Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_oobmppmful9ccd4rselg1clga5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي ذميواري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي ذميواري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي ذميواري

سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻندڙن جي نشاني تي آهي ،اغوا جون وارداتون وڌي رهيون آهن،قبائلي ۽ برادرين جي جهيڙن ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي ڏوهي وارداتن ۾ واڌ ٿي آهي ،اسٽريٽ ڪرائيم ،ڦر چوري ڌاڙي ۾ به اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ذاتي جهيڙن ۾ قتل جهڙيون وارداتون ۽ حملا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، انصاف نه ملڻ تي ماڻهو احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن عدالتن کان ويندي رستن تي متاثر ماڻهو دانهي رهيا آهن،جيڪڏهن ماڻهن کي انصاف نه ملندو ته قانون تان ماڻهن جو اعتماد کڄي ويندو،جنهن جي جهلڪ برادرين ۽ قبائلي جهيڙن جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي ايئن ٿو لڳي ڄڻ ماڻهن جو قانون ۽ انصاف تان اعتماد کڄي رهيو آهي ۽ انهن پنهنجا معاملا پاڻ نبيرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي.
آءِ جي سان پيش آيل واقعي کانپوءِ پوليس جي اداري طور خودمختياري ۽ آزادي بحث هيٺ آهي ته ڇا طاقتور ڌريون، حڪومتون۽ بااثر ماڻهو پوليس کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿيون جنهن ڪري اها پوليس اهڙي ڪارڪردگي نه ٿي ڏيکاري جنهن جي ان مان عام ماڻهو ۽ قانون تي ويساهه رکندڙ توقع ڪري رهيا آهن يا پوليس جي معاملن ۾ مداخلت سبب انهن جي پروفيشنل اهليت تي اثر پئجي رهيو آهي ۽ هو پنهنجو ڪم صحيح انداز سان ادا نه ٿي ڪري سگهي. پوليس تي سدائين سياسي ماڻهن، حڪومتن ۽ بااثرن طرفان پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو الزام لڳندو رهيو آهي پوليس کي هڪ فورس طور ڪڏهن به آزاد نموني ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو آهي ،ڪڏهن ڪنهن ضلعي جو ايس پي انهي ضلعي جي بااثر ڀوتار جي مرضي سان ٿو مقرر ٿئي ته ڪڏهن ڪنهن وزير جي خواهش تي ڪو ضلعي جو پوليس عملدار بدلي ٿي ٿو وڃي. ايئن هر دور ۾ هر حڪمران پوليس کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي روز کوڙ اهڙا سامهون اچن ٿا جن کي پوليس دٻاءَ سبب اڪلائڻ کان قاصر رهي ٿي جنهن ڪري انهي پوليس جي ڪارڪردگي تي سدائين سوال اٿندا رهن ٿا. حڪومتون برابر عوام جي ووٽ سان چونڊجي اچن ٿيون ۽ ادارن لاءِ پاليسيون ۽ قانون ٺاهڻ انهي حڪومت يا اسيمبلين جو ڪم آهي جڏهن ڪا سياسي حڪومت اهي قانون ۽ پاليسيون ۽ مول متا جوڙي ڇڏي ٿي ته انهي کان پوءِ ڪنهن به اداري يا فورس کي انهي قانون تحت ڪم ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏڻ گهرجي ته جيئن هو انهي قانون هيٺ پنهنجو ڪم ايمانداري سان سر انجام ڏين، پر اسان جي بدقسمتي آهي ته قانون ۽ پاليسيون ته ڀليون ٺهي وينديون آهن ۽ اهي موجود به هوندا آهن پر اهي رڳو ڪاغذن تائين محدود هوندا آهن عملي طرح ڄڻ ته پوليس وري به انهن ئي سياسي ماڻهن ،ضلعي جي بااثر ڀوتارن يا طاقت رکندڙ ڌرين جي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي ۽ قانون بدران انهن جي مرضي تي هلڻ شروع ڪندي آهي جنهن جا نتيجا اهي آهن جو بدامني ۽ ڏوهه ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن.
اسان سمجهون ٿا ادارن جي آزادي سان ڪم ڪرڻ واري روش ئي معاملن کي بهتري طرف وٺي وڃي سگهي ٿي، پوليس به ڪنهن سياسي دٻاءَ يا طاقت آڏو جهڪڻ بدران قانون تي هلندي پنهنجي ذميوارين تي ڌيان ڏئي جيئن بدامني جي وڌندڙ بلا کي منهن ڏئي سگهي ۽ صوبي جو عوام سک سان ۽ بنا ڪنهن فڪر جي پنهنجو ڪاروهنوار جاري رکي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *