Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_igkkinqshkckhv2hjgj28f6tik, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
وفاق جي ڪراچيءَ تي نظر ڪا نئين ڳالھه ناهي ! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar وفاق جي ڪراچيءَ تي نظر ڪا نئين ڳالھه ناهي ! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

وفاق جي ڪراچيءَ تي نظر ڪا نئين ڳالھه ناهي !

اها هڪڙي اڻمٽ حقيقت آهي ته ڪراچي نه صرف سنڌ جي راڄڌانيءَ جو شهر آهي پر، ان سان گڏ ڪراچيءَ جي بين الاقوامي حيثيت پڻ آهي. رڳو ايئن به ناهي ته ڪو اڄ جي جديد ۽ ترقي يافتا دور ۾ ڪراچي دنيا ۾ پنهنجي اهميت، افاديت ۽ عالمي سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي. پر پاڪستان جي قيام کان به گھڻو اڳ دنيا جي نقشي تي ڪراچي پنهنجي الڳ شان، مان ۽ مقام سان ڄاتي سڃاتي ويندي هئي. 150 ميلن جي وسيع سامونڊي ڪناري جي نعمت سان نوازيل سنڌ جي ڌڙڪن بڻيل ڪراچي پنهنجي بندر گاھه جي ذريعي قديم دور کان وٺي دنيا سان درآمدي ۽ برآمدي واپار ذريعي ڳنڍيل رهي آهي. دنيا اندر سمنڊ جي تمام وڏي اهميت هوندي آهي. تڏهن ته سامونڊي علمن جو ماهر مسٽر ماهن چوي ٿو ته؛ “جيڪا قوم بين الاقوامي معاملات ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي آرزومند هجي ۽ پنهنجي وطن کي خوشحال ڏسڻ چاهيندي هجي ته کيس سمنڊ تي پورو پورو اقتدار حاصل هجيس.” اهي قومون جيڪي پنهنجي زميني قوت ۾ کڻي ڪيتري به عظمت ۽ برتري حاصل ڪن، پر سمنڊ تي سندن قبضو نه هئڻ جي حالت ۾ هميشه ڪمزور ۽ غربت ۾ گذارينديون آهن. انڪري جيڪي قومون پنهنجي سمنڊ تي پنهنجي اقتدار کي قائم رکندي دنيا سان واپاري تعلقات جاري رکڻ جي اهليت رکنديون آهن اهي قومون سڄي دنيا جي دولت حاصل ڪري خوشحاليءَ جا معراج ماڻڻ ۾ ڪامياب وينديون آهن.
ڪراچيءَ تي وفاق جي نظر ڪا نئين يا اڄ جي ڳالھه ناهي. پر پاڪستان قائم ٿيڻ جي هڪ سال بعد ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون سازشون شروع ٿي چڪيون هيون. ڇو ته ڪراچي جي بندرگاھه جي وڏي اهميت هجڻ سان گڏ سنڌ جي آمدني جو وڏو ذريعو هو. ان کان علاوه ان وقت هندستان کان آيل ماڻهن کي وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ پئي چاهيو. سنڌ حڪومت پاران وڌيڪ ڌاري آبادڪاري جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري وفاقي حڪومت ڪراچي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ٻاهران آيل ماڻهن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق مستقل طور تي رهائڻ سان گڏ ڪراچيءَ جي بندرگاھه سميت سموري آمدني تي پنهنجو قبضو قائم رکڻ جي نيت رکي پئي. ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري سازش خلاف احتجاجي تحريڪ سان گڏ 10 فيبروري 1948ع تي سنڌ اسيمبلي پاران هڪ قرارداد پاس ڪرڻ جي باوجود، پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ 22 مئي 1948ع تي ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو هڪ طرفو فيصلو ڪري ڇڏيو. جنهن بعد سنڌ جي وسيلن تي پنجاب جي قبضي کي سدائين قائم رکڻ لاءِ وفاق پاران ون يونٽ جي قيام کان وٺي بنگلاديش جي صورت ۾ ملڪ جي ورهاڱي، 73 جي آئين، مشرفي آمريت دوران پنجن ضلعن کي گڏائي شهري حڪومت جي نالي ۾ ڪراچي کي پليٽ تي رکي ايم ڪيو ايم حوالي ڪرڻ يا هينئر برساتي پاڻي کي بهانو بڻائي ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ تائين مختلف صورتن ۾ وقتن بوقتن سازشي ٿيوريز جو سلسلو جاري آهي.
ون يونٽ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين جي سموري صورتحال تي جيڪڏهن ٿورڙو به غور ڪنداسين ته سنڌ خلاف سمورين سازشن ۾ پيپلزپارٽي سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ملوث نظر ايندي. قائد عوام سڏيو ويندڙ ذوالفقارعلي ڀٽو پاران ون يونٽ تي خاموشي اختيار ڪرڻ، 73 جي آئين ذريعي پاڪستان ۾ شامل قومي وحدتن ۽ قومن جي تاريخي تشخص کان انڪار ڪرڻ، ٻٽي مڪاني نظام ذريعي سنڌ جي ورهاست جا بنياد قائم ڪرڻ کان وٺي هن وقت ڪرپشن جي ذريعي ڪمايل اربين ڊالر بچائڻ ۽ نيب جي ڪيسن مان رهائي ماڻڻ لاءِ “ڪراچي ڪميٽي” ذريعي اڻ اعلانيل ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ تائين سنڌ جي اختيارن ۾ وفاق جي غيرآئيني ۽ بيجا مداخلت تي خاموشي اختيار ڪرڻ سميت سنڌ جي سمورن مصيبتن ۽ تباهڪارين ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت وفاق سان گڏ برابر جي شريڪ رهي آهي.
هن وقت وفاق پاران 1113 ارب روپين يا سنڌ حڪومت جي 400 يا 800 ارب روپين جي “ڪراچي پئڪيج” واري ڊرامي بازي به صرف ماڻهن کي گمراھه ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجھه به ڪونهي. حقيقت اها آهي ته ايترا پئسا نه وفاق وٽ آهن ۽ نه ئي سنڌ حڪومت وٽ آهن. ان کان علاوه پيپلزپارٽيءَ پاران ڪراچي ڪميٽي يا ڪراچي پئڪيج ۽ سنڌ حڪومت جي آئيني اختيارن ۾ مداخلت جون دانهون يا جيڪا هاءِ گھوڙا ڪئي پئي وڃي، اهي صرف سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ يا فيس سيونگ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناهن. ٻيو اهو ته وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ حڪومت، وفاقي وزير مشير هجن يا صوبائي ڪابينا، سڀني کي ڳڻتي صرف ڪراچي شهر جي ڇو آهي؟ لڳي ايئن رهيو آهي ڄڻ ته برساتون صرف ڪراچي شهر ۾ ٿيون آهن يا ترقياتي پئڪيج سميت ٻين سهولتن جي کوٽ به صرف ڪراچي شهر ۾ آهي. باقي ٿرپارڪر کان وٺي جوهي، ڪاڇو ۽ قمبر شهدادڪوٽ تائين اڌ سنڌ جا لکين برسات متاثر ڄڻ ته انسان ئي ڪونهن يا برسات سبب سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ جيڪو انفرااسٽڪچر تباھه ٿيو آهي اتي ترقياتي ڪمن يا ڪنهن پئڪيج جي ضرورت ئي ڪونهي!
باقي جيسيتائين ڪراچيءَ جي ترقيءَ جو سوال آهي ته سنڌ جو ڪو به ماڻهو ڪراچيءَ جي ترقيءَ تي ارهو ڪونهي. پر هي سچ به سڀني کي قبول ڪرڻو پوندو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو شهر هجڻ يا بين القوامي حيثيت حاصل هئڻ جي ڪري ترقياتي ڪمن کان وٺي صنعت، تجارت، روزگار، تعليم ۽ صحت کان وٺي هر شعبي ۾ سنڌ جي ٻين شهرن کان ترقيءَ جي ميدان ۾ تمام گھڻو اڳتي ۽ ترقي يافتا آهي ۽ هجڻ به گھرجي، ان تي ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه ڪو اعتراض آهي ۽ نه ئي هجڻ گھرجي. بلڪه سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ جي ترقي ۽ تعمير تي تمام گھڻي خوشي محسوس ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. هي مورڙيءَ جو ماڳ ڪراچي جو شهر سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ سدائين رهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *