تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

وسري ويل ٻوڏ متاثر ماڻهن جي سار لهو

برساتن کي گذريئي هفتن جا هفتا ٿي ويا،وزير مشير ۽ اڳواڻ ڪجهه علائقن جا دورا ڪري وڃي پنهنجي ٻين خفن کي لڳا ۽ حڪومتي مشينري کان اهي ماڻهو وسري ويا جيڪي اڃان تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن،جيڪي گهر ڊهڻ سبب روڊ رستن ۽ ڀٽن تي ويٺا آهن ۽ جن جو سڀ ڪجهه لڙهي ۽ ٻڏي وڃڻ کانپوءِ وٽن هڪ ويلي جي کائڻ جيترو به نه بچيو آهي،پر نه ڪير هاڻ انهن وٽ وڃي ٿو ،نه ضلعي انتظاميا انهن جي سار لهي ٿي نه ئي ڪو وزير مشير اچن ٿا نه ڪير انهن جو حال ڀائي ٿئي ٿو ،چوڌاري پاڻي ۾ گهيريل اهي ماڻهو بي واها ۽ ننڌڻڪا ٿي پنهنجي زندگي جا اهي ڏکيا ڏينهن گذاري رهيا آهن. مهينو کن اڳ پيل برساتن سڄي سنڌ ۾ شهري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي پر ڪجهه شهرن ۾ اها صورتحال تيستائين هئي جيستائين بارشون وسي رهيون هيون پر ڪجهه علائقا اهڙا آهن جيڪي بارشون بند ٿيڻ کانپوءِ به سم نالن کي لڳل گهارن سبب اڄ به ٻوڏ واري حالت ۾ آهن، نه ئي انهن سم نالن کي لڳل گهارا بند ٿي سگهيا آهن نه ئي پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب ماڻهن جي انهي پاڻي مان جند آجي ٿي سگهي آهي ،ماڻهن جا فصل ته لڙهي تباهه ٿي ويا پر اڃان تائين پاڻي بيهڻ ڪري انهن کي ايندڙ فصل پوکڻ جو به آسرو ناهي. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ضلعو ميرپورخاص آهي جنهن جي 23.5 سيڪڙو ايراضي اڃان تائين پاڻي هيٺ آهي جڏهن ته عمرڪوٽ ضلعي جي 12 سيڪڙو ،سانگهڙ ۽ بدين جي ايراضي 7 ،7 سيڪڙو ۽ٿر جي ڪلوئي تعلقي جي 37 سيڪڙو ايراضي پاڻي ۾ ٻڏل آهي،انهي سڄي ايراضي جو پاڻي ڍورو پراڻ ذريعي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي پر گنجائش کان وڌيڪ پاڻي هجڻ ڪري اهو پراڻ ابتو وهي رهيو آهي جنهن ڪري اهو پاڻي سڪڻ تائين ان جي نيڪال جو ٻيو ڪو وسيلو ناهي،جڏهن ته ايل بي او ڊي جي گنجائش 4900 ڪيوسڪ هئي جنهن مان 12000 ڪيوسڪ پاڻي وهايو ويو جنهن ڪري ان کي هنڌان هنڌان گهارا پئجي ويا جيڪي اڃان تائين بند نه ٿي سگهيا آهن ۽ انتظاميا ڪي ڪوششون ڪرڻ بدران هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي ۽ عوام انهي تڪليف کي ڀوڳي رهيو آهي. ٻوڏ هيٺ آيل اهي ماڻهو ڪنهن هڪ مسئلي کي منهن نه ڏئي رهيا آهن پر هر روز نئون مسئلو انهن لاءِ پيدا ٿي رهيو آهي،پهريون مسئلو ته ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ جو آهي،ڇو ته ٻڏي ويل ماڻهن جي اڪثريت انهن هارين جي آهي جن جو ان داڻو ۽ چوپايو مال برساتن ۽ ٻوڏ ۾ لڙهي ويو،مٿان وري پاڻي بيهڻ ۽ مڇرن جي ڪري بيمارين اچي منهن ڪڍيو آهي،جڏهن ته ماڻهن لاءِ ڪو روزگار جو وسيلو ئي نه بچيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته ماڻهو رڳو برسات دوران تڪليف ۾ نه هيا پر انهن جي تڪليف هاڻي به انهي برسات وسڻ کان به وڌيڪ آهي ڇو ته چوطرف گندو پاڻي بيهڻ ڪري بدبوءِ ۾ انهن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي تنهن ڪري حڪومت فوري طور وساري ويٺل ٻوڏ متاثرن جي معاملي تي ڌيان ڏئي ۽ ڄاڻايل ضلعن جي انتظاميائن کي متحرڪ ڪري ته انهن جي کاڌ خوراڪ پهچائڻ واري ڪم کي شروع ڪن ۽ميڊيڪل ۽ وٽرنري جون ٽيمون موڪلي ماڻهن جي پنهنجي جان ۽ انهن جي چوپائي مال کي بيمارين کان بچائين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *