه پر ڪراچي جي هڪ تعصب پرست ايم پي اي خواجه اظهارالحسن جو بيان ٻڌي رهيو آهيان جيڪو ان ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي نرڄائي سان چئي رهيو هو ته ڪراچي ۾ ٻين شهرن کان گهرايل پوليس وارا مقرر ڪيا ويا آهن جنهنڪري اهي مقامي ماڻهن سان زيادتيون ڪري رهيا آهن.
انهن کي لاڙڪاڻي يا جيڪب آباد ڀلي موڪليو پر ڪراچي ۾ انهن کي تعنيات نه ڪريو.اهو ان خواجه اظهارالحسن جو تعصبي ذهن ڳالهائي رهيو هو جيڪو ڪجهه سال اڳ تائين ان لنڊن واري ڀائي جو خاص خليفو هيو جنهن سنڌين خلاف پنهنجي تعصبي سياسي نظرئي سبب نه رڳو پنهنجي حلقي ۾ مقبوليت ماڻي پر ملڪ جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ پڻ مٿس اهڙو هٿ رکيو جو هو عالمي مافيا جو حصو بڻجي ويو پر سنڌين خلاف تعصب نه ڇڏيائين.لنڊن واري ڀائي کي سندس عروج واري زماني يعني نوي واري ڏهاڪي ۾ تڏهوڪي فوجي سربراهه جنرل مرزا اسلم بيگ پڻ گهڻوئي همٿايو هيو جنهن جي گواهي هاڻي بي بي سي جي هڪ پروگرام ۾ ڏيندي آفاق احمد چيو آهي ته جنهن وقت بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي تڏهن بئنڪار يونس حبيب جي گهر مرزا اسلم بيگ فوجي سربراهه جي حيثيت سان لنڊن واري ڀائي سان سندس ۽ يوسف ايڊووڪيٽ سامهون مليو هو ۽ کيس مشورو ڏنو هيائين ته هاڻي مهاجر مهاجر لفظ کي ڇڏي قومي ڌارا ۾ اچو ته لنڊن واري ڀائي کيس وراڻيو هو ايترا مالي وسيلا ناهن جنهن تان مرزا اسلم بيگ بئنڪار يونس حبيب کي اشارو ڪيو جنهن ان وقت ئي پئسن جو بندوبست ڪري گاڏي ۾ رکيا.
جنهن تعصبي جماعت کي اسٽيبلشمينٽ جي ايتري سڌي رسائي هجي ۽ نفرتون ڦهلائڻ جي کليل اجازت هجي ان جو ترجمان خواجه اظهارالحسن ته ٿي سگهي ٿو پر ملڪ جو وزيراعظم ڪيئن ٿو ان ڀڳوڙي لنڊن واري ڀائي جو ترجمان ٿئي .هڪ وزيراعظم جي حيثيت سان جڏهن هو ساڳيا جملا ورجائي ساڳي سوچ جو پرچار ڪري رهيو آهي ته ڇا سنڌي اهو سوچڻ تي حق بجانب ناهن ته هي نئون پاڪستان آهي يا آمر ضيا جي سنڌ مخالف پاليسي جو تسلسل جيڪو سنڌ اندر رهندڙ ٻن گروپن وچ ۾ تعصب جي ان سوچ کي هٿي ڏئي رهيو آهي
جنهن سوچ جو عذاب سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي سالن کان پيا ڀوڳين.اها تعصبي سوچ ئي ان سوچ جو تسلسل آهي جنهن جو پرچار رئيس امروهي ۽ اختر رضوي سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ ڀٽو دشمني تحت ايترو ڪيو جو ان وقت جي مهاجر نوجوانن ايئن ئي سمجهيو ته اسان کي ڪوٽا تي نوڪريون نه ملنديون اسان ۾ احساس محرومي آهي.ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ ان تعصبي سوچ کي اسي واري ڏهاڪي ۾ آمر جنرل ضيا جي مارشلائي ڏينهن ۾ همٿايو ضرور ويو.ان وقت جي سياسي ڪارڪنن موجب پي ايس ايف جي ڪارڪنن خلاف ته حڪومتي مشينري رڻ ٻاري ڏيندي هئي پر مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن يا اي پي ايم ايس او جي سرگرمين کي نظرانداز ڪيو ويندو هو.سياسي ڪارڪنن خلاف ان دهشت واري زماني ۾ اگر پيپلزپارٽي يا ڪميونسٽ پارٽي جا پنج ماڻهو به گڏ ٿي ڪو احتجاج ڪرڻ ويندا هئا ته ضيا جي حڪومتي مشينري حرڪت ۾ اچي ويندي هئي ۽ قلم 144 لاڳو ٿيل هوندو هو.پر انهن ئي ڏينهن ۾ اي پي ايم ايس او جا ڪارڪن مخلتف جڳهن تي ڪارنر گڏجاڻيون ڪندا هئا ته کين ڪجهه نه چيو ويندو هو.مهاجر تعصبي سوچ کي وڌيڪ ڏئي پالڻ واري پاليسي اڳتي هلي خود اسٽيبلشمينٽ کي هڪ نه پر ڪيئي دفعا ڳچي ۾ پئجي چڪي آهي پر ان جي باوجود لڳي ٿو سنڌ لاءِ سندن پاليسي اڃان تائين ان لائين تي هلي رهي آهي
جنهن لائين تي هلي هلي لنڊن واري ڀائي جي ڪاڻا ٽنڊا خوني فورس نه رڳو سوين بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو پر خود هڪ حاضر سرورس ميجر ڪليم کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پر ان جي باوجود اڃان تائين ساڳيا ڪردار ساڳين منحوس چهرن ۽ ساڳين سنڌ دشمن پاليسين سان ڇيڪ ڇڏيل آهن جو هاڻي به اهي پنهنجي حلقن ۾ تقريرون ڪندا ٿا وتن ته جيئن پاڪستان اسان ڇني ورتو تيئن هاڻي ڪراچي صوبو هنن جي وات مان ڇڪي ڪڍنداسين.اهڙن تعصب پرست ۽ سياست جي نالي ۾ نفرتون پکيڙيندڙن کي ته سنڌي ماڻهو سڃاڻي ويا آهن پر هاڻي جڏهن ملڪ جي وزيراعظم عمران خان به انهن واري ساڳي تعصبي پرچار شروع ڪئي آهي ته سنڌي ماڻهو ڇا سمجهن؟ ڇا هاڻي وزيراعظم کي به انهن جي تعصبي لسٽ ۾ شامل سمجهن يا آمر ضيا جيان انهن جو ساٿاري سمجهن.ان جو جواب پي ٽي آئي جي حامي سمورن سنڌين کي ضرور سوچڻ گهرجي ته هو نيٺ ڪهڙي ٻيڙي ۾ سوار ٿيل آهن.
اهڙي شڪايت جڏهن مون پي ٽي آئي جي هڪ سنڌي دوست سان ڪئي ته هن ڏاڍي معصوميت سان وراڻيو ته سائين خان صاحب وٽ صلاحڪارن جي ٽيم ناهي.جيڪا ٽيم اٿس اها کيس اهڙيون غلط صلاحون پئي ڏئي جو هاڻي توهان ٻڌو ته خانصاحب نيٺ چئي ڏنو ته نواز شريف کي پرڏيهه علاج واري اجازت ڏيڻ سندس غلطي هئي.ان سنڌي پي ٽي آئي جي ميمبر عمران خان جي ايتري معصوميت بيان ڪئي جو مونکي ان نوجوان جو قصو ياد اچي ويو جنهن جو والد بادشاهه هوندو هيو پر اوچتو فوت ٿي وڃڻ سبب ان بادشاهه جي پڳ کڻي سندس نوجوان يا عمران خان جهڙي معصوم نوجوان مٿان رکيائون ته هن پنهنجي صلاحڪارن کان پڇيو ڳالهه ٻڌو بادشاهي فيصلا ته پوءِ ڪبا پر پهريان ٻڌايو ته جيڪي ٻين ملڪن جا بادشاهه تعزيت ڪرڻ اچن انهن سان ڪيئن ڳالهائبو ڪو غلط سلط لفظ نڪري وڃي ته ڇا ڪجي.
جنهن تان سندس صلاحڪار به ايترا هئا جيترا عمران خان رکيا آهن انهن مان شفقت محمود جهڙي صلاحڪار کيس چيو ته سر توهان کي پرچي تي نوٽ لکي ڏيندو ويندس توهان اهي پڙهجو ته ٻين کيس ٽوڪيو ته اسان جي نئين بادشاهه جي بيعزتي ٿيندي ٻيا بادشاهه ڇا چوندا ته کيس ٻه لفظ ڳالهائن نٿا اچن.
ايئن فواد چوڌري جهڙي صلاحڪار کيس چيو ته سرڪار اشارن ۾ توهانکي سمجهايون توهان اشارن ۾ جواب ڏجو پر اها ڳالهه به ڪنهن کان هضم نه ٿي نيٺ فيصل واوڊا جهڙي صلاحڪار کيس صلاح ڏني ته سائين توهانکي ڄنگهه ۾ رسي ٿا ٻڌون اها رسي توهان جي پويان ادب ۾ اٿي بيهي مان کڻي بيهندس، جڏهن توهان ڪو غلط لفظ ڳالهائيندئو ته مان ان رسيءَ کي ڇڪ ڏيندس ته توهان سمجهي وڃجو ۽ اها ڳالهه نه دهرائجو.عمران خان جهڙي نئين ٿيل بادشاهه کي اها صلاح دل سان لڳي ۽ هن رسي ٻڌڻ جا احڪامات جاري ڪري ڇڏيا.جڏهن پهريون بادشاهه تعزيت ڪرڻ آيو ته هن خير عافيت بعد نئين بادشاهه کانئس اهو پڇيو ته بادشاهه سلامت ڏيو خبر توهان جي ملڪ تي به بادشاهنن کي ٽنگن ۾ رسا ٻڌندا آهن.جنهن تي ششدر ٿي بادشاهه پڇيو جي سرڪار توهان ڇا چيو.تيستائين فيصل واووڊا جهڙي صلاحڪار رسي کي ڇڪي ورتو ته هي ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي اٿئي ته نئين بادشاه معصوميت سان کيس چيو بس سائين رسي کي ڇڪ اچي وئي.
سو مهرباني ڪري رسي ڇڪڻ جهڙا غلط فيصلا نه ڪريو نه ئي تعصبي ٽولي جي وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي پرچار ڪريو.سنڌ جي احساسن کي دل سان محسوس ڪريو ايئن نه ٿئي جو توهانجي ان پرچار سبب پي ٽي آئي کي ڪجهه ويجهو آيل سنڌي به الوداع ڪن ۽ توهان شڪايت ڪريو ته سنڌي خبر ناهي ڇو پي ٽي آئي کي ووٽ نٿا ڪن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *