Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_465s1t5dgi12e23s2g0cmpvh2t, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
وياج خورن جا ماريل ماڻهو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar وياج خورن جا ماريل ماڻهو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

وياج خورن جا ماريل ماڻهو

وياج خورن هٿان پريشان حال صدام بروهي نالي شخص آپگهات ڪري ڇڏيو. صدام مرڻ کان اڳ پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ته هو وياج خور هٿان پريشان ٿي آپگهات ڪري رهيو آهي. هي ضلعي جيڪب آباد جو واقعو آهي. وياج جو ڪاروبار سڄي صوبي ۾ وبا جي صورت ۾ پکڙيل آهي. شايد ئي ڪو ضلعو محفوظ هجي. هر وبا سواءِ ڪورونا وائرس جي سڀني جو علاج موجود آهي. وياج جو ڪاروبار ۽ مين پڙي گٽڪي جو وڪرو، اهڙا ڪاروبار آهن جن جو علاج موجود آهي پر حڪومت هن علاج تي اثرائتو عمل درآمد نه پئي ڪري. وياج جي ڪاروبار سبب ئي ٿرپارڪر ۾ به ڪيترائي ماڻهو آپگهات ڪري چڪا آهن پر ان جو انتظاميا يا حڪومت ڪو نوٽيس ناهي ورتو. هتي هڪ طريقيڪار بڻجي ويو آهي ته جيستائين ڳالهه انتها تائين نه پهچي وڃي ڪا ڪارروائي عمل ۾ نٿي اچي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب قانوني معاملن ۾ وزيراعليٰ جو صلاحڪار به آهي. هن اندازي موجب ٻه سال اڳ هڪ علائقي جي دوري دوران چيو هو ته حڪومت وياج جي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪندي. سڄي دنيا جي قانون سازي ٿي وئي پر انسانن سان لاڳاپيل معاملن تي قانون سازي ناهي ٿي سگهي. انگريز جي دور جو ٺاهيل قانون موجود آهي گهٽ ۾ گهٽ ان تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. ضلعي انتظاميا به ان خلاف مختلف قانونن جو سهارو وٺندي ڪجهه نه ڪجهه پابندي لڳائي سگهي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ضلعي انتظاميا جا آفيسر وياج جي وبا جي پکڙجڻ کان ئي اڻ ڄاڻ هجن. ضلعي انتظاميا ڪنهن به قانون جو سهارو وٺندي پابندي لاڳو ڪري سگهي ٿي شرط اهو آهي ته ڪجهه ڪارروائي ڪرڻ جي خواهش هجي.
هڪ زماني ۾ جيڪب آباد، ٿرپارڪر، گهوٽڪي وغيره جي علائقن ۾ هندو مهاجن هي ڪاروبار ڪندا هئا. هنن منافعو هڪ سيڪڙو وڌائي وياج اڍائي سيڪڙو ماهوار ڪري ڇڏيو هو. انهي زماني ۾ ماڻهو انتهائي ضرورت تحت پيسا وياج تي وٺندا هئا. شادي، ڏک ۽ خوشي جي موقعن تي پيسو ورتو ويندو هو. پوءِ پٺاڻن قسطن تي سامان ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ته گڏوگڏ هنن پيسا به وياج تي ڏيڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو. هو ڏهه سيڪڙو کان پندرهن سيڪڙو تائين ماهوار وياج وصول ڪن ٿا. پنهنجي پيسي کي محفوظ رکڻ لاءِ وياج خور زيور رکندا هئا. هڪ دور ۾ ٿرپارڪر ۾ ماڻهو نانگ جي ڪکڻ تي پنج سئو رپين جي انجيڪشن خريد ڪرڻ لاءِ رقم وياج تي وٺندا هئا پوءِ ته ماڻهن کي به اهو شوق ٿي پيو جو ماڻهن جي وڏي انگ جو ڌيان انهي پاسي ٿي ويو. اڄوڪي دور ۾ غريب ضرورتمند عورتون پنهنجا زيور ڏئي رقم وٺن ٿيون. وياج جي رقم ايتري وڌيڪ هوندي آهي جو ادا ئي ناهي ٿي سگهندي. اڪثر پنهنجا معمولي زيور به هٿان وڄائيندا آهن. سرڪاري ملازمن جي بينڪ جو چيڪ بڪ صحيح ڪرائي رکيو ويندو آهي. هر مهيني جي پهرين تاريخ تي وياج خور بينڪ مان وڃي رقم ڪڍرائيندا آهن. هن رقم ڪڍرائڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو تنگ دستي جو به شڪار ٿي ويا آهن. پر وياج جي رقم ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. استادن جو وڏو انگ انهي وبا جو شڪار آهي جنهن سبب ذهني طور تي به پريشان رهن ٿا. وياج خورن هٿان پريشان حال استادن جو پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ شاگردن سان رويو به غير مناسب ٿئي ٿو. هو پنهنجي ذهني دٻاءَ سبب ٻارن کي اجايو ڪٽڪو ڏين ٿا.
جيڪڏهن جائزو وٺجي ته پتو پوندو ته وياج تي پيسو وٺڻ وارن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن تي ٻڌل آهي جيڪي پنهنجين خواهشن کي نظر ۾ رکندي پيسو وياج تي وٺن ٿا. اهڙي خواهش جيڪا غير پيداواري هوندي آهي. جن کي جيڪڏهن نظرانداز ڪجي ته انسان لاءِ ڪا ڏکيائي پيدا نه ٿيندي. ماڻهو خاص طور استادن پنهنجن غير ضروري خرچن ۾ پنهنجي آمدني کان وڌيڪ اضافو ڪيو آهي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ کين وياج خور جي در تي وڃڻو پوي ٿو. قسطن تي سامان ڏيڻ وارا ته گهٽي گهٽي گهمي پنهنجو سامان وڪرو ڪن ٿا ته ماڻهن کي وياج تي رقم وٺڻ جي دعوت به ڏين ٿا. هو سمجهن ٿا ته ماڻهو لالچي آهن هو انهن کان مهانگي اگهن تي وياج تي پيسا به وٺندا. هي ڪوريئڙي جو ڄار ناهي پر هڪ اهڙو ڄار آهي جنهن ۾ هڪ ڀيرو ڦاسڻ کانپوءِ ماڻهو ڏکيائي سان نڪري سگهندا آهن. اڪثر جو انجام صدام بروهي جهڙو ٿئي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *