تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

وفاق ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ معاملا ۽ حڪمرانن جي غير ذميواري

ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري عام حالتن ۾ انهن جي پنهنجي صوبي ۾ ٿي هجي ها ته ان کي ايتري اهميت نه ملي ها جيڪا ڪراچيءَ ۾ ملي. ڪراچيءَ ۾ مبصرن موجب 18 آڪٽوبر تي پي ڊي ايم طرفان وڏو جلسو ڪرڻ کان پوءِ اها گرفتاري ان جي ڪري اهميت حاصل ڪري وئي جو پي ڊي ايم جي سموري قيادت، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر ۽ سندس گهر واري ڪراچيءَ ۾ ئي موجود هئي ۽ سنڌ پوليس جي سربراهه مشتاق مهر کي جنهن انداز ۾ صبح جو سويل ان جي گھران کڻي رينجرز هيڊ ڪوارٽر نيو ويو، جتي پهريان ئي ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ موجود هو. تنهن معاملي کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو. صفدر جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار تي مشتاق مهر کي ننڊ مان اٿاري اتي آندو ويو ۽ گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا. ان کان پوءِ ان هوٽل ۾ جتي ڪيپٽن صفدر پنهنجي گھر واري مريم نواز سان رهيل هو، ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو ويو. حراست ۾ وٺڻ جي طريقه ڪار ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي. ان جي گرفتاريءَ جو پس منظر ڪجھه هينئن آهي ته وقاص نالي هڪ شخص پوليس ۾ رپورٽ داخل ڪرائي ته صفدر مزار قائد ۾ مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي مزار جي جھنگلي ۾ داخل ٿي نعريبازي ڪئي آهي جنهن سان مزار جو تقدس متاثر ٿيو آهي. صفدر جو چوڻ هو ته هن مادر ملت زنده آباد جو نعرو لڳايو هو. مادر ملت کي هڪ آمر ايوب خان جي صدارتي چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ کان پوءِ ئي جمهوريت جي بحاليءَ جي جدوجهد جي علامت سمجھيو ويندو آهي. ٻئي ڏينهن صفدر جي وڪيلن عدالت ۾ ان جي آزاديءَ جي درخواست داخل ڪئي. عدالت سندس ضمانت منظور ڪري ورتي. 19 آڪٽوبر جو ڏينهن گذري ويو، آءِ جي پوليس پنهنجي آفيس ۾ رهيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ صرف ايترو چيو ويو ته پوليس قانون تحت گرفتاري ڪئي آهي. رپورٽ داخل ڪرائڻ جو ٻيو رخ اهو آهي ته جيئن ئي وزيراعليٰ ذڪر ڪيو ته مدعي نعريبازي وقت مزار کان تمام گھڻي مفاصلي تي بقائي اسپتال ۾ موجود هو. مدعي جي باري ۾ اها ڳالهه به اخبارن ۾ ڇپي آهي ته هو ڪجھه ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل به آهي. هاڻي خبر اها آهي ته هو ٿاڻي تي پنهنجو بيان ڏيڻ به نه پيو اچي. گجرانوالا جي جلسي کان پوءِ بغاوت جي ڪيس جو مدعي به پوليس کي هڪ ڪيس ۾ گھربل هو. ڇا پوليس کي صرف اهڙا ئي ماڻهو ٿا ملن جن جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرايا ويندا آهن. اهڙا مدعي عدالت ۾ ڪهڙو جواب ڏيندا؟
ٻئي ڏينهن وزيراعليٰ هڪ پريس ڪانفرسن ڪئي جنهن ۾ هن صفدر جي ڪراچيءَ ۾ گرفتاريءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هن واقعي کان پوءِ سنڌ پوليس جي حوصلا شڪني ٿي آهي. آءِ جي ۽ ٻيا پوليس آفيسر موڪلن جون درخواستون ڏئي رهيا آهن. ان وقت تائين آءِ جيءَ به درخواست نه ڏني هئي. آءِ جيءَ کي ته گھرجي ها ته هو واقعي کان فورن پوءِ پنهنجي آفيس پهچي اچي استعيفيٰ پيش ڪري ها پر پوءِ کيس خيال آيو يا ياد ڏياريو ويو ته 15 ڏينهن جي موڪل جي درخواست ڏني وڃي. ان کان اڳ اسپيشل برانچ جي ڊي آءِ جي عمران يعقوب ۽ غلام نبي ميمڻ به آءِ جي، جي نالي درخواستون موڪليون. وزيراعليٰ جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي. جلسي جي ميزبان پيپلز پارٽي هئي. سندس چوڻ هو ته صفدر جي گرفتاريءَ تي کيس شرمندگي آهي ۽ هو پنهنجو منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهيو آهي. هن فوج جي سربراهه ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته سنڌ پوليس جا آفيسر موڪلن جون درخواستون ڏئي رهيا آهن. ان جي اعلان کان پوءِ درخواستن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. سنڌ جي سمورن ڊي آءِ جيز کان سواءِ ضلعن جي ايس ايس پيز به درخواستون ڏنيون جن جو انگ 50 جي ويجھو هو. ان کان پوءِ ٿاڻن جي سربراهن به آءِ جي سان ٻڌيءَ طور موڪلن جون درخواستون ڏنيون. عجيب اتفاق آهي ته لڳ ڀڳ سمورين درخواستن جو متن هڪ جھڙو آهي. درخواستن ۾ فوري طور موڪل تي وڃڻ جي لاءِ چيو ويو آهي پر تاريخ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. ڪجھه آفيسرن پنهنجي صحيحن جي هيٺان تاريخون لکيون هيون. سموريون درخواستون آءِ جي جي نالي لکيون ويون هيون. ان وڏي پئماني تي موڪلن جي درخواستن جو اچڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ٿو ڪري ته انهن کي درخواستون ڏيڻ جي لاءِ آماده ڪيو ويو هوندو. ڪجھه پوليس آفيسر آءِ جي جي ردعمل کان به ناخوش آهن. سندن چوڻ آهي ته ان کي موڪل تي وڃڻ بدران پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي. کيس پنهنجي عهدي جو ڀرم رکڻ گھرجي ها. هونئن به آءِ جي ۽ وزيراعليٰ جي وچ ۾ سرڪاري فرضن جي ادائيگي جا معاملا ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. آءِ جي نجي محفلن ۾ اهو چوندي ٻڌو ويو آهي ته کيس هڪ ڪانسٽيبل به بدلي ڪرڻ جو اختيار ناهي. ڪجھه ضلعن ۾ هنن ٻنهي ماڻهن جي ڇڪتاڻ جي ڪري ايس ايس پي جا عهدا خالي پيا آهن. بلاول رات جو دير سان 20 آڪٽوبر تي آءِ جي جي گھر پهتو جتي ڪيترائي آفيسر موجود هئا. وزيراعليٰ آفيسرن کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ درخواستون واپس وٺڻ جي لاءِ چيو. وزيراعليٰ جاچ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جو اعلان ڪيو جنهن جو نوٽيفڪيشن اعلان جي ٽئين ڏينهن تي جاري ڪيو ويو هو. پر معاملو ان وقت ٿڌو ٿيو جڏهن فوج جي سربراهه بلاول سان فون تي ڳالهائي کيس يقين ڏياريو ته واقعي جي باقاعدي جاچ ڪرائي پئي وڃي. هن ڪور ڪمانڊر ڪراچي تي جاچ ڪرڻ جي ذميواري لڳائي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم آءِ جي هائوس تي ڇاپي کي ڪاميڊي ۽ “نان اشو” قرار ڏنو آهي. بهرحال ان “ڪاميڊي” کي اپوزيشن حڪومت خلاف استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. وزيراعظم کي ڪراچيءَ جي ڪور ڪمانڊر جي جاچ تائين ان موضوع تي نه ڳالهائڻ گھرجي ها.
هاڻي عمران خان جي وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جا لاڳاپا ڪيترن ئي معاملن خاص طور صوبائي حڪومت کي 3 سئو ارب رپيا فراهم نه ڪرڻ تي ڇڪتاڻ وارا آهن. ان ڇڪتاڻ دوران وفاقي وزيرن جي بيانن کان سواءِ اهو چوڻ ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائي سگھجي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ دليل ڏيڻ، ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ٿي ڪري. صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي هڪ وفاقي وزير ڌمڪي ڏني جنهن تي شبلي فراز ۽ شهزاد اڪبر چيو ته ان وفاقي وزير جو نالو ٻڌايو وڃي. ڪراچيءَ جي سمنڊ ۾ موجود ٻيٽن جي معاملي تي به ڇڪتاڻ پيدا ٿي. وفاقي حڪومت ٻيٽ پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو آهي. ان معاملي تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جاري آهي. سوال اهو آهي ته ڇا حڪومتون ايئن هلنديون آهن يا هلن پيون؟ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي ملڪي حالتن جي سنگينيءَ جو احساس ڪري معاملن کي ڳالهين ۽ گڏيل فهم وسيلي حل ڪرڻ گهرجي ۽ ٻنهي حڪومتن کي پنهنجي پنهنجي وزيرن، صلاحڪارن ۽ ترجمانن کي بيان بازيءَ کان روڪڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *