Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9t2miq61in7eifpsl7gb3s4qge, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
وسيلن سان مالامال ملڪ جا غريب ماڻهو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar وسيلن سان مالامال ملڪ جا غريب ماڻهو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

وسيلن سان مالامال ملڪ جا غريب ماڻهو

آمريڪي دانشور مائيڪل پيرنٽي جي هڪ تقرير آهي ته سڄي دنيا ۾ اسرندڙ ملڪن ۾ اڪثر ملڪ غريب نه آهن، پر هو ضرورت کان وڌيڪ استحصال جو شڪار آهن. دنيا جي سرمائيدارن کي مخاطب ٿيندي هو چوي ٿو ته اوهان غريب ملڪن ۾ نه ٿا وڃو بلڪه اهڙن ملڪن ۾ ويندا آهيون جيڪي وسيلن سان مالا مال آهن. هن فلپائن، برازيل، ميڪسيڪو ۽ چلي جو حوالو ڏنو ته اهي ملڪ ڇو ته غريب ٿي سگهن ٿا، جڏهن انهن وٽ بي انتها معدنيات آهي، مختلف قسم جا ڌاتو آهن، ڪاٺيون آهن، وغيره، اهي غريب ڪيئن ٿا ٿي سگهن، انهن جو مسئلو صرف اهو آهي ته هو ضرورت کا وڌيڪ استحصال جو شڪار آهن، پيرنٽي آمريڪي دانشور آهي، هو تجزيه ڪار آهي، هو سياست تي لکندو آهي، ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آهي. انهي جي تقرير جو ٽڪرو ٻڌڻ کان پوءِ مان پنهنجي ملڪ پاڪستان جي باري ۾ سوچڻ لڳس ته ڇا پاڪستان واقعي هڪ غريب ملڪ آهي، جنهن جو عوام ضروري وسيلن کان به محروم آهي، کائڻ لاءِ به ڪجهه ناهي، مٿي تي ڇت ناهي، پائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ جوتا ناهن، ٻارن کي تعليم ڏياري نه ٿا سگهن. علاج به نٿا ڪرائي سگهن. ڪنهن به قسم جو سماجي تحفظ ناهي هوندو، حد ته اها ته سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ نانگ ۽ ڪتي جي چڪيل کي علاج لاءِ وياج تي پئسا وٺڻا پوندا آهن. ڇا واقعي اهي غريب ماڻهو آهن يا انهن کي غريب رکيو ويو آهي، انهن ملڪن جا وسيلا ئي استحصال جو شڪار ناهن بلڪه هو پاڻ به خراب ترين استحصال جو شڪار آهن.
انهي ڪري انهن جي حالت اهڙي آهي جو انهن تي ترس ايندو آهي، انهن جي اها حالت بهتر ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، اهو ڪهڙو سبب آهي، جو حڪومتون ناڪام ٿين ٿيون، هر سياسي جماعت جو اهو نعرو هوندو آهي ته اها غربت گهٽائيندي، هر حڪومت اهو ئي چوندي آهي، ته اسان اهڙيون اسڪيمون ڏينداسين جنهن سان غربت ۾ گهٽتائي ايندي، اسڪيمون ڇا هونديون آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رڳو ٻه هزار رپيا ، احساس پروگرام تحت ڪورونا وائرس جي شروعاتي ڏينهن ۾ صرف 12 هزار روپيا. ڪنهن چيو ته پئسا ڏئي ڇڏيو؟ اوهان اهڙو انتظام ڇو نٿا ڪيو جو وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ٿئي ۽ غريبن کي انهن جو حق ملي پر حڪمران رڳو عارضي حل تلاش ڪندا آهن، ۽ پنهنجو وقت گذاريندا آهن ، چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻو هجي ته نوان واعدا ڪيا ويندا آهن، ماڻهو به ڏٽي ۾ اچي ويندا آهن.
پهرين پاڪستان جي وسيلن تي ته نظر وجهو، خيبر پختونخوا ۾ اهڙيون کاڻيون موجود آهن. جتي هيرا ۽ قيمتي پٿر، تائين موجود آهن، ڪوئلي جا ذخير آهن، مختلف نمونن جو سنگ مرمر موجود آهي ، مختلف قسمن جا ميوا آهن، بلوچستان ۾ سنگ مرمر جا ذخيرا ، ليٿيم وڏي مقدار ۾ موجود آهي، ليٿيم مختلف قسمن جي بيٽرين خاص ڪري موبائيل بيٽري ۾ ڪم ايندي آهي، ٽامو، سون، جست جا ذخيرا موجود آهن، مختلف نمونن جا ميوا ۽ فروٽ پيدا ٿين ٿا، سنڌ ۾ ٿرپارڪر ۾ چائنا ڪلي آهي، ڪارونجهر جا ٽڪر آهن، جن مان گرينائيٽ ڪڍيو ويندو آهي، لوبان جا وڻ موجود آهن.تيل ۽ گئس جا ذخيرا موجود آهن، ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن، وڏي مقدار ۾ پاڻي آهي، جنهن سان زراعت ڪئي وڃي ٿي. وڏا ٻيلا آهن جتي وڻ لڳايا وڃن ٿا، جابلو سلسلن ۾ وڏي تعداد ۾ پٿر موجود آهن. پنجاب ۾ زير زمين مٺو پاڻي موجود آهي، تيل ۽ گئس جا ذخيرا آهن، مختلف جنسن، هر طرح جا فصل ۽ ميوا ٿيندا آهن، وغيره غيره، ڄڻ ته سڄي دنيا جا وسيلا موجود آهن. اهي وسيلا عوام تي خرچ ڇو نه ٿا ڪيا وڃن. اهو ئي سوچڻ جو سوال آهي ۽ انهن جو جواب ئي حڪمرانن کان وٺڻ گهرجي، اوهان جي جمهوريت جي سياست پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهي، پر ڪروڙين ماڻهن جي پيٽ جي باهه اجهائڻ جا منصوبا ڪٿي آهن.
پاڪستان تي هڪ مخصوص طبقو حڪمراني ڪندو رهيو آهي انهي طبقي جي حڪمراني سبب قومي اسيمبلي ۾ وسيلن ۽ ذخيرن تي ڳالهه ٻوله ئي نه ٿيندي آهي، حڪمران ۽ اسيمبلي ميمبر وسيلن سان مالا مال آهن انهن کي فڪر ئي ناهي ته اهي سمورا وسيلا ڪنهن انداز ۾ خرچ ٿي رهيا آهن. سڀني وسيلن مان مخصوص طبقي جا ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. اها حڪمراني جي طريقي جي خامي آهي.جمهوريت ۽ بادشاهت ۾ فرق هوندو آهي جڏهن گهڻا وسيلا رکندڙ ماڻهو حڪمراني ڪندا آهن ته اهي پنهنجي مفاد کان وڌيڪ ٻيو ڪو خيال نه رکندا آهن. پاڪستان جي پارليامنيٽ هجي يا صوبائي اسيمبليون انهن محنت ڪندڙ طبقن ، غريب ماڻهن ۽ ٻين طبقن جن کي نمائندگي جي ضرورت هوندي آهي، اسيمبلين ۾ آواز اٿارڻ لاءِ موجود هجڻ گهرجي، انگريزن جي دور ۾ انهن طبقن کي نمائندگي حاصل هئي، ليڪن اميرن جي جهموريت ۾ اها نمائندگي غائب آهي، انهي سبب وسيلن ۽ ذخيرن جي ورهاست جا مختلف ٺيڪا، ليز، مختلف الاٽمينٽ، مخصوص طبقي جي ماڻهن يا انهن جي سهاري ڪاروبار ڪرڻ وارا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهندا آهن.
ڀڳڙن مٺ تي ٺيڪا حاصل ڪيا ويندا آهن، اتفاق سان ڪڏهن ڪو ايئن ٿيو هوندو ته ڪنهن به ٺيڪي جي باري ۾ اشتهار ڏنو ويو هجي، هي اهي وسيلا آهن جن تي هن ملڪ جي رهواسين جو حق آهي، پر انهن تي ته مخصوص طبقو قابض آهي، سڄي نظام تي مضبوط پڪڙ آهي، وسيلن ۽ ذخيرن جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ آواز اٿارڻ وارا ايتري به مقبوليت نه ٿا رکن جو اثرائتو آواز اٿاري سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *