Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_k4tecgid6nl82m87c850itmrqk, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
وزيراعظم صاحب! هاڻي مهانگائي جي جن تي به ضابطو اچڻ گهرجي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar وزيراعظم صاحب! هاڻي مهانگائي جي جن تي به ضابطو اچڻ گهرجي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

وزيراعظم صاحب! هاڻي مهانگائي جي جن تي به ضابطو اچڻ گهرجي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪيمرا مين مائيڪ پڪڙي ماڻهن کان پڇندا آهن ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان يا وري مهانگائي جا انگ اکر ڏيکاري ۽ پوءِ سوال ڪندا آهن ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان، بدقسمتي سان اهي ماڻهو نئين پاڪستان کي ڏکيائين سان ڳنڍَي رهيا آهن. وزيراعظم صاحب ڪيمرا جيڪڏهن ملڪ جا مسئلا ڏيکاري رهي آهي ۽ عوام کان سوال ڪري رهي آهي ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان ۽ رياست مدينه ته اهو ان ڪيمرا جو نه رڳو فرض آهي پر پروفيشنل ذميواري به آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪيمرا سماج جي اک نٿي بڻجي سگهي ته پوءِ ان کي شڪليون ڏيکارڻ جو ڪوبه حق ناهي.اوهان جي حڪومت پنهنجا ٻه سال پورا ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي ٽئين سال جا مزا ماڻي رهي آهي پر عوام جيڪو ٻه سال اڳ هو اهو اڄ بدتر صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي اٽو جيڪو ٻه سال اڳ 40 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو هو اهو اڄ 65 ۽ 70 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي پٽاٽا جيڪي ٻه سال اڳ 20 رپيا ڪلو ملندا هئا اهي اڄ 50 کان 60 رپيا ڪلو وڪامي رهيا آهن دالين جا اگهه جيڪي ٻه سال اڳ 130 کان 160 رپين تائين مقرر ٿيل ها اهي اڄ 220 کان 260 رپيا في ڪلو ٿي ويا آهن، هي سڀ اهي شيون آهن جيڪي هڪ عام ماڻهو استعمال ڪندو آهي جڏهن ته کنڊ، چانهه جي پتي، کاڄرو تيل، بجلي، پيٽرول، دوائن سميت ڪابه اهڙي شي ناهي جيڪا اڄ ٻه سال اڳ واري اگهه کان گهٽ يا معمولي واڌ سان وڪرو ٿيندي هجي ان جي موٽ ۾ عوام کي نه نوڪريون مليون آهن نه روزگار جي ڪي وڌيڪ وسيلا مليا آهن ويتر ڪورونا ۽ هاڻي برساتن سندس چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.
ڪنهن به ملڪ ۾ رهندڙ عوام جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو خيال رکڻ ان ملڪ جي حڪمرانن ذمي هوندو آهي اهي حڪمران وسيلا پيدا ڪري ڏيندا آهن يا وري وقت ۽ حالتن آهر شين کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکندا آهن پر گذريل ٻن سالن جي تجربي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي نه حڪمراني آهي ۽ نه ئي ان جو شين تي ڪو ضابطو آهي مافيائون جنهن مهل چاهين ٿيون کنڊ جو اگهه چوٽ چڙهي وڃي ٿو، جنهن مهل انهن کي خيال اچي ٿو ته ڪڻڪ غائب ٿيو وڃي ۽ ان جي نتيجي ۾ اٽي جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ٿو، مافيائون جڏهن طئي ڪن ٿيون ته دوائن جا اگهه وڌي وڃن ٿا ۽ حڪومت انهن جو وار به ونگو نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن اهو ئي نئون پاڪستان ته پوءِ ڪيمرا جي اک بلڪل صحيح منظر ڏيکاري رهي آهي.وزيراعظم صاحب! اوهان کي ياد ڏياريون ٿا ته 2018 جي چونڊن واري مهم دوران اوهان جنهن نئين پاڪستان جي منظر ڪشي ڪئي هئي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ حق غريب عوام کي ملڻا هئا، غريبن کي اجها ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، نوجوانن کي نوڪريون ملڻيون هيون، روزگار جا نوان وسيلا پيدا ٿيئڻا هئا، مهانگائي تي ضابطو آڻڻو هو، مافيائن مان جان آجي ڪرائڻي هئي، ڪشڪول ٽوڙڻو هو پر انهن سڀني واعدن مان ڪو هڪ واعدو به وفا نه ٿيو آهي، جيڪڏهن اوهان اڃا به بضد آهيو ته اوهان نئون پاڪستان ٺاهيو آهي ته پوءِ اهو واقعي به عوام کي نظر نٿو اچي. جنهن پاڪستان ۾ اسين رهون پيا ان پاڪستان ۾ غريب عوام لاءِ هاڻي ٻه ويلا ماني کائڻ به ڏکي ٿي پئي آهي. ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون واري معاملي تي به اوهان جو گهڻو زور ملڪ جي ان 25 سيڪڙو عوام ڏانهن هو جيڪو غربت جي لڪير کان هيٺ گذاري رهيو آهي اهو 25 سيڪڙو عوام ته ٺهيو پر اڄ جو هيٺيون وچون ڪلاس به وڏي مشڪل ۾ گذاري رهيو آهي، جڏهن ته اوهان جي 2 سالن واري ڪارڪردگي ٻڙي + ٻڙي آهي انڪري مهرباني ڪري پنهنجن پراڻن ڪيل واعدن تي ٿورو غور ضرور ڪيو ته اوهان کي به اوهان جو ٺاهيل پاڪستان نظر اچي ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان جي معيشت باقي دنيا جي معيشت وانگر ڪورونا جهڙي عذاب کي ڀوڳڻ بعد کوکلي ٿي چڪي آهي پر حڪومت کي گهرجي ته هاڻي ٻه سال گذري چڪا آهن ۽ ٽئين سال ۾ نه رڳو حڪمراني نظر اچڻ گهرجي پر عوام جا مسئلا به حل ٿيڻ گهرجن ۽ مهانگائي واري جن تي به ضابطو اچڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *