تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

وزيران قتل : سينوارجي ويل سماج لاءِ سوال

“امان او امان” جو سڏ شايد انسان جي زندگيءَ جو پهريون ۽ آخري سڏ هوندو آهي. جڏهن ٻار ٻاتن ٻولن ۾ ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي ته ان جي زبان مان نڪتل پهريون چٽو لفظ به امان ئي هوندو آهي ۽ جڏهن هو موت ڏانهن ويندي ساهه جي ٽٽل هڏڪي سان آخري سفر ڪندو آهي تڏهن به ان کي “امان” جو لفظ ئي سڪون سان مرڻ جي آٿت ڏيندو آهي.
انساني تهذيب جي اوائلي دور ۾ عورت ۽ مرد جي وچ ۾ ڪو اختيارن تي ٽڪراءُ نه هو، عورت ان دور ۾ ٻار به گهٽ پيدا ڪندي هئي. خانه بدوشي جي زندگيءَ ۾ ڊگھن سفرن ۾ ٻارن کي سنڀالڻ انتهائي اوکو ڪم هو، قديم آثارن جا ماهر پنهنجي تحقيق سان ثابت ڪن ٿا ته زائفائن ئي کيتي ٻاڙي جي ڪم جو رواج وڌو، چهنبدار ڪاٺي سان نرم زمين ۾ ليڪا ڪڍي ٻڄ ڇٽي فصل پوکڻ جو رواج زائفائن جي ذهنن ۽ پورهئي جو نتيجو آهي ، اناج کي ڀنڊارن ۾ سنڀالي محفوظ رکڻ جو سليقي وارو ڪم به زائفائن جي حصي ۾ اچي ٿو، اڳتي هلي ڪپهه مان ڪپڙو ٺاهڻ جو ڪم به زائفان جي تخليقي صلاحيتن جو نتيجو ثابت ٿيو جنھن ڪري اگهاڙو انسان، پنهنجي اوگهڙ کي ڪپڙي سان ڍڪي هلڻ سکيو، ٿانون ٺاهڻ ۾ به عورتن مردن جي مدد ڪئي، انسان جڏهن هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي ويهڻ لاءِ سوچڻ لڳو ته گهر ٺاهڻ جو تصور به عورت ڏنو.
اوائلي دور ۾ جڏهن انسان اڃان قدرتي آفتن سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه گڏ ڪري رهيو هو ان دور ۾ (ديوين) جي ئي پوڄا ڪئي ويندي هئي. اهي ديويون عورت جي ئي شڪل جون هنيون.
سنڌ جي تهذيب ته ( ديوين) عورتن جي پوڄا ڪرڻ ۾ باقي دنيا کان اڳڀري هئي.
هڪ هزار پنج سو قبل مسيح ۾ جڏهن آريا سنڌ ۾ آيا ته پاڻ سان گڏ مرد( ديوتا) کڻي آيا. ان کان اڳ سنڌ ۾ فقط عورت ديوين جي ئي پوڄا ٿيندي هئي. آرين جي دور ۾ به مرد (ديوتائن) سان گڏ عورت( ديوين) جي پوڄا ٿيندي رهي.
جڏهن رياست جو وجود پيو ۽ پدر شاهي نظام جي تقويت لاءِ قانون سازي ڪئي وئي ته ، عورت جا اختيار محدود ڪيا ويا.
اها عورت جيڪا اوائلي دور ۾ آزاد ۽ بااختيار هئي ۽ تهذيبن جي تخليق ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهي هئي سا عورت رياست جي دلفريب نالي جي قيد ۾، گڏيل خاندان ۽ گهر جي محفوظ ڇت هيٺان غلاماڻي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويئي.انهي دور ۾ عورت منظم نموني سان جنسي تسڪين جي ڪاروبار توڙي جنگي هٿيار طور استعمال ٿيڻ شروع ٿي، مرد جڏهن به چاهيو ته ان عورت کي نه صرف پنهنجي جنسي تسڪين لاءِ استعمال ڪيو پر ذاتي ملڪيت سمجهي ان کي وڪرو به ڪيو .
جنگين جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، عالمي تاريخ جي صفحن ۾ اسان کي پورو هڪ باب “ريپ جي تاريخ” جي نالي سان پڙهڻ لاءِ ملي ٿو ريپ جي تاريخ ۾ زائفائن بابت ڪيترائي دل ڏاريندڙ قصا ڪهاڻيون ملن ٿيون. عورتن سان ريپ ڪرڻ جو عمل جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو هو.
عورتن سان ريپ جي تاريخ بابت اسان جي ملڪ جي تاريخ به ڪا چڱي ناهي. 1971ع ۾ بنگلاديش ٺهڻ واري عرصي دروان لکين عورتن سان ريپ ڪرڻ واري الزام کان اسان جا ڍول سپاهي به آجا ناهن.
ان سلسلي ۾ “چلڊرين آف وار” فلم، ۽ رسول بخش پليجي جو مرتب ڪيل ڪتاب “جيڪي بنگال سان ٿيو.” تاريخي شاهدي ڏيڻ جي لاءِ ڪافي آهي.
هالي ووڊ اداڪارا اينجلينا جولي هاڻي نئون انڪشاف ڪندي چيو آهي ته دنيا ۾ وڌ کان وڌ عورتن سان ريپ فوج ۽ سياست جي شعبي ۾ ٿين ٿا. جڏهن ته دنيا جي ساک واري اداري بي بي سي جو چوڻ آهي ته هن وقت بنگلاديش ۾ پناهه لاءِ ويندڙ روهنيگا عورتن ۽ ڪانگو جي عورتن سان ويڙهاڪن پاران روز ريپ ٿي رهيا آهن. هاڻي جڏهن سياست ۽ فوج جا ادارا به عورت لاءِ محفوظ نه هجن ته سمجهي وٺڻ گهرجي ته عورت ڪٿي به محفوظ ناهي.
اسان جا حال ته اڃان به دنيا کان وڌيڪ خراب آهن پاڪستان عورتن جي حقن واري معاملن ۾ ڪڏهن به ڪا سنجيده پيش رفت ناهي ڪئي رڳو ٻه سال اڳ پاڪستان ۾ عورتن جي برابري بابت“ گلوبل جينڊر ميپ” رپورٽ 2018ع ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستان عورتن جي برابري جي معاملي ۾ فقط يمن کان اڳيان آهي ايئن پاڪستان 149 ملڪن جي لسٽ ۾ 148 نمبر تي رکيو ويو آهي عورتن جي برابري جو قانون ملڪ ۾ نه هجڻ برابر آهي.
سنڌ ته اڃان صنفي برابري لاءِ صديون پوئتي بيٺل آهي، شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي هڪ سروي رپورٽ مطابق سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليمي نصاب ۾ عورت جو ڪردار گهر تائين ڄاڻي واڻي محدود رکيو ويو آهي. عورت بابت گهر جو ڪم ڪار، ٻار سنڀالڻ ۽ مردن کي پاڻي پيارڻ جهڙا سبق اوهان کي پرائمري کان سيڪنڊري تائين تعليمي نصاب ۾ ملندا. جڏهن ته مرد باقي سمورن ڪمن ڪارين ۽ ملڪيت جو مالڪ ملندو.
سنڌ ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جون شاديون، پيسن تي عورتن جي خريداري ۽ بدي جي مائٽين جو رواج عام جام آهي. بدي جي مائٽيءَ ۾ هڪ عورت ڪنهن مرد کي ڏيئي ٻئي عورت شادي لاءِ ورتي ويندي آهي ان رشتي ۾ ٻنهي پاسن کان عورت جي مرضي شامل نه هوندي آهي پدر شاهي نظام ۾ عورت مرد جي ايئن ئي ملڪيت تصور ڪئي وڃي ٿي جيئن ٻڪري، ڍڳي يا رڍ کي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مرد عورت جي جسم توڙي کڄندڙ هر ساهه تي پنهنجو حق سمجهي ٿو.
سنڌ ۾ عورت جي حيثيت آمريڪي نيگرو جان فلوئڊا جهڙي به ناهي جنهن جي موت تي ڪي ستل سماج جاڳي پون، هتي ته سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ پٿر هڻي قتل ڪيل وزيران ڇڇر جي موت تي به مشڪل سان ڪا رڙ اٿي ٿي ته مقامي وڏيرا ان ظلم جي خلاف دانهن ڪندڙ ماڻهن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ۾ دير نٿا ڪن. هنن وڏيرن کي ڀلا ڪير سمجهائي ته هي پٿر جي ڳري ڇپ هڻي اوهان هڪ وزيران جو چهرو مسخ ناهي ڪيو پر اوهان ماضيءَ جي ان مهذب سنڌ جي چهري کي پٿرن سان چٿيو آهي جنھن مهذب سنڌ ۾ (ديوين) جي پوڄا ٿيندي هئي اوهان جنھن غيرت جو نالو وٺي بدنامي جو بهانو ڪري ڳوٺ جي نوجوانن کي خاموشي اختيار ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهيو اها غيرت جي نالي تي انساني حقن جي هن ايڪويهين صديءَ جي تبديل ٿيندڙ سنڌ مٿان اوهان پنهنجي مدي خارج سوچ جي ڪارنهن ملڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هاڻي جڏهن پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ واضح ٿي ويو آهي ته وزيران کي لٺين سان تشدد ڪري وڏا پٿر هڻي قتل ڪيو ويو آهي۽ وزيران جي پيٽ ۾ اٺن هفتن جو ٻار به هو وزيران جي بي رحماڻي قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ لاءِ وزيران کي انڊس هاءِ وي تي ان خيال سان اڇلايو ويو ته ان جي لاش مٿان انڊس هاءِ وي تان گذرندڙ هيوي ٽريفڪ جو درياهه گذري ويندو ۽ وزيران بابت چيو ويندو ته هو مرڪڻي ڇوڪري جيڪا سدائين پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏي ڳچيءَ سان ڪنڌ اونچو ڪري هلندي هئي جنھن کي پنهنجي شرافت تي ناز هو سا دماغي توازن درست نه هئڻ ڪري پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ويٺي.
ان وزيران سان انصاف لاءِ ملڪي ادارا شايد ان ڪري ئي خاموش آهن جو اهو ڳوٺ وزير اعليٰ سنڌ جي تڪ ۾ اچي ٿو ۽ ڳوٺ جون پولنگ اسٽيشنون مقامي وڏيرا روايتي سياسي تگڙم بازي سان کٽي وٺن ٿا. اسان جي پوليس روايتي جانچ جي دائري کان ٻاهر ان ڪري به نه نڪري سگهندي آهي ڇاڪاڻ ان جانچ جي نالي ۾ پوليس ٻڌي ڇوڙي جو ڪاروبار به ڪندي آهي ته مقامي وڏيرن جي ذريعي قاتلن کان مرضيءَ جي رقم وٺي ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي ايترا جهول ڇڏيندي آهي جو اڳتي هلي عدالتن مان مجرم باعزت بري ٿي ويندا آهن.
اوهان الائجي وزيران جي موت تي پنهنجي اندر ۾ ماتم ٿيندي محسوس ڪيو الائي نه پر مان هر گهڙي جڏهن وزيران جي موت بابت تصور ڪيان ٿو هن کي جڏهن اڌ رات جو گهري ننڊ مان اٿاريو ويو هوندو ان وقت هوءَ پنهنجي پيٽ ۾ پيل ٻار جو سپنو ڏسي رهي هوندي، هن ڏٺو پئي ته هن کي گهڻي وقت کان پوءِ سڪي پني ٻار ڄائو آهي اهو وڏو ٿيو آهي ان گهر جي اڱڻ تي بانبڙا پائڻ شروع ڪيا آهن هن پهريون لفظ“ امان” چيو آهي، هن ڊوڙي وڃي ان کي ڀاڪر ۾ کنيو آهي هي مرڪي پئي آهي.
ان ئي ويل ان کي چوٽيءَ مان وٺي طاقتور هٿن ڇڪيو هوندو هن جي واتان بي خودي مان رڙ نڪتي هوندي “امان او امان” هن کي لٺين سان ڪٽيو ويو هوندو هن جي جسم کي چير ڏنا ويا هوندا هن جي چهري کي جڏهن زور سان ڳري پٿر جي ڇپ سان چٿيو ويو هوندو ته ڇا هن ساھه جي ٽٽندڙ سڳي سان گڏ آخري ڀيرو پنهنجي جيجل ماءُ کي خشڪ نڙي سان سڏ ڪري نه چيو هوندو،“ امان او امان” ڏس هي مون بي گناھه کي مارين پيا.
او امان هي ڏس بدي جي مائٽي ڪيڏي نه بڇڙي رسم آهي.
هن آخري ساهه کنيو هوندو ۽ هن جي نڙي مان نڪتل آخري لفظ “امان او امان……. ” اڌ ۾ رهجي ويو ھوندو.
مونکي خبر ناهي ته“ وزيران جو موت اهو ڪک ثابت ٿيندو الائي نه جيڪو اٺ جي چيلهه ڀڄي سگهي” پر ڪوڙي غيرت، بدي جي مائٽي ۽ عورتن تي ٿيندڙ گهريلو تشدد بابت سنڌ جي سينوارجي ويل سماج ۾ سوالن جا پٿر ضرور اڇلائي ويندو. سچ اهو آھي ته جيڪڏهن وزيران جي بي رحماڻي قتل کانپوءِ به اسان جي سوچ ۾ عورتن بابت ڪا تبديلي نه آئي ته اها هن دور جي“گريٽ ٽريجڊي” هوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *