تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

وفاق جو روشنين جي شهر ڪراچي تي وار

پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني شهر ھئڻ ڪري ڪجهه ڌرين کي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀجي رهيو آهي. سنڌ کي پنهجن شهرن کان جدا ڪرڻ ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ان ئي ڏينهن کان وٺي جاري آھن جنهن ڏينهن کان دنيا جي مختلف ملڪن مان ڌڪاريل ماڻهو ٽولن جي صورت ۾ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا جن کي سنڌ پنهنجي جي ءُ ۾ جايون ڏنيون پر جيڪي ٽولا سڄي دنيا جا ڌڪاريل ھجن، سي سنڌ جا ھمدرد ڪيئن ٿا ٿي سگهن. شروعات کان وٺي ھنن جي اندر ۾ ڪجھه ٻيو ھو جو سنڌ جي وڏن شهرن کي پنهنجن سازشن ذريعي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اڳتي ھلي ھنن سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ جو راڳ شروع ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آھي. 
 سنڌ جي سموري تاريخ  ناانصافين، بيواجبين، حملن، ڦرن ۽ سازشن سان ڀري پئي آھي. سنڌ ڪڏھن آزاد ته ڪڏھن وري غلاميءَ جي سنگهرن ۾ قيد ۽ بند جون سختيون به برداشت ڪندي رھي آھي. پر ان سموري دور ۾ سنڌ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا تمام ٿورڙا ڏينهن ڏسي سگهي آھي. سنڌ سان ٿيندڙ انهن سمورن واقعن ۽ حادثن ۾ جتي ٻاھرين قوتن جو عمل دخل شامل آھي اتي ڪجھه پنهنجن جي لوڀ، لالچ ۽ غداري جا عنصر به شامل آھن. سنڌي بحيثيت قوم جي تمام وڏو عرصو ڌارين جي غلاميءَ جي قيد ۽ بند ۾ گهارڻ سبب منجهس ڪيتريون ئي اھڙيون ڪمزوريون ۽ اوڻايون  پيدا ٿي چڪيون آھن جو انهن مان جان آجي ڪرائڻ ناممڪن نه پر تڏھن به مشڪل ۽ ڏکيو ضرور بڻجي ويو آھي. سنڌين جو پاڻ ۾ متحد نه ھئڻ ۽ ڇڙ وڇڙي ھئڻ ڪري سنڌ جي ناڻي، پاڻي، روزگار، مالياتي فنڊن، ترقياتي ڪمن سميت سمورن وسيلن تي قبضي ٿيڻ کان پوءِ، ھاڻي ته وڃي ڳالھه ان حد تي پهتي آھي جو سنڌ ڌرتيءَ جي وجود تي وار ڪري سنڌ ۽ سنڌين کي ھميشه لاءِ ختم ڪرڻ جا منصوبا شروع ٿي چڪا آھن.
سنڌ جي راڄڌاني ۽ دل سڏجندڙ ڪراچي شهر جي ھميشه اھا خوبي رھي آھي ته ھن ملڪ جي معيشت کي اڪيلي سر ماءُ جيان پاليو آھي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن مان تڙيل ماڻهن کي ڪراچي پنهنجي ممتا جو سهارو ڏيندي پرورش ڪئي آھي پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھن ملڪ سنڌ جي دل ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آھي ۽ جن انگن اگهاڙن ۽ بکايل ماڻهن جي جان کي ڍڪيو ۽ کاڌ خوارڪ کارائي اھي پٽ به نافرمان ٿي پيا آھن. تازو ئي ھڪ ڀيرو وري ٻيهر سنڌ جي راڄدانيء واري شهر ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق جي حوالي ڪرڻ جون سازشون شروع ٿي ويون آھن ھيءُ ڪو پهريون ڀيرو ناھي جو سنڌ جي دشمنن ڪي سازشون رٿيون آھن پر جڏھن به ڪراچي ۾ ڪو مسئلو ڪر کڻندو آھي ته وفاق جون حڪومتون توڙي پاڻ کي ڪراچي جا والي وارث سڏرائيندڙ ايم ڪيو ايم به اھڙا شوشا ڇڏي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي روح کي رنجائڻ ۾ ڪا ڪثر ناھن ڇڏيندا ۽ بعد ۾ جڏھن سنڌي ماڻهن جو ردعمل سامهون ايندو آھي ته معافيون وٺي خاموش ٿي ويندا آھن. سنڌ دشمن عناصر سياسي يتيم ۽ نابالغ آئين جي آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي سازشن ۾ رڌل آھن، اھي سڀ ڳالهيون ايئن آھن جيئن ھوا ۾ سکڻو فائر ڪري ڇڏجي. ھيءُ جنهن آرٽيڪل جي ڳالھه ڪري رھيا آھن ان ۾ ڪٿي به ايئن ناھي لکيل ته ڪنهن به علائقي ۾ ڪا ھنگامي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته اھو سمورو علائقو وفاق جي حوالي ڪيو وڃي، آرٽيڪل 149 جي شق 4 مطابق جيڪڏھن ڪنهن به علائقي ۾ ڪا ھنگامي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته وفاق ان صورتحال مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ صوبي کي ھدايت ڏئي سگهي ٿو جنهن جو سادن لفظن ۾ اھو مطلب وڃي نڪري ٿو ته سڀ ڪجھه صوبي کي ئي ڪرڻو پوندو ۽ عملداري به صوبي وٽ ئي ھوندي ٻي صورت ۾ آئين جي ان شق ۾ ترميم ڪرڻي پوندي جيڪا موجوده حڪومت لاءِ ممڪن ناھي، پر جيڪڏھن ان جي ڪا ٻي تشريح ڪرڻي پوي تڏھن به ڪارگر ثابت نه ٿيندي، جيئن ماضي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ان سان گڏ بيٺل ڪجھه دشمن عناصر ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري جناح پور نالي سان نئون صوبو ٺاھڻ جي ڳالھه ڪندا پيا اچن ۽ اھي سڀ خواھشون دل ۾ رکي ماضي جيان اھڙا سبب ڄاڻائيندا رھيا آھن. ھن ڀيري وري انهن کي ڪراچي جا گٽر نالا ياد اچي ويا ۽ اوچتو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڳالھه ڪري ويٺا آھن. ھنن کان شايد اھو وسري ويو آھي ته سنڌين جي ھڪ تاريخ رھي آھي جيڪي پنهنجي انگن، ننگن، دنگن تان سر گهوريندا آھن جنهن جا مثال تاريخ ۾ ڪيترائي موجود آھن جنهن ۾ سنڌ جي سلامتي لاءِ سورھيه بادشاھ پير سائين پاڳارو (صبغت الله شاھ راشدي) انگريزن سان جنگ جوٽي ڌرتيءُ ماءُ مٿان قربان ٿيو، دولھه درياءَ خان ٻچن سميت سنڌ وطن تان قربان ٿيو پر پنهنجي وطن جي سينڌ ميري ٿيڻ نه ڏني، ھوش محمد شيدي مياڻي جي ميدان ۾ مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون جهڙا نعرا ھڻي ڌاريئي سامراج کي للڪاري شهادت جو جام پي وطن کي محفوظ رکيو، مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙجي ويو پر وطن جو ھڪ انچ به دشمن کي نه ڏنو، سائين جي ايم سيد ٻٽيھه سال ڏھ مهينا ايڪويھه ڏينهن قيد ۽ بند ۾ گذاريا پر پنهنجي وطن جي مالڪي تان ھٿ نه کنيو، بشير خان قريشي سقراط جيان زھر جو پيالو پيئڻ قبوليو پر سنڌ جي دشمن اڳيان ڪابه آڻ نه مڃي ۽ اڄ ڏينهن تائين وطن جي سلامتي لاءِ سنڌ جا حلالي فرزند سنڌ کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي جان جا نظرانا ڏئي رھيا آھن پر ڌرتي جو ھڪ انچ به ڌارين کي ڏيڻ لاءِ تيار ناھن. ڪراچي سنڌ جي دل آھي ۽ دل کان سواءِ ڪير به زندھه رھي نه ٿو سگهي ڪراچي شهر سميت سنڌ تي جنهن به ميريون اکيون کنيون ته سنڌ جا حلالي فرزند پنهنجي سرن سان ڪفن ٻڌي ان جي سلامتي لاءِ ميدان ملهائڻ لاءِ تيار ويٺا آھن، ھڪ پاسي سنڌ جا دشمن ته چٽا ٿي بيٺا آھن پر ٻئي پاسي جيڪي پنهنجائپ جو برقعو پائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڪک ۾ ڇرو ھڻي رھيا آھن انهن لاءِ سنڌ ڌرتي جو حلالي فرزند ھميشه ايئن ئي چوندا رهندا ته
غير ته آخر غير ئي رھندو غير تي ناھي ڪائي معيار، جا ڳالھه ٿي ماري سا ٿي ماري پنهنجي ديس جي يارن جي
مون پڪ سڃاتا پنهنجا ھئا،
ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ 
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي،
ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾،

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *