تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ويساھه وڃايل قيادتون تبديلي آڻي سگھنديون!؟

2018ع جي اليڪشن کان پهريان پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراھه عمران خان، ان وقت جي نواز ليگ حڪومت يا ان کان اڳ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ آصف علي زرداري جي صدارتي دور تي سخت تنقيد ڪندو رهندو هو. 2013ع واري اليڪشن کي انجنيئرڊ اليڪشن ۽ فراڊ سڏيندو رهيو، ايتري قدر جو اليڪشن ۾ ڌانڌلين جو الزام هڻندي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ طويل ڌرڻو به هنيائين.
حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ، عمران خان قانون، انصاف، روزگار، ڪرپشن جي خاتمي يا اڻ ڌريئي احتساب ڪرڻ ۽ رياست مدينه جھڙي رياست قائم ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي عوام سان واعدا ڪندو ۽ کين سرسبز باغ ڏيکاريندو رهندو هو. عمران خان جي اهڙن واعدن ۽ سونهري خوابن جي ساڀيان جي آسري تي لڳي، ڏکن ۽ مصيبتن جو ماريل عوام تحريڪ انصاف کان انصاف ملڻ جون اميدون وابسته ڪري ويٺو. پر افسوس جو تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ ۽ عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ جي ٻن سالن کان پوءِ به، عوام جي مسئلن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گھٽتائي اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو رهي ٿو. پيٽرول، گئس، بجلي، کنڊ، اٽي ۽ انساني جانيون بچائيندڙ دوائن سميت روزمرھه جي استعمال وارين سمورين شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌاري عوام جي چيلھه ڀڃي وڌي آهي. قانون جي حالت اها آهي ته صحافين توڙي قومي ڪارڪنن سميت سچ ڳالهائيندڙ ۽ پنهنجو حق گھرندڙ ماڻهن کي بيگناھه زوري کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو اڳي کان به تيز ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جي جان ۽ مال محفوظ ناهي. ايتري قدر جو هڪ پاسي معصوم ٻارڙن سان زيادتين ۽ کين قتل ڪرڻ سميت راھه ويندڙ عورتن سان جبري طور جنسي ڏاڍاين جا واقعا عام ٿيندا پيا وڃن، ته ٻئي پاسي وري عوام کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ قانون جي رکوالن جا بيان عوام جون دليون آزارڻ ۽ متاثرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم ڏئي رهيا آهن. هڪ ڪروڙ بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏيڻ وارن واعدن کي به خيرن سان ٻه سال گذري چڪا آهن، اڃان تائين ڪنهن کي روزگار ته نه ملي سگھيو آهي، پر اڃان به لکين ماڻهن کي بيروزگار بڻائي سندن چلهن کي وسائي کين بکون ڪاٽڻ تي مجبور بنايو ويو آهي. ڪرپشن جي صورتحال اها آهي جو ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪنهن جي به هٿ وس ۾ ناهي يا ڪير ڪرڻ ئي نٿو گھري.
ڪجھه وقت اڳ ملڪ اندر کنڊ ۽ اٽي جي هٿرادو طور تي پيدا ڪيل بحرانن جا الزام وزيراعظم جي انتهائي ويجھن ساٿين تي لڳندا رهيا آهن. هاڻي ته اپوزيشن اڳواڻن پاران مٿين بحرانن ۾ خود وزيراعظم جو سڌي ريت ملوث هجڻ جون ڳالهيون به شروع ڪيون ويون آهن. پر نيب يا ڪو به ادارو انهن خلاف ڪو ريفرنس داخل ڪرڻ يا سندن نالو کڻڻ لاءِ تيار ناهي. جيتوڻيڪ عمران خان جي حڪومت ۾ شامل ڪيترن ئي وزيرن، مشيرن ۽ خاص معاونن جي خلاف ڪرپشن جا ڪيس پڻ داخل آهن، پر انهن جي ڪڏهن به ڪا پيشي ناهي ٿي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت جو احتساب صرف مخالف ڌر جي اڳواڻن خلاف ٿيندو رهندو کين هر آئي ڏينهن نيب يا ڪنهن ٻئي اداري جي آفيس ۾ گھرائي کين تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته پوءِ نه صرف اپوزيشن جون پارٽيون پر ملڪ جي عوام ۽ مختلف آزاد ذريعن کان وٺي عالمي ادارن تائين حڪومتي احتساب کي غيرشفاف ۽ انتقامي ڪاروايون ئي سمجھيو ۽ مڃيو ويندو.
ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جي هن ٻن ورهين واري عرصي ۾ ڪجھه حاصل ڪرڻ بجاءِ گھڻو ڪجھه وڃايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جنهن عوام جون تحريڪ انصاف جي حڪومت مان تمام گھڻيون اميدون لاڳاپيل هيون، اهي سموريون امنگون ٻن سالن جي عرصي دوران ڀورا ڀورا ٿي چڪيون آهن. موجوده حڪومت مان جيترو جلدي خلق خدا بيزار ۽ تنگ ٿي آهي شايد اڳ م ڪنهن حڪومت کان ٿي هجي. حالانڪه ملڪي عوام اهو چڱي طرح سمجھي ٿو ته هن کان پهريان وارا حڪمران انتهائي موقعي پرست، خود غرض، گروهي مفادن پٺيان ڊوڙندڙ، انتهائي ڪرپٽ ۽ بدعنوان هيا. عمران خان جي احتساب سڀني سان برابر واري شروعاتي بيانيي کي عوام پاران همدردي واري نظر سان ڏٺو پئي ويو ۽ عام ماڻهن جي اها دلي خواهش به هئي ته ملڪ جا اربين کربين روپيا لٽي کڻي وڃي ٻاهرين ملڪن ۾ اثاثا ٺاهيندڙ ڪرپٽ حڪمرانن ۽ سندن ڪارندن جو بيرحم احتساب ٿيڻ گھرجي. اهوئي سبب هيو جو نوازشريف ۽ مريم نواز جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ يا سندن گرفتاري کان پنجاب جو عام ماڻهو لاتعلق بڻيل رهيو ۽ ساڳئي طرح آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ يا گرفتاري کان عام سنڌي ماڻهو بلڪل پري رهيو پر سندن پارٽيءَ جا ڪارڪن توڙي تعلقن ۽ ضلعن جا عهديدار به ڪن لاٽار ڪندا رهيا، جنهنڪري سنڌ اندر ڪجھه شهرن ۾ معمولي احتجاج کان علاوه ڪٿي به ڪو اثرائتو احتجاج رڪارڊ نه ڪرائي سگھيا. ان جو سبب اهو آهي ته جڏهن سياسي پارٽيون عوام ۽ جمهوريت جي نالي تي، عوام جي ووٽ تي چونڊجي اقتدار ۾ اينديون آهن ته عوام جي فلاح بهبود ۽ عوامي ڀلائيءَ جا پروگرام ۽ پاليسيون جوڙڻ بجاءِ پنهنجن مفادن جي پورائي پٺيان ڊوڙنديون رهنديون آهن. ملڪ جو عوام ڀلي بنيادي ضرورتن کان محروم هجي. روڊ رستا ۽ پليون ڀڳل ۽ ٽٽل هجن، سمورو انفرااسٽڪچر تباهه برباد هجي، ماڻهو صاف پاڻي پيئڻ بجاءِ گٽرن جو ڪنو ۽ بدبودارپاڻي پيئڻ پيئندا رهن. عوام کي سرڪاري اسپتالن ۾ اسپرو جي ٽڪي به نه ملندي هجي، سرڪاري اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ۽ مال جا واڙا بڻيل هجن، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ قانون ۽ انصاف جا دوازا بند هجن، اهڙي اذيتناڪ ڪرب واري صورتحال ۾ ڪهڙي ماڻهوءَ جي دل چوندي ته اٿي ڪنهن جي لاءِ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي يا پنهنجي پٺيءَ تي پوليس جون لٺيون کائي. انڪري تحريڪ انصاف پاران شروعاتي ڏينهن دوران، اڳوڻن حڪمرانن جي خلاف ٿيندڙ احتسابي عمل تي عوام ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهي هو. پر هن وقت عمران خان جي عوام مخالف فيصلن، وڌندڙ بيروزگاري، مهانگائي، لاقانونيت ۽ انتقامي طور تي ڪيل هڪ طرفي احتسابي عمل کي سٺي نگاھه سان نه پيو ڏٺو وڃي.
باقي جيتري قدر پپپلزپارٽي جي ميزبانيءَ هيٺ اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي يارهن پارٽين تي مشتمل اي پي سي ۾ اڳواڻن (خاص طور تي نواز شريف) پاران ڪيل تقريرون بهترين ۽ حقيقتن تي مبني آهن. اي پي سي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن، اهي به ڏاڍا سٺا، سهڻا ۽ وزندار آهن. پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته مخالف ڌر جي پارٽين پاران پنهنجن ڪيل فيصلن تي ڪيتري قدر عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ ان عمل ۾ ڪيتري قدر سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ صدارتي اليڪشن، سينيٽ جي اليڪشن ۽ قومي اسيمبلي ۾ اهم قانون سازيءَ دوران مخالف ڌر جو اڪثريت ۾ هوندي به شڪست کائڻ وارن تجربن جي آڌار تي هن وقت اهو چئي سگھجي ٿو ته هاڻوڪي اي پي سي به پنهنجي زنده هجڻ جي احساس ۽ فوٽو سيشن کان علاوه ٻيو ڪجھه به ناهي. پر جيڪڏهن اي پي سي ۾ شريڪ اپوزيشن جون سڀئي پارٽيون پنهنجا سمورا ٻيڙا ساڙي ميدان تي لٿيون ته پوءِ ڪجھه ٿي سگھي ٿو. هن وقت مخالف ڌر جون پارٽيون جيڪو ڪجھه چاهن ٿيون، اهو سڀڪجھه حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گھڻو حوصلو، قربانيءَ جو جذبو ۽ هڪٻئي تي اعتماد ڪرڻ سان ئي حاصل ڪري سگھجي ٿو، جنهن جي في الحال تمام گھڻي کوٽ نظر اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي اپوزيشن خاص ڪري پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ عوام مان پنهنجو اعتماد ۽ ويساھه وڃائي چڪيون آهن. تنهنڪري عوام روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. انڪري عوام جي ويساھه ۽ عوام جي شرڪت کان سواءِ ويساھه وڃايل قيادتون ڪا به بنيادي تبديلي ناهن آڻي سگھنديون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *