تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

وفاق سنڌ جي احتجاج کي مان ڏئي

وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾شديد بي چيني ۽ ڪاوڙ واري لهر آهي ته ڪيئن وفاقي حڪومت هڪ آرڊيننس جاري ڪري هڪ غير قانوني اٿارٽي ٺاهي سنڌ جي حدن سان هٿ چراند ڪري ان تي قبضو ڪري سگهي ٿي؟آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ توڙي جو سنڌ حڪومت ڪجهه وقت خاموشي اختيار ڪئي پر سنڌ جي ماڻهن جي ردعمل کي ڏسي پهريون پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري نفيسا شاهه ۽ پوءِ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کليل نموني انهي آرڊيننس کي رد ڪيو ۽ ان کي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو قرار ڏنو. جڏهن ته سنڌ جي سمورين سياسي، سماجي تنظيمن،ساڃاهه وندن .ليکڪن،دانشورن ۽ زندگي جي هر طبقي سان لاڳاپيل ماڻهن هڪ آواز ٿي وفاق جي انهي آرڊيننس کي غير قانوني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ۽ اهو آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته سياسي پارٽين انفرادي طور پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان احتجاج به شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ انهن احتجاجن ۾ سمورين ٻين سياسي پارٽين به پنهنجي شرڪت ڪري ڄڻ ته اڻ اعلانيل هڪ اتحاد جو به مظاهرو ڪيو آهي جڏهن ته وفاق جيڪڏهن اهو آرڊيننس واپس نه ورتو ته ان لاءِ به ٻيٽن تي قبضي خلاف ڪو گڏيل اتحاد جوڙي اڳتي وڌڻ جي حڪمت علي تي به ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ گڏيل جدوجهد لاءِ بلوچستان جي سياسي پارٽين سان رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي .هوڏانهن سنڌ جي ماڻهن جي لڳاتار مطالبي کانپوءِ پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته انهي آرڊيننس خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي ويندي ۽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ به ان معاملي تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ جي حڪمران پارٽي آهي ان طرفان اهڙي قسم جو اعلان آرڊيننس اچڻ کان ترت پوءِ ٿيڻ گهرجي ها پر دير آيد درست آيد جي مثال جيڪڏهن پيپلز پارٽي هاڻي به انهي آرڊيننس خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي ٿي ته اها سٺي ڳالهه آهي جڏهن ته سنڌ سرڪار به عدالتن سميت هر فورم تي انهي آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪا هن جي آئيني قانوني اختياري ۽ انتظامي ذميواري به آهي ڇو ته سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي سنڌ جي اقتدار جون واڳون انهي ڪري حوالي ڪيون آهن ته جيئن هو سنڌ جي آئيني قانوني حقن سميت ان جي ملڪيتن جو تحفظ ڪري سگهي. آرڊيننس کان اڳ سنڌ حڪومت طرفان اين او سي جاري ڪرڻ ۽ خاموشي اختيار ڪرڻ تي به ڪيترائي سوال اٿيا.
سنڌ ڪنهن به طرح ترقي جي مخالف ناهي پر اها ترقي سنڌ جي ماڻهن ۽ ٻيٽن تي رهندڙ اتان جي مقامي ماڻهن جي قيمت جي بدلي ڪنهن به طرح قبول نه ڪئي ويندي.ٻيٽن بابت وفاقي جو آرڊيننس ذريعي اٿارٽي ٺاهڻ نه رڳو غير قانوني قبضو آهي جنهن کي ڪنهن به قيمت تي قبول نه ٿو ڪري سگهجي،ڪجهه ڏينهن اندر سنڌ جو شديد ردعمل ان جو اظهار آهي.ماضي جي غلط پاليسين ڪري صوبن ۽ وفاق ۾ الاهي گهڻيون وڇوٽيون پيدا ٿيون جنهن کي 18 ترميم ڪنهن قدر گهٽ ڪيو آهي پر پوءِ به گهڻن انتظامي ۽ اختياري معاملن تي وفاق ۽ خاص ڪري ننڍن صوبن ۾ اڻبڻت جا معاملا ايندا رهيا آهن جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال ڪورونا جي ڏينهن ۾ سامهون آيو ۽ ٻوڏ دوران صوبي جي متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ وفاق طرفان آڏو نه اچڻ هيو جنهن تي ڪيترا ڀيرا سنڌ جي حڪمران پارٽي جي اڳواڻن توڙي صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو وفاق خلاف ميار جي انداز ۾ اظهار ڪيو. ترقياتي ڪمن کان وٺي اين ايف سي ۾ گهٽ حصو ملڻ جو سڌو سنئون اثر صوبي جي ڪاروهنوار توڙي عام عوام جي زندگي تي پئجي رهيو آهي.اهي ته انتظامي ۽ ترقياتي معاملا آهن جن تي وفاق ۽ صوبن ۾تڪرار ۽ بحث پيا هلندا رهندا آهن پر هي ٻيٽن وارو معاملو ته سڌو سنئون سنڌ جي جاگرافي حدن جو معاملو آهي ان سان هٿ چراند تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه سنڌ جو عوام ڪري سگهي ٿو نه ئي ڪنهن اقتداري پارٽي کي ان سودي جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي تنهن ڪري سنڌ جي عوام ۾ جيڪا ڪاوڙ ۽ بي چيني جي لهر آهي ان کي مان ڏئي وفاقي حڪومت کي فوري طور اهو آرڊيننس واپس ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *