تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

وزيراعظم کي نوٽيس ،صورتحال ڪٿي بيهندي ؟

هونئن ته گهڻي عرصي کان ملڪ جون عدالتون خاص طور سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ, ججن جي ريمارڪس ۽ انهن جي فيصلن سبب خبرن جو مرڪز رهنديون اچن ٿيون، وزير اعظم هجن يا وري وزير سڀني کي خاص طور عدالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
تازو سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ هڪ وڏي خبر سامهون آئي، جنهن جي اسان کي اميد نه هئي پر اوچتو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ وزير اعظم عمران خان کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيو.
ٿيو هيئن هيو جو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي عدالت ۾ هڪ ملڪيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ان ۾ پنجاب جو ايڊووڪيٽ جنرل احمد اويس نجي وڪيل جي حيثيت سان پيش ٿيڻو هيو، ڇاڪاڻ جو جڏهن هن ڪيس ڪلائينٽ کان ورتو هيو ته هو ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب نه هو پر جڏهن هو سرڪاري عهدي تي فائز ٿيو ته رولز مطابق نجي ڪيس ۾ پيش نه ٿي سگهندو هيو ان ڪري هن ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ايڊيشنل اٽارني جنرل قاسم چوهاڻ ذريعي موڪلي. جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کليل لفظن ۾ آبزرو يشن ڏني ته وڪيل صاحب هن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي ڪوشش نٿو ڪري پر هڪ سياسي پارٽي جي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪري ٿو. جج جا اهڙا ريمارڪس جاري هئا ته عدالت ۾ موجود سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدار سيد رفاقت شاهه جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ ايڊوڪيٽ آن ريڪارڊ آهي ان ٻرندي تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪيو ۽ چيو ته پي ٽي آئي جي وڪيلن جي فنڪشن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل ۽ وزير اعظم کي نه وڃڻ گهرجي ها پر هنن وڃي اهو تاثر ڏنو ته اھي هو هڪ سياسي جماعت جي حمايت ڪن ٿا. قانون مطابق وزيراعظم کي به ان تقريب ۾ نه وڃڻ گهرجي ها. جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزير اعظم ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا هڪ فرد جو وزيراعظم ناهي، سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڪنوينشن سينٽر ۾ تقريب ڪيئن ٿي؟ ان جو خرچ ڪنهن برداشت ڪيو.؟ وزير اعظم کي پنهنجي عهدي کي غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي. عدالت ان سموري معاملي تي بار جي نمائندن سميت اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ نوٽيس جاري ڪندي رجسٽرار آفيس کي هدايت ڪئي ته هو ان معاملي کي ڌار سان نمبر الاٽ ڪري معاملي کي چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو وڃي ته جيئن ڪنهن ٻئي بينچ ۾ لڳايو وڃي.
اهو ته هو ڪيس جي ٻڌڻي جو حوال، پر ان سموري ڪارروائي ڏانهن ڌيان ڏجي ته گهڻا سوال پيدا ٿين ٿا ته ڇا ايڊووڪيٽ جنرل کي اهڙي تقريب ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ڇا وزير اعظم ان تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو.؟ ڪيترن ئي آئين جي ماهرن جو خيال آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل وڪيلن جي تقريب ۾ وڃي سگهي ٿو باقي ڪنهن نجي تقريب ۾ شرڪت ان جي عهدي کي نٿي سونهين. باقي وزير اعظم جي وڃڻ تي ڪجهه حد تائين اخلاقي پابنديون لاڳو ٿين ٿيون. ان حوالي سان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جون آبزرو يشن وزن رکن ٿيون.عدالت ۾ ٿيل ان پيشي کان پوءِ اٽارني جنرل آفيس جي هڪ سينيئر وڪيل سان ملاقات ڪئي جنهن عدالتي ڪارروائي تي تبصرو ڪندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل آفيس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي هاڻي ايندڙ ٻڌڻي تي اسان سان جيڪو ڪجهه ٿيڻو آهي اهو اسان سمجهون ٿا، پر پوءِ به عدالت جي احترام ۾ حڪومت جو موقف پيش ڪنداسين. ٻئي طرف وزير اعظم کي نوٽيس ملڻ کان پوءِ وزير اعظم جي سربراهي ۾ ڌار ۽ قانون واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڌار سان اجلاس ٿيا جن ۾ عدالتي حڪم کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته وزير اعظم جو دفاع ڪيو ويندو.
ان سموري صورتحال کي ڏسجي ته حڪومتي ڌر منجهه شديد پريشاني پيدا ٿي آهي ته جنهن جج نوٽيس ورتو آهي اهو پهريان کان وزير اعظم ۽ قانون واري وفاقي وزير کي صدارتي ريفرنس سبب چڳو ناهي سمجهندو ان ڪري عدالتي ڪارروائي سبب وزير اعظم کي نقصان پهچي سگهي ٿو.ان بابت وڪيلن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪنوينشن سينٽر ۾ پروگرام لاءِ وقت کان پهريان بڪنگ جي رقم جو ثبوت پيش نه ڪيو ته اهو عمل وزير اعظم کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. اسان به عمومي طور ڏٺو آهي ته ڪنوينشن سينٽر ۾ اڪثر طور سرڪاري سطح جي تقريبن جو بل ادا ته ڪيو ويندو آهي پر دير سان. هن تقريب ۾ ايئن ئي ٿيو آهي ان جي تصديق ڪندي ڪنوينشن سينٽر جي انتظاميا ڪجهه صحافي دوستن کي ٻڌايو آهي ته تقريب جو بل عدالت جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ادا ڪيو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن اهو موقف عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ته ان جو نقصان بحر حال وزير اعظم کي پوندو ، جڏهن ته ڪجهه حڪومتي ڌر سان تعلق رکندڙ وڪيلن جو موقف آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ان نوٽيس خلاف وزيراعظم جو مڪمل دفاع ڪيو ويندو ۽ کيس اهو به ياد ڏياريو ويندو هو سپريم ڪورٽ کي رپورٽ ڪندڙن صحافين جي تنظيم پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي چونڊيل عهديدارن کي حلف ڇو کڻايو، ڇا صحافين کي هڪ جج حلف کڻائي سگهي ٿو، اهو عمل جسٽس قاضي فائز عيسي جي نظر ۾ غلط ناهي ته ملڪ جي وزير اعظم جو وڪيلن جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ غلط عمل ناهي ۽ سندس کنيل حلف جي به خلاف ورزي ناهي.هڪ سول نوعيت جي ڪيس ۾ پيدا ٿيل صورتحال ڪجهه عجيب منظر پيش ڪري رهي آهي، ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال اٿاري رهي آهي ته ڇا جسٽس قاضي فائزعيسيٰ کي اهڙو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، ان ڪيس ۾ اوچتو سپريم ڪورٽ بار جي عهديدار جو اچڻ، ان جي ڳالهائڻ تي به بحث ٿي رهيا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽيس حڪومتي ڌر مٿان عدم اطمينان ظاهر ڪري ٿو، اھڙي عمل سان مستقبل ۾ وڌيڪ ٽڪراءُ پيدا ٿي سگهن ٿا.مستقبل ۾ لڳي ايئن ٿو اها اکٻوٽ واري راند هلندي رهندي جيستائين عام چونڊون نٿيون اچن ۽ عبوري حڪومت نه ٿي اچي، اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ چيف جسٽس به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هوندو، هڪ جج جيڪو چيف جسٽس اڃان ناهي ٿيو اهو چيف جسٽس ٿيڻ کان پوءِ قانون جي عملداري لاءِ ڪيتري حد تائين وڃي سگهي ٿو اهو وقت ٻڌائيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *