تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

وفاق جي والار ۽ سنڌ حڪومت جو ڪردار؟

سنڌ پوليس جي چيف مشتاق مهر جي اغوا واري واردات کانپوءِ ان ڳالھه ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ جي گنجائش باقي ناهي رهي ته هن ملڪ جي فريم ورڪ اندر سنڌين جي اهميت ۽ حيثيت خودمختيار واري ناهي رهي. هر پڙهيئي لکيئي باشعور ۽ ساڃاهه وند ماڻهوءَ کان وٺي اڻپڙهيل ۽ عام ڳوٺاڻي تائين اها ڳالھه عيان ٿي چڪي آهي ته هن ملڪ جي پيدائش ۾ انتهائي اهم ۽ بنيادي ڪردارا ادا ڪندڙ سنڌ وطن کي وفاق پنهنجي مرضي سان هلائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. وفاق ۾ ويٺل اڇي ڪاري جي مالڪ بااثر ۽ سگھارين قوتن جي ان جارحاڻي روش جي ڪري وفاق ۽ صوبن (خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان) وچ ۾ ڏينهون ڏينهن وڇوٽيون وڌنديون پيون وڃن. وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ جاري اهڙي ڪشيدگي هن ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائديمند ٿي نٿي سگھي. تنهنڪري ملڪي بقا، ترقي، واڌاري، استحڪام ۽ ملڪ جي وسيع تر مفادن وٽان اها ڳالھه ٿيندي ته، ملڪ ۾ شامل سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي برابريءَ جي بنياد تي گڏ کڻي هلڻ گھرجي. پر هن ملڪ جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي جو اسٽيبلشمينٽ ۽ هتان جون سگھاريون قوتون ڪيترائي ڀيرا ڌڪ کائڻ کان پوءِ به تاريخ مان سبق حاصل ڪري پنهنجون غلطيون درست ڪرڻ بجاءِ با بار ساڳيون غلطيون ورجائينديون رهن ٿيون. محڪوم قومن کي پنهنجا سمورا حق ڏيڻ بجاءِ طاقت ۽ ڏاڍ جي بنياد تي سندن آئيني ۽ قانوني حقن ۽ وسيلن تي جبري قبضي جون ڪوششون جاري آهن. وفاق پاران سنڌ جي معدني وسيلن ۽ آمدني جي ٻين ذريعن تي جبري قبضي ۽ ڦرلٽ جي ڪهاڻي هن ملڪ جي عمر کان به ڊگھي تاريخ رکندڙ آهي، جيڪا هاڻي ڪنهن کان به ڳجھي ناهي رهي.
عمران خان جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کان پوءِ سنڌ سان ٿيندڙ قهري ڪلورن ۾ ويتر واڌ اچي وئي آهي. هڪ پاسي ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي ديو ماڻهن جو ساھه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جي لکين ڪوششن جي باوجود مهانگائيءَ جو اهو برڙ باڪاس سندن ضابطي هيٺ نٿو اچي. جيئن جيئن وزيراعظم مهانگائيءَ جو نوٽيس ٿو وٺي تيئن تيئن مهانگائيءَ جو ديو ڇتو ٿيندي هر شيءِ کي ڳڙڪائيندو پيو وڃي. حڪومت جي سمورن وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. ملڪ جي وزيراعظم سميت سڀ حيران ۽ پريشان آهن ته مهانگائيءَ جي ان برڙباڪاس ديو کي ڪهڙيءَ طرح سان قابو ۾ آڻجي. عام واهپي جي شين اٽي، کنڊ، دالين، سبزين سميت پيٽرول، گئس، بجلي ۽ انساني جانيون بچائيندڙ دوائن جي اگھن ۾ ٻه سو سيڪڙو کان به وڌيڪ واڌ ماڻهن کي خودڪشيون ڪرڻ جھڙو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻن جو وري چوڻ آهي ته کنڊ ۽ اٽي سميت عام استعمال وارين سمورين شين جي اگھن ۾ واڌ جا ذميوار حڪومتي وزير ۽ مشير آهن. ٻئي پاسي مخالف ڌر جي يارهن پارٽين واري اتحاد جي وڌندڙ جدوجهد ۽ گجرانوالا کان پوءِ ڪراچيءَ ۽ ٻه ڏينهن اڳ ڪوئيٽا واري جلسي ۾ عوام جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڏسي حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن سميت وزيراعظم عمران خان پريشاني جو شڪار آهن ۽ سندن فرسٽريشن ظاهر آهي .وزيراعظم عمران خان صبر، تحمل ۽ تدبر کان ڪم وٺڻ بجاءِ جوش ۾ اچي مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هر وقت ”گھبرانه نهين” جون هدايتون ڏيندڙ وزيراعظم جي رويي ۽ انداز خطابت مان لڳي رهيو آهي ته گھٻراهٽ ۽ پريشاني کين پوري طرح سان وڪوڙي چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جوش ۾ اچي اهڙا اٻهرائپ وارا قدم کڻي رهيو آهي . آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق مهر کي کنڀي کڻي وڃي يرغمال بڻائي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪرائڻ ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر اعواڻ جي گرفتاري واري عمل مان چڱيءَ طرح سان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته وفاقي حڪومت ۾ ڪيتري قدر صبر، برداشت ۽ تدبر جو مادو آهي. جيڪڏهن مخالف ڌر جي صرف ٽن جلسن ۾ ئي حڪومتي ڪابينا ۽ سندن وزيراعظم انهي حد تائين ويندا ته، پوءِ اهو اندازو لڳائڻ انتهائي سولو ٿي پيو آهي ته جڏهن اپوزيشن جي تحريڪ لانگ مارچ ۽ ڌرڻن واري مرحلي ۾ داخل ٿيندي ته ان وقت حڪومتي پريشانيون ڪهڙي حد تي پهچنديون؟
عمران خان جي پريشانين ۽ گھٻرائڻ جو صحيح اندازو ته ان وقت ئي لڳائي سگھجي ٿو جڏهن اپوزيشن جي تحريڪ ۾ تيزي ايندي. پر ان حقيقت کان منهن موڙڻ به پنهنجن پڙهندڙن سان ناانصافي ٿيندي ته پي ڊي ايم نالي سان ٺهيل اتحاد ۾ شامل جماعتن جو هڪٻئي تي يقين مڙئي ڪجھه گھٽ آهي. هن اتحاد ۾ شامل ٻه وڏيون ۽ مک پارٽين جا اڳواڻ ته ماضيءَ ۾ هڪٻئي کي ئي چور، ڌاڙيل، لٽيرو سڏيندي هڪٻئي جا پيٽ ڦاڙڻ، مارڻ، چيرڻ ۽ روڊن تي گھلڻ جا وڏي واڪ ۽ سري عام اعلان ڪندا رهيا آهن. سندن حڪومتن جا به سڀئي دور عام ماڻهن توڙي محڪوم قومن لاءِ ڪي چڱا ۽ ڪارائتا ناهن گذريا. تنهنڪري ان ڳالھه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته مخالف ڌر جو موجوده اتحاد يا جدوجھد عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گھٽ پر، احتسابي عمل ۽ پڇا ڳاڇا واري مرحلي مان باعزت نموني سان ٻاهر نڪرڻ، پنهنجي لاءِ آسان ۽ محفوظ رستو حاصل ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ نمايان نظر اچي رهيو آهي. اپوزيشن جون جماعتون خاص ڪري پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ته هر وقت سياري جي سوڙ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۾ مصروف آهن. تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي حڪومت واري وقت جو ئي جيڪڏهن اسان جائزو وٺنداسين ته هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا انتهائي اهم موقعن تي پيپلزپارٽي سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح عمران خان جي حڪومت جي مدد ڪندي رهي آهي.
ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري توڙي آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق مهر واري معاملي تي به وزيراعليٰ سنڌ پهريان خاموش رهيو۽ صفدر اعواڻ جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو. ٻن ڏينهن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪري واقعي جي مذمت ڪرڻ سميت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراھه کان جاچ جو مطالبو ڪيو. هڪ پاسي سياست مان فوج، ايجنسين ۽ ٻين سگھارين قوتن جي مداخلت بند ڪرائڻ، آئيني سڌارا آڻڻ ۽ ڪنهن به قسم جي مداخلت کان پاڪ، صاف، شفاف، آزاد ۽ غيرجانبدارانا اليڪشن ڪرائڻ جا مطالبا ڪندڙ مخالف ڌر ۾ شامل هڪ اهم جماعت جو سربراھه خود آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراھه کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري ملڪ جي وزيراعظم عمران خان کي ڪٽ پتلي ۽ سليڪٽيڊ وزيراعطم ۽ سندس سموري حڪومت کي جعلي ۽ ڌانڌلي جي بنياد تي قائم حڪومت سڏيندي کانئس استعيفا ڏيڻ جا مطالبا به سدائين ورجائيندو رهندو آهي. هاڻي سوال اهو پيو پيدا ٿئي ته هڪ وقت اوهان موجوده حڪومت کي سليڪٽيڊ حڪومت به سڏي رهيا آهيو ته وري ساڳئي وقت اوهان سليڪشن ڪندڙن کي سياست ۾ مداخلت جون دعوتون به ڏئي رهيا آهيو؟ ان ٻٽن روين مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته موجوده حڪومت کي جعلي ۽ وزيراعظم کي سليڪٽيڊ وزيراعظم چوڻ جو ٻين لفظن ۾ مقصد اهو آهي ته، سليڪشن ڪندڙ پنهنجي فيصلي تي نظرثائي ڪيو ۽ اسان کي سليڪٽ ڪري پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اسان کي اها به حقيقت مڃڻي پوندي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي خودمختياري توڙي قومي حقن ۽ معدني وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي. ان ڳالھه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته پيپلزپارٽي وفاق سان جاري تڪرارن مان پنهنجا گروهي معاشي مفاد ۽ ڪرپشن ڪيسن جي هلندڙ جاچ مان هر صورت ۾ رليف حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. تنهنڪري سنڌين کي پيپلزپارٽيءَ مان ڪا بهتري ۽ سنڌدوستيءَ جي اميد رکڻ بجاءِ پنهنجي همٿ ۽ طاقت تي ڀاڙڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *