تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

وفاق ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي ؟

خبر ناهي ته وفاق ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي؟ ڇا اهو ڪو الڳ خطو ان ۾ رهندڙ فردن يا ڪنهن بادشاهت جو نالو آهي، يا وفاق، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي قومي وحدتن تي مشتمل سرحدن جي گڏيل جمهوري حڪمراني جو نالو آهي!؟ هن ملڪ کي ٺاهيندڙ تاريخي وطن هزارين سالن کان ڌرتي جي گولي تي وجود رکن ٿا انهن جو وجود ۽ سرحدون قيام پاڪستان کان پهرين قائم ۽ دائم آهن. اتي جي آباد ماڻهن جو تاريخي تشخص، ٻولي، ثقافت، لوڪ ورثو، رهڻي ڪهڻي تهذيب ۽ تمدن پڻ هزارين سالن جي تاريخي سفر جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ آهن، پر خبر ناهي ته ڇو انهن جن پاڪستان جي وفاق کي جنم ڏنو انهن جي ئي وسيلن، ۽ سرزمين تي وفاق جي نالي ۾ هر وقت قبضي ڪرڻ جي ڪوشش روز قيام کان جاري ۽ ساري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ ڊاڪٽر ارباب رحيم سان ملاقات ٿي کائنس پڇيم ته اوهان جي دور ۾ به انهن ٻيٽن تي والار جي ڪوشش ٿي هئي انهي جا ڪي تفصيل آهن. هن جي چوڻ مطابق ته پورٽ قاسم اٿارٽي انهي وقت ۾ عرب امارات جي هڪ ڪمپني ايمار سان معاهدو ڪري چڪي هئي انهن جو اتي ڪم ڪرڻ لاءِ سامان به پهچي چڪو هو، پر مون اسيمبلي ۾ هڪ سيٽ تي وزير اعليٰ هوندي به اهو رد ڪرايو. هن ٻڌايو ته انهي وقت نظرمحمد لغاري لينڊ ۽ روينيو جو ماهر هو انهي کان سموري جاچ ڪرائي جنهن اهو ثابت ڪيو ته اها ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن واري زمين پورٽ قاسم اٿارٽي کي ڪڏهن ڏني ئي ڪونه وئي آهي..)ياد رهي ته انهي وقت به اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اها زمين پورٽ قاسم اٿارٽي جي آهي ۽ هن وقت به سنڌ حڪومت جي خط مان لڳي ٿو ته انهن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن کي پورٽ قاسم اٿارٽي جي حدن ۾ ڏيکاري خط لکيو ويو آهي( انهي وقت ئي نظر محمد لغاري صاحب جو نمبر ارباب رحيم ملايو هن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسان سمورو رڪارڊ جاچيو پوءِ حفيظ پيرزادي صاحب سان رابطو ڪيو جنهن آئيني نقطن سان ٻڌايو ته اها زمين سنڌ جي آهي. انهن ڳالهين ۾ هن اهو به ٻڌايو ته نه رڳو اهو پر انهن ئي ڏينهن ۾ وفاقي سرڪار 60 هزار ايڪڙ زمين سنڌ جي ساحلي پٽي تي گهر ڪئي هئي جيڪا پڻ ارباب رحيم نه ڏني. ڊاڪٽر ارباب رحيم ٻڌايو ته راشدمنهاس روڊ تي ڪي انگريزن جي زماني جا فوجين جي رهائش لاءِ گهر ٺهيل هئا جيڪي ڪمرشل استعمال لاءِ ڪينٽومينٽ وارن گهريا جنهن تي سنڌ جي روينيو کاتي جي معرفت اسان اهو چئي اعتراض واريو ته ليز 99 سالن جي هوندي آ اها ته انگريزن جي زماني ۾ ڏنل هئي هاڻي ختم ٿي ويندي ۽ جي انهي جي استعمال جو مقصد تبديل ڪيو ويو ته اها زمين واپس سنڌ جي ٿي ويندي. ساڳي مقصد جي استعمال لاءِ به انهي ليز کي نئين سر حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ سنڌ حڪومت جي منظوري گهربل هوندي ۽ ايئن اهو منصوبو پڻ واپس ٿي ويو.
بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر عبدالمالڪ بلوچ سان ڪالهه ملاقات ٿي انهي پڻ اهو چيو ته مشرف جي دور ۾ ڪنهن اعتبار جوڳي شخص اهو ٻڌايو هو ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري انهي کي وفاق جي ڪنٽرول هيٺ فاٽا جي علائقن وانگر هلائڻ گهري ٿو، سندس چوڻ هو ته صوبن جي ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽين جي هئڻ جي باوجود وفاقي ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهڻ ۽ موجوده ٻيٽن جي متعلق وفاقي آرڊيننس آڻڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن علائقن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي نيت رکي ٿو.
انهن سڀني ڳالهين جي ٻڌڻ بعد مونکي حيرت لڳي ته آخر وفاق ڪو انهن سڀني قومن جي تاريخ جاگرافي ۽ وطن کان ٻاهر ڪا ٻي الڳ وجود رکندڙ شيءَ آهي يا انهن تي صوبن جي جاگرافي تي مشتمل آهي؟ جي انهن صوبن جي جاگرافي تي مشتمل آهي ته هر دور ۾ وفاق جي نالي تي صوبن جي وسيلن ۽ زمين تي آخر قبضي ڪرڻ جي نيت پيدا ٿيڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟
منهنجي خيال ۾ ڪي قوتون آهن جيڪي پاڪستان جي انهي فيڊرل توازن کي بگاڙڻ جي خواهش رکن ٿيون يا انهن جو ڪو ويسٽيڊ انٽريسٽ آهي جنهن جي حاصلات لاءِ هو اهڙيون رٿائون آڻيندا رهن ٿا. جيڪڏهن پاڪستان جو وفاق انهن ئي صوبن جي سرزمين جي جوڙجڪ تي مشتمل آهي ته پوءِ انهن جي جاگرافيائي سرحدن ۾ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ هن ملڪ ۾ شامل انهن قومي وحدتن 1973ع جي آئين ۾ هڪ ضمانت جيڪا ورتي سا اها هئي ته هنن جي تاريخي وطن جي سرحدن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦير گهير يا ڪنهن نئين صوبي جي تشڪيل لاءِ انهي لاڳاپيل صوبي مان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ۽ انهي بعد وري قومي اسيمبلي مان انهي جي ساڳي توازن سان منظوري کان سواءِ اهو ممڪن نه هوندو. انهي جو مطلب اهو ٿيو ته انهن قومي وحدتن جي جاگرافيائي حدن ۽ فيڊريشن جي جوڙجڪ ۾ ڪا سولي تبديلي سندن مرضي يا منشا کان سواءِ ممڪن ڪونهي، پر انهي جي باوجود بار بار جڏهن انهي قسم جون ڳالهيو، رٿائون ۽ آرڊيننس آڻي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرزمين جي مالڪي ۽ انهي جي اختيار ۾ ڪا تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ انهن قومي وحدتن جي پنهنجي سرزمين سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي شڪ شبها پيدا ٿين ٿا ته سندن قومي وجود ۽ تشخص خطري ۾ آهي.
پاڪستان جي وفاق ۾ 1947ع کان اڄ تائين وفاق ۽ قومي وحدتن جي وچ ۾ اهو بداعتمادي وارو جيڪو رجحان رهيو آهي انهي جي پٺيان پڻ اهي ئي ڪارڻ آهن. وفاق جيڪڏهن ڪا به الڳ ڌر يا وجود جو نالو ڪونهي اهو انهن ئي چئن قومي وحدتن جو نالو آهي ته پوءِ اها سوچ ڪيتري نه خطرناڪ آهي جنهن ۾ قومي وحدتون اهو چون ته اسان کي وفاق جي فيصلن سان اختلاف آهي يا انهن جي فيصلن تي اعتماد ڪونهي؟ جيڪڏهن پاڪستان جي وفاق ۾ شروع کان وٺي اهو سمجهيو وڃي ها ته انهن قومي وحدتن جي وسيلن جي مالڪي انهن صوبن وٽ ئي هجي انهي سان سندن ئي سرزمين جي ترقي ٿئي ۽ اتي جا ماڻهو خوشحال ٿين ته اهي ماڻهو ڪٿي جا هوندا؟ يقينن انهي پاڪستان جي وفاق جي هڪ وحدت جا. جيڪڏهن اهي قومي وحدتون مضبوط ٿينديون انهن جي جاگرافي محفوظ رهندي ته پوءِ وطن جي طرف ڪڏهن ڪير به ڪو، ڪا ميري اک کڻي ڏسندو ته انهي سان اتي جي قومي وحدتن جو عوام مهاڏو اٽڪائي بيهي رهندو، پر جي قومي وحدتن جي علائقن ۾ انهي ڪري ردو بدل ڪئي ويندي ته انهي سان ڪو وفاق کي مالي فائدو پهچندو ته اهو ايئن آهي جيئن ڪمزور ديوارن واري بئنڪ جي اندر رکيل خزانو. هي ملڪ انهن قومي وحدتن جي پاڻ ۾ ايڪي ۽ وفاق تي اعتماد سان ئي مضبوط ٿيندو. اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ اهي به ڳالهيون هلن پيون ته وفاق پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ انهن ٻيٽن ۽ ساحلي پٽي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري انهي تي وفاقي اٿارٽي قائم ڪرڻ گهري ٿو. جيڪڏهن سنڌ جي ٻيٽن تي واقعي انهي نيت سان قبضو ڪري وفاق پنهنجي اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ بضد رهندو ته انهي سان ملڪ جي وفاق ۽ سنڌ جي عوام ۾ رشتو ڪمزور ٿي سگهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو عوام سراپا احتجاج ٿي رستن تي اچي ويندو ۽ اهو عمل ڪنهن به طرح ملڪ جي وسيع تر مفادن وٽان نه هوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *