تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

وفاقي پروگرام ۾ سنڌ جا ڪامورا نظرانداز ڇو؟

وفاقي پروگرامن ۾ ننڍن صوبن کي گهٽ حصو ملڻ يا نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪي نئين ڳالهه ناهن،اڳ ۾ اهي ڳالهيون يا شڪايتون اقتدار کان ٻاهر رهندڙ صوبن جون سياسي سماجي ڌريون ڪنديون رهنديون هيون احتجاج به ٿيندا هيا پر تڏهن به اهي شڪايتون ختم ٿيڻ جو نالو وٺڻ بدران وڌنديون ئي رهيون،۽ وفاق ۾ حڪومت ڪندڙن ڪڏهن به انهي مسئلي کي سنجيده ٿي نه ورتو جيڪا به حڪومت آئي انهي جي دلچسپي رڳو حڪومت هلائڻ ۾ رهي نه ڪي وفاق ۽ صوبن ۾ مسئلو بڻيل معاملا حل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي .اڳ جيڪي ڳالهيون اقتدار کان ٻاهر سياسي ڌريون ڪنديون هيون اهي هاڻي اقتدار جو حصو بڻيل ڌريون به ڪري رهيون آهن،هاڻي ته ڳالهه اچي اتي پهتي آهي جو وفاق جي تربيتي پروگرام ۾ صوبي جي ڪاموراشاهي کي به نظر انداز ڪرڻ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.
تازو اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته وفاقي حڪومت 20 گريڊ ۾ آفيسرن جي مقررين جي تربيتي پروگرام ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي،اسٽيبلشمينٽ ڊويزن انهي تربيتي وفاقي تربيتي پروگرم ۾ سنڌ جا ڪامورا نظرانداز ڇو؟
پروگرام لاءِ 118 آفيسرن جي فهرست جاري ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ صوبي جو هڪ به آفيسر شامل ناهي، پروگرام لاءِ سنڌ جا 8 نالا هيا پر انهن مان ڪنهن کي به شامل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي سڀني صوبن جا آفيسر انهي پروگرام ۾ شامل آهن. جنهن ڪري اهو خدشو آهي ته سنڌ ۾ موجود آفيسر پروگرام ۾ شامل نه ٿيڻ سان پروموشن کان محروم ٿي سگهن ٿا ۽ سنڌ ۾ مٿئين سطح جي ڪاموراشاهي ۾ ٻين صوبن مان ماڻهو گهرائڻ مجبوري ٿي ويندي.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وفاقي کاتن ۾ ڪنهن به مد ۾ ڪڏهن به سنڌ کي پنهنجي ڪوٽا موجب حصو نه مليو آهي هن وقت به جيڪڏهن وفاقي ڪاموراشاهي جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته سنڌ جا ڪامورا ان ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ملندا جڏهن ته سنڌ ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي ان کي ميرٽ توڙي ڪوٽا تحت اهو حصو ملڻ گهرجي ،ڪاموراشاهي کي ڇڏي وفاق جي ترقياتي پروگرام ۾ نظر وجهجي ٿي ته اتي به سنڌ صوبو نظرانداز ٿيل نظر اچي ٿو ،وفاق جو شايد ئي ڪو وڏو پراجيڪٽ هجي جيڪو سنڌ ۾ هلندڙ هجي ،مٽياري کان سکر تائين موٽروي جو پراجيڪٽ جنهن کي ڪڏهوڪو شروع ٿيڻ گهرجي ها اهو اڃان تائين رولڙي جو شڪار آهي ،جيڪڏهن وفاقي کاتن اندر نوڪرين جو معاملو اچي ٿو تڏهن به جڏهن اشتهار اچن ٿا ته خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ موجود وفاقي ادارن اندر به ڊوميسائيل ٻئي صوبي جو گهريو وڃي ٿو جڏهن ته ڪيتري وقت کان سنڌ جي ڪوٽا جون سيٽون ٻين صوبن جي ماڻهن سان ڀريون وڃن ٿيون،تازو ئي گئس جو بحران ڄاڻائي سياري جا 4 مهينا سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنن کي گئس مهيا نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته گئس جي پيداوار ۾ سڀ کان وڏو حصو ئي سنڌ جو آهي پر پوءِ به سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو.
اسان سمجهون ٿا ته وفاق جي پراجيڪٽس ۽ پروگرامن ۾ صوبن کي پنهنجو جائز حصو نه ملندو ته اهي وفاق ۽ صوبن ۾ بدگمانيون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبا جنهن جو اظهار اڳ ئي مختلف مرحلن ۽ وقتن تي سامهون ايندو رهيو آهي،ڀلي وفاق ۽ صوبي ۾ ٻن الڳ الڳ ۽ اختلاف رکندڙ پارٽين جون حڪومتون هجن پر اهي پنهنجا سياسي معاملا سياسي ميدان تي وڃي يا ويهي حل ڪن يا اختلاف رکن پر عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي ٿيندڙ پروگرامن يا انتظامي معاملن ۾ انهن جو اثر نظر نه اچڻ گهرجي ۽ هر صوبي کي پنهنجو پورو پورو حصو ملڻ گهرجي جنهن سان ئي وفاق ۽ صوبن ۾ پيدا ٿيندڙ عدم اعتماد ۽ بدگمانين کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *