تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

وزيراعظم جي ڪراچي بابت بيان جو آئيني جائزو

ملڪ جي وزيراعظم تازوئي بيان ڏنو آهي ته “ڪراچي تي اندرون سنڌ وارن جي حڪومت آهي ان ڪري ڪراچي جون حالتون خراب آهن.” پهرين ڳالهه ته وزيراعظم صاحب جو بيان انهن سمورن بيانن بلڪه بيانيي جي ڪڙي آهي جنهن مطابق سنڌ جي ماڻهن جي باري ۾ عام طور ۽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ بيان ڪرڻ لاءِ خاص طور هڪ تعصب ڀريو نقطه نظر رکيو ويندو آهي. ٻي ڳالهه ته اهڙا بيان ملڪ جي ڪنهن به ٻئي صوبي يا علائقي جي باري ۾ نه ڏنا ويندا آهن، وزيراعظم اهڙو بيان قبائلي عمائدين کي خطاب ڪندي ڏنو، ساڳي خطاب ۾ وزيراعظم سنڌ کان شڪايت پڻ ڪئي ته اها ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل فاٽا لاءِ فنڊ نه ٿي ڏئي. هتي اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته هڪ طرف وزيراعظم کي هر علائقي جي حقِ حاڪميت ۽ وسيلن جو ايترو فڪر آهي، جو هُو سنڌ جي گادي واري شهر تي به سنڌ جي ڪنهن ٻئي ضلعي جو وزيراعليٰ برداشت نه ٿو ڪري ته ٻئي طر وري سنڌ جي عوام جي وسيلن منجهان فاٽا جي لاءِ فنڊ گهري رهيو آهي، آخر ڪهڙي کاتي ۾ سنڌ هڪ اهڙي علائقي لاءِ فنڊ ڏي جيڪو پهريان وفاق جي ماتحت هيو ۽ هاڻ ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيو آهي. يقيني طور تي قبائلي علائقن جي ضم ٿيڻ کان اڳ انهن لاءِ وفاق ۾ بجيٽ رکيل هوندي جيڪا وفاق کي هاڻي ڪي پي ڪي حڪومت جي حوالي ڪرڻ گهرجي. جڏهن هڪ علائقو وفاق کان هڪ صوبائي حڪومت حوالي ٿيو آهي ته بيا صوبا ۽ خاص طور تي سنڌ ڪهڙي حساب سان پنهنجي حصي مان فنڊ ڏين جڏهن ته سنڌ کي اڳيئي ورڇ جوڳي پول مان پنهنجو جائز حصو به نه ٿو ملي، تنهن ڪري واضح آهي ته وفاقي حڪومت جو سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جي معاملن جي باري ۾ هڪ ٻٽو معيار ۽ تعصب تي ٻڌل پاليسي آهي، جڏهن ته ملڪ جي آئين ۾ صوبائي حڪومت جي ترڪيب ۽ سندس اختيار بالڪل واضح آهن.
نمائندن طرفان منتخب ڪيل حڪومت هوندي آهي، جنهن جي اختيار جو دائرو صوبن طرفان راضپي سان وفاق حوالي ڪيل اسمن تائين محدود هوندو آهي. ساڳي طرح صوبائي حڪومت صوبي جي چونڊيل نمائندن طرفان منتخب ڪيل هوندي آهي، جيڪا وفاقي اسمن کي ڇڏي باقي سمورن اسمن تي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي آهي، جڏهن ته بلدياتي حڪومت، صوبائي حڪومت جي ماتحت هڪ صوبائي اسم آهي، جنهن کي صوبا پنهنجي قانونسازي ذريعي تشڪيل ڏيندا آهن، بلدياتي حڪومتون اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ جو هڪ صوبائي بندوبست هوندو آهي، جنهن سان وفاق جو ڪو به سڌو تعلق نه هوندو آهي. حڪومتون هلائن جو اهڙو بندوبست دنيا جي هر وفاقي جمهوري ملڪ ۾ رائج آهي. جيئن ته پاڪستان به هڪ وفاقي جمهوري ملڪ آهي ان ڪري پاڪستان جي آئين ۾ پڻ ٽنهي سطحن جي حڪومتن جي باري ۾ ساڳي ترڪيب موجود آهي. هتي اهو ٻڌائڻ پڻ لازمي آهي ته دنيا ۾ وفاقي ملڪن جو بهترين ماڊل اهڙي ملڪ کي سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ مرڪز يعني وفاق وٽ گهٽ ۾ گهٽ اختيار هجن ۽ وڌيڪ اختيار صوبن وٽ ۽ ان کان پوءِ هيٺين سطح تي منتقل ٿيل هجن. اختيارن جي ورڇ جو اهڙو بندوبست ملڪ جي آئين ۾ ٿيل هوندو آهي. اسان جي ملڪ جي آئين ۾ اهڙو بندوبست ٿيل آهي پر افسوس ته وفاقي حڪومت آئي کي هڪ پاسي رکي، هڪ طرف مختلف آئيني ادارن جهڙوڪ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ ايتري تائين جو صوبائي حڪومت جا اختيار به استعمال ڪري ٿي ته ٻئي طرف وزيراعظم جي تازي بيان وانگر صوبائي حڪومت جي آئيني ترڪيب جي ابتڙ ٻه اکيائي ۽ تعصب تي ٻڌل بيانيي هيٺ صوبن کي اکيون پڻ ڏيکاري ٿي. وڌيڪ افسوس ان ڳالهه جو ته صوبا وفاق جي اهڙن غيرآئيني عملن جي يا ته حمايت ڪن ٿا يا انهن تي خاموش رهن ٿا۔ جڏهن ته ملڪ جي آئين ۾ صوبائي حڪومت جي ترڪيب، ان جي تشڪيل ۽ ان جا اختيار بالڪل واضح نموني بيان ٿيل آهن.
صوبائي حڪومت جي آئيني ترڪيب:
ملڪ جي آئين جي چوٿين حصي جو ٽيون باب صوبائي حڪومتن جي باري ۾ آهي، ان باب ۾ موجود آرٽيڪل 129 ۾ ڏنل آهي ته صوبي جي انتظامي اختياري صوبائي حڪومت ذريعي استعمال ٿيندي، جيڪا وزيراعليٰ ۽ صوبائي وزيرن تي مشتمل هوندي. اهڙي طرح آئين جي آرٽيڪل 130 جي ذيلي شقن 3 ۽ 4 ۾ وزيراعليٰ جي چونڊ جو طريقو ڏنل آهي. جيڪو هن ريت آهي:
130(3): After the election of the speaker and the deputy speaker, the Provincial Assembly Shall, to the exclusion of any other business, proceed to elect without debate one of its members to be the chief minister.
(4) The Chief Minister Shall be elected by the votes of the majority of the total membership of the provincial Assembly.
130(3). اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کان پوءِ، صوبائي اسيمبلي ڪنهن به ٻئي ڪارروائي ۽ بحث کان سواءِ پنهنجي ميمبرن مان ڪنهن هڪ کي وزيراعليٰ چونڊيندي.
(4). وزيراعليٰ جي چونڊ صوبائي اسيمبلي جي ٽوٽل ميمبرن جي اڪثريت ذريعي ڪئي ويندي.
آئيني ترڪيب بالڪل واضح آهي ته صوبائي اسيمبلي جا اڪٽريتي ميمبر پاڻ منجهان هڪ ميمبر کي صوبي جي وزيراعليٰ طور چونڊيندا ۽ وزيراعليٰ وري صوبائي وزيرن کي مقرر ڪري صوبائي ڪابينا کي تشڪيل ڏيندو، جيڪا گڏيل طور صوبائي حڪومت سڏبي. سنڌ جي صوبائي حڪومت ملڪ جي هر ٻئي صوبي وانگر ان ئي آئيني طريقي سان چونڊي وئي آهي، آئين صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي اڪثريت کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته اهي پاڻ منجهان ڪنهن هڪ ميمبر کي وزيراعليٰ طور چونڊين. هاڻي اهو ميمبر صوبي جي ڪنهن به علائقي مان چونڊيل ٿي سگهي ٿو. ملڪ جي هر صوبي ۾ ان ئي آئيني طريقي سان صوبي جو وزيراعليٰ چونڊيو ويو آهي جيڪو پنهنجي ڪابينا وسيلي صوبي تي حڪومت ڪري رهيو آهي، ته پوءِ آخر اهو سوال ڪٿان آيو ته ڪراچي تي اندرونِ سنڌ وارا حڪومت ڪن ٿا. ڇا ڪراچي اندرونِ سنڌ نه آهي؟ ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، ان تي سموري سنڌ وانگر سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي اڪثريت پاران آئيني طريقي سان چونڊيل وزيراعليٰ ۽ ان جي ڪابينا حڪومت ڪري رهي آهي ته پوءِ آخر وزيراعظم پاران اهڙي بيان ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟
وزيراعظم جي بيان جي آئيني حيثيت:
سنڌ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 130 مطابق ڏنل طريقيڪار هيٺ چونڊيل حڪومت آهي، جيڪا آئين جي آرٽيڪل 129 تحت سنڌ جي انچ انچ مٿان پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي. سنڌ جو وزيراعليٰ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي جنهن کي ان اسيمبلي جي ميمبرن جي اڪثريت آئين مطابق چونڊيو آهي، تنهن ڪري وزيراعظم جو اهو چوڻ ته ڪراچي مٿان سنڌ جي ٻئي ڪنهن علائقي وارن جي حڪومت آهي، دراصل اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش آهي ته شايد ڪراچي مٿان سنڌ حڪومت جو اختيار نه هجڻ گهرجي! اهڙو تاثر بلڪل غلط ۽ غيرآئيني آهي، ملڪ جي ڪنهن به صوبي جو وزيراعليٰ يقيني طور تي ان صوبي جي ڪنهن هڪ علائقي سان تعلق رکندو هوندو ۽ ڪنهن هڪ تڪ تان چونڊجي آيو هوندو ۽ هُو صوبي جي سڀني علائقن سان هڪ ئي وقت تعلق نه ٿو رکي سگهي ته ان ڪري ڇا ان کي صوبي جي ٻين علائقن مٿان حڪومت ڪرڻ جو اختيار نه آهي؟ ان ساڳي منطق مطابق ڇا وزيراعظم صاحب کي، جنهن جو تعلق ميانوالي سان آهي، اسلام آباد مٿان حڪومت ڪرڻ جو ڪو اختيار يا جواز آهي؟ ڇا وزيراعظم ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي جي باري ۾ اهڙي راءِ رکي ٿو يا ڇا سڀني صوبن جا وزيراعليٰ ان صوبي جي گادي واري شهر سان تعلق رکن ٿا؟ جي نه ته انهن جي حقِ حڪمراني تي ڪو به سوال ڇو نه ٿو اٿاريو وڃي ۽ سنڌ لاءِ الڳ سوچ ۽ ٻٽو معيار ڇو آهي؟ ڏٺو اهو ويو آهي ته هڪ طرف سنڌ متعلق ڪراچي ڪاميٽي قيام، ٻيٽن تي وفاق جي ناجائز قبضي، اين ايف سي ايوارڊ جي جائز حصي جي ڪٽوتي ۽ روڪ، صوبائي اسمن تي وفاقي وزارتن جي قيام ۽ ٻيا انيڪ غيرآئيني ۽ ناجائز قدم کنيا وڃن ٿا ته ٻئي طرف هڪ زهريلو، تعصب تي ٻڌل ۽ غيرآئيني بيانيو سامهون آندو وڃي ٿو، اهڙي تعصب تي ٻڌل ۽ غيرآئيني پروپيگنڊا جا نتيجا منفي ئي نڪري سگهن ٿا. ملڪ جي هر صوبي ۽ وفاقي دارالحڪومت سميت هر جاءِ تي مسئلا آهن پر هڪ سازش طور صرف سنڌ جي مسئلن جي اپٽار ڪئي وڃي ٿي، ان کان پوءِ سنڌ جا مسئلا صرف هڪ ڊويزن ڪراچي ۾ نه آهن بلڪه سنڌ جي هر ڊويزن ۾ آهن پر واويلا صرف ڪراچي جي مسئلن جي باري ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. آخري ڳالهه اها ته مسئلن کي حل ڪرڻ صوبائي حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت ۽ بلدياتي حڪومت جي پڻ ذميواري آهي، پر اهڙي ذميواري ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ٿو ڇڪايو وڃي. اهڙي کليل تعصب جا نتيجا ملڪ لاءِ سٺا نه ٿا ٿي سگهن.
وزيراعظم ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي سندس رويي تي پوري ملڪ جي نظر هوندي آهي، ان کان علاوه ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو تي فرض آهي ته هُو ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ وقت آئين ۽ قانون کي نظر ۾ رکي ۽ ان جي پاسداري ڪري ۽ ملڪ جي عوام لاءِ هڪ مثال قائم ڪري، جيڪڏهن وزيراعظم آئين جي بندوبست ۽ ترڪيب خلاف بيان بازي ڪندو ته ملڪ جي عوام لاءِ ڪو سٺو مثال قائم نه ٿيندو.
نتيجو:
سنڌ جي حڪومت ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 130 تحت هڪ چونڊيل حڪومت آهي، جيڪا آئين جي آرٽيڪل 129 تحت سموري صوبي تي پنهنجي حڪومت هلائڻ جا آئيني اختيار رکي ٿي، تنهن ڪري ملڪ جي وزيراعظم پاران اهڙو بيان ته ڪراچي تي اندرونِ سنڌ وارن جي حڪومت آهي، دراصل غيرآئيني، تعصب تي ٻڌل ۽ سنڌ جي وحدانيت جي خلاف بيان آهي، جنهن جي وزيراعظم جهڙي اعليٰ عهدي تي ويٺل ڪنهن شخصيت کان اميد نه ٿي رکي سگهجي. تعصب تي ٻڌل اهڙي سوچ جو نقصان پَس وپيش ملڪ کي ئي ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *